سياست قربان ڪري رياست کي بچايو

توفيق لنڊ‎‎
اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان هن وقت سنگين حالتن مان گذري پيو معشيت جو جنازو نڪري رهيو آهي سياستدان پنهنجي سياسي ٽياڪاڙي ۾ معشيت کي بهتر ڪرڻ لا۽ پاڻ ۾ گڏجي رياست کي بچائڻ لا۽ ڳالهيون ڪرڻ لا۽ تيار ناهن ميثاق جمهوريت آئين قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڪرڻ هي نعرو هي تشریح سياستدانن کان ٻڌو ويندو آهي پر هن وقت ته اقتدار ۾ ويٺل اهي سياستدان جن پاڪستان جي آئين جي حفاظت ملڪ ۾ قانون ۽ عدل انصاف معشيت کي بهتر ڪرڻ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لا۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان حلف کڻندا آهن ته پنهنجي ڪمن جي سرانجامي ايمانداري پنهنجي انتهائي صلاحيت ۽ وفاداري سان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي دستور ۽ قانون ۽ هميشھ پاڪستان جي خودمختياري سالميت مضبوطي ۽ بهبودي ۽ خوشحالي خاطر اسلامي نظریہ کي برقرار رکڻ ملڪ جي خدمت لا۽ هر وقت ڪوشان رهنداسين پر اڄ هر شئي جي ابتڙ آهي ڪٿي به آئيني اصولن جي بنياد تي صحيح معني ۾ ڪجھ به نٿو ٿئي ملڪ ۾ موجودہ سياسي صورتحال تمام ڏکيو هلي رهيو آهي ٻنهي پاسي سياسي جنگ هلي رهيو آهي اهو سياسي جنگ هڪٻئي خلاف صرف انتقام جي گولاباري هڪٻئي مٿان آهي ڪٿي به سياسي استحڪام نظر نه پيو اچي ملڪ ۽ عوام جي بهتري لا۽ سوچڻ بدران هن وقت سياستدان ڊگهي وقت تائين اقتدار سنڀارڻ لا۽ سياستدان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن اهيو آخر ڇو؟ ڇا سياسي اختلافات جي جنگ صرف هڪ ٻئي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تائين محدود آهن ڪٿي به اهو آئيني ادارو نظر نه پيو اچي جيڪو ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لا۽ ڪجھ مفيد سياسي ٽياڪاڙو جوڙي هڪ ٻئي کي سياسي مخالف سمجهندڙ سياستدان پاڻ ۾ ويهي ملڪ جي مفادات لا۽ ڪجھ سوچن پر صرف سياسي اختلافات جي جنگ پئي هلي اها ڪڏهن به ملڪ ترقي نه ڪندي جٿ پارليماني سياست صرف ضد ڪاوڙ ،نفرت سياسي دشمني جي بنياد تي رياست جا فيصلا ڪيا وڃن جيڪي معشيت جمهوري نظام ۾ ملڪي مفادات لا۽ صحيح ناهن هي اهي حڪمران اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن جيڪي عوام جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ ايندا آهن پر عوام جي ڏکن جي سار لهڻ لا۽ سياستدانن کي شايد ٽائيم ناهي هن وقت اقتدار ۾ رهندڙ اهي 12جماعتون جيڪي عوام جي ڀلائي ملڪ جي معشيت کي بهتر ڪرڻ لا۽ ابوجھ عوام کي گهمرا ڪري عمران سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو پر افسوس سان هن وقت ۾ ملڪ ۾ ڇا ٿئي رهيو آهي ان مان هر پاڪستاني عوام واقف آهي ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي ملڪ ۾ مهانگائي ان سمنڊ جي تيز ڇولين وانگر وڌي رهي آهي ۽ پاسي معاشي حالات به مڪمل نازڪ صورتحال ٿيڻ سبب ملڪ ڏيوالپڻ جو شڪار ٿي رهيو آهي آخر هن مصيبت مان عوام ۽ ملڪ کي هن دنجل مان ڪير ڪڍندو اها ويچاري عوام جيڪا اٽي لپ جي ڪاڻ پريشان آهي ان پريشاني کان عوام کي ڪير ڪڍي سگهندو آئون سمجهان ٿو هي اقتدار ۾ ويٺل حڪمران چاهين ٿا ته اسان اقتدار ۾ ويٺا هجون چاهي ملڪ آڪسيجن تي هلي پر اقتدار ناهي ڇڏڻو عوام جي بهتري لا۽ روز عوام جي اکين تي ڌوڙ وجهي انهن کي رليف ڏيارڻ لا۽ ٺلا دلاسا ڏئي ويٺا آهن حڪمرانن جي غلط پاليسين تي حيرت ۽ افسوس ئي غم ڪرڻ کانسوا۽ ٻيو ڪجھ ڇا ٿو چئي سگهجي حڪمرانن کي پنهنجي سياست قربان ڪري ڪجھ رياست ۽ عوام جي مفادات لا۽ حڪمرانن کي گڏ ويهڻو پوندو عوام جي ڏکن اهنجن جو سار لهڻو پوندو ٻئي صورت ۾ هن بدحالي کي روڪڻ شايد حڪمرانن جي وس کان به هليو ويندو ان صورتحال ۾ ان سگهارين قوتن کي به سوچڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو