سرڪار جو عوام تي ڪيل پيٽرول بم حملو، اسماعيل لانگاهه

پاڪستان جي موجوده حُڪمرانن جي غلط ۽ تڪڙن  فيصلن سبب هيئنر عوام انتهائي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڪڏھن کنڊ اٽي جو ھٿرادو بُحران, ته ڪڏھن تيل جي قيمتن ۾ واڌ ملڪ جو غريب عوام جيڪو وائرس جي وبا ۾ اڃا لوڙي رهيو آهي ته تن مٿان وري تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري وفاقي حڪومت تيل مافيائن کي اربين رپيا منافعو ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي معاشي تنگين کي منهن ڏيندڙ ماڻھن کي مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. جتي ڪورونا وبا ۾ ڦاٿل دنيا جا هڪ ٻئي سان ڪاروباري, معاشي, توڙي فضائي رابطا ڪٽجي وڃڻ کانپوء سڀ کان وڏو اثر تيل جي صنعت مٿان پيو جنهن جو فائدو خاص طور غريب ملڪن کي پيو جنهن مان پاڪستان جي تيل ڪمپنين ۽ حڪمرانن ته مال ڪمايو پر عوام کي ڪوبه فائدو نه پهچايو ويو, گذريل مهيني تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ بعد تيل ڪمپني مافيائن حڪمرانن جي حُڪم تي ذري برابر به عمل نه ڪيو ويتر پئٽرول پمپ پوري ملڪ اندر بند ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو اسان جي ملڪ جي مافيائن مٿان اعلي سطحي طور مڙهيل فيصلن جو نقصان صرف غريب عوام کي ڀوڳڻو پيو آهي اسان جي ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽ وڌائي وارا فيصلا هر مهيني جي پهرين تاريخ تي ٿيندا رهندا آهن پر هن ميهني جي پهرين تاريخ کان چار ڏينهن پهرين  تيل جي قيمتن ۾ واڌ وارو تاريخي فيصلو هڪڙي ئي ڌڪ ۾ 25 رپيا واڌئي  عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون  آهن ڳالھ سمجھ کان ٻاهر ٿي وئي آهي ته عوام سان ويڌن ڪڏھن بند ٿيندو, تيل جون قيمتون جڏھن گهٽجن ته به نقصان عوام کي  جڏھن تيل سستو ٿيو  ته پئٽرول مافيا حڪومت جي اعلان کي کنگهيو ئي ڪون مورڳو پمپ بند ڪيا ويا وزير اعظم صاحب پئٽرول پمپ مالڪن خلاف اعلان ته ڪري ويٺو جلد ڪاروائي ڪئي ويندي پر ان تي عمل ئي اڃا ڪون ڪيو ويو ته مٿان وري ڪريل قيمتون ساڳي پوزيشن تي آڻي بيهاري وزير اعظم عمران خان ٻنهي طرفن کان عوام کي بيوقوف بڻائي ۽ تيل مافيائن کي ڪروڙين رپين جو منافعو ڏئي ڇڏيو آهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪٿي به اهڙا تڪڙا فيصلا ناهن ٿيندا جهڙي ريت اسان جي ملڪ ۾ ٿيندا رهن  ٿا ملڪ جي گادي واري شهر مان ٿيندڙ تڪڙا فيصلا عوام سان مذاق سمجهيا پيا وڃن جيڪو بلڪل حقيقت ئي آهي ته آڌي رات جو فيصلا تيار ڪري عوام مٿان مڙهيا وڃن ٿا صبح جو هڪڙا رات جو ٻيا فيصلا عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ بجاء پنهنجا من پسند فيصلا  ڪري ملڪ جي غريب عوام لاء ڪڏھن اٽي جو بُحران, ڪڏھن کنڊ جو بُحران ڪڏھن بجلي جو بُحران, ته ڪڏھن وري تيل جو بُحران آخر عوام کي ڪهڙن عملن جي سزا ڏني وڃي ٿي تيل قيمتن تي ڪنٽرول لاء ملڪ ۾ اوگرا نالي هڪ وڏو ادارو به موجود آهي جنهن کي اُھي اختيار پڻ ڏنل هُجن ٿا ته هو سرڪاري اگهن تي تيل جي قيمتن جي خريد ۽ فروخت کي يقيني بڻائي پر سرڪار جي تازن فيصلن تي شايد هُن کي به خاموش رهڻ لاء سائيڊ رکيو ويو آهي اوگرا جي اها ذميواري آهي ته هو عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽ وڌاءُ ڏسي سرڪار کي تيل قيمتن ۾ ڪمي يا واڌ جون سفارشون موڪليندي آهي پر هن فيصلي تي شايد سرڪار کي اوگرا نه پر تيل مافيائن جي سفارش جو انتظار هو جنهن مهيني جي پهرين کان ئي پنج ڏينهن پهرين هڪ ئي ڌڪ ۾ تاريخي فيصلو ڏئي عوام کي اهو ٻُڌائي ڇڏيو آهي ته فيصلن ۾ تبديلي ايئن ايندي آهي موجوده حڪومت جي فيصلن کي وڏا ۽ سلجهيل ۽ باشعور ماڻھون ته چڱي طرح ڄاڻي ويا آهن پر هاڻي ٻار به اهو چوڻ تي مجبور آهن ته موجوده تبديلي سرڪار واقعي اهڙي تبديلي آندي آهي جيڪا ستر سالن ۾ ناهي آندي وئي, اٽو گُم کنڊ گُم, تيل گُم,بجلي گُم ۽ ھاڻي واري سيمينٽ گُم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي موجوده حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ هن وقت وڏي  افراتفري جي ورچڙھيل آهي سياسي بُحران سميت مهانگائي جي بُحران ملڪ ۾ وڏن مسئلن کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي پي ٽي آء قيادت پنهنجي حڪومت خلاف اندروني طور وزير اعظم جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ مصروف عمل آهي هن وقت ملڪ جي وڏن وڏن سياسي عمائدين طرفان اهي خبرون اچي رهيون آهن ته موجوده حڪومت جا هاڻي ڏينهن پورا ٿي چُڪا آهن سرڪار اتحادين کي پرچائڻ بجاء پنهنجي مافيائن کي خوش ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

file photo

وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جو عذر ڄاڻائي ڪورونا جي وبا سان منهن ڏيندڙ ملڪ جي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائيندي في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ 25 رپيا 58 پئسا، في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 21 رپيا 31 پئسا، في ليٽر گاسليٽ تي 23 رپيا 50، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر تي 17 رپيا 84 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي، وفاقي سرڪار ۽ خود وزير اعظم جي بيوسي ۽ مجبوري تڏھن محسوس ٿي ۽ ڏسڻ ۾  به آئي ته مئي مهيني ۾ جڏھن تيل جون قيمتون گهٽايون ويون ته پئٽرول کي مافيائن عوام تائين رسائي لاء بلڪل بلاڪ ڪري ڇڏيو, ۽ وزير اعظم ويچارو تڙ تڪڙ ۾ پئٽرول مافيائن خلاف  ڪاروائي لاء اعلان ته ڪري ويٺو پر ان تي اڃا عمل ئي نه ڪيو ويو ته هن تازي فيصلي سان عوام جا سڀ خواب چڪنا چور ٿي ويا تيل دنيا جي انهن عوامي ضرورت وارين شين ۾ شامل آهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ اثر عوام تي ٿيندو رهيو آهي جڏھن سرڪار ۽ تيل مافيائون هڪ پئسي جو به نقصان برداشت نٿيون ڪري سگهن ته آخر ملڪ جي عوام سان هي ظلم ڇو ٿو ڪيو وڃي اگر عوام کي منافعي بخشڻ  جي سرڪار ۾ وصيت ناهي ته عوام کان کسڻ جو حق به ناهي وفاقي حڪومت پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪيل غير معمولي واڌ لاڳو ڪري، اهڙي واڌ موجوده صورتحال ۾ ڪورونا ۽ بيروزگاري جي صورتحال کي منهن ڏيندڙ عوام مٿان مهانگائي ۽ پيٽرول بم اڇلائڻ برابر آهي. وزيراعظم عمران خان پاران ٻن کان وڌيڪ ڀيرا مامرو ڪابينا ۾ زير غور آڻڻ ۽ پيٽرول جي کوٽ بابت لڳاتار هدايتون جاري ڪرڻ باوجود وزيراعظم ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو موجوده سرڪار جي ٿيل فيصلن کي هر باشعور سياسي توڙي سماجي ماڻهون مذاق ئي سمجهي ٿو, جنهن سرڪار جو وزير اعظم خود بيوس هجي ان ملڪ جي مافيائن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء عوام کي خود فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي مترادف آهي آخر عوام جي ضرورت وارين شين جي کوٽ ڪندڙ عنصرن کي ايترو ڇوٽ ڇو ٿو ڇڏيو وڃي جيڪي جنهن مهل چاهين غريب عوام سان ظلم شروع ڪري ڇڏين ٿا, هن وقت پي ٽي آء سرڪار جي ڪارڪردگي مان عوام بلڪل مايوس آهي, حڪمرانن کي اها خبر به ضرور آهي هن ملڪ ۾ ڪيترا وسيلا موجود آهن ۽ مهانگائي پيدا ڪرڻ سان غريبن تي ڪيترو اثر پوندو, تيل جي قيمتن تي ملڪ جي مخالف ڌُر جماعتن پاران آل پارٽيز ڪانفرنس وسيلي وزيراعظم خلاف محاذ جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي هونئن ئي به موجوده پي ٽي آء سرڪار جيڪا سخت اختلافن جو شڪار  پڻ آهي  تنهن خلاف  جيڪڏھن مخالف ڌُر  مضبوط  محاذ جوڙي جند ڇڏائي سگهي ٿي پر جي نه ته ملڪ ۾ اڪثريت ۾ رهندڙ غريب طبقي جون حالتون ويتر خراب ٿي سگهن ٿيون موجوده سرڪار ملڪ کي رياست مدينه بڻائڻ جي چڪر ۾ غريبن تباه ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا تاريخ جي بدتر حڪمراني واري دور جا اُھڃاڻ آهن جنهن لاء دعوائون هڪڙيون ڪيون ويون ڪم ٻيا ٿي رهيا آهن وزير اعظم سميت تمام حڪومتي اتحادين کي گهرجي ته موجوده حالتن ۾ مفادن خاطر  مافيائن نه پر غريب عوام کي راضي ڪرڻ جي ضرورت آهي                                                                                                                                        

پهنجو تبصرو موڪليو