جشن عيد ميلادالنبي خوشين جو موقعو آهي، عبد الفتاح عباسي

حضرت عباس رضي الله عنه فرمائي ٿو ته ” هڪ ڏينهن مون حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت اقدس ۾ عرض ڪيو ته مون حضورسائين جي ننڍپڻ ۾ هڪ ڳالهه ڏٺي هئي،جا اوهان جي نبوت جو دليل به هئي ۽ منهنجي مسلمان ٿيڻ ۾ انهي کي وڏو دخل آهي ۽ اها ڳالهه آهي ” مون اوهان کي ڏٺو ته پينگهي ۾ چنڊ سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا۽ جنهن طرف اوهان آڱر جو اشارو ڪيو ٿي چنڊ به انهيءَ طرف ويو ٿي.“ حضور صلي الله عليه وسلم فرمايو ته آئون چنڊ سان ڳالهيون ڪندو هوس، هو مون سان ڳالهيون ڪندو هو ۽ مون کي روئڻ کان ريجهائيندو هو ۽ آئون ان جي لهڻ جو آواز ٻڌندو هوس،جڏهن هو عرش جي هيٺان سجدو ڪندو هو“.حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه فرمايو ته مون آخري ڀيرو حضور صلي الله عليه وسلم ڏانهن نظر ڪئي جو سومر جي ڏينهن دروازي تان پردو کولي ڇڏيائون پوءِ مون حضور پر نور صلي الله عليه وسلم جن جي نوراني منهن مبارڪ ڏانهن ڏٺو ” ڄڻ ته قرآن شريف جو ورق آهي.“ حديث پاڪ ۾ حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه روايت ڪن ٿا ته حضور صلي الله عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته بارگاهه ربيءَ ۾ ٻه ٻانها بيهاريا ويندا. انهن کي الله تعالي! جنت ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم فرمائيندو.هي ٻئي ٻانها عرض ڪندا يا الله ڪهڙي شيءِ اسان کي جنت جي لائق ڪيو آهي ؟ حالانڪ اسان ڪو به نيڪ عمل ڪو نه ڪيو آهي ،فقط تنهنجي رحمت سان جنت جا اميدوار هئاسون تنهن تي الله عزوجل فرمائيندو ” توهان جنت ۾ داخل ٿي وڃو انهيءَ جي لاءِ مون کي پنهنجي ذات جو قسم آهي جو مون پاڻ تي لازم ڪيو آهي ته جنهن جو نالو ”احمد“ يا ” محمد“ آهي ان کي جهنم جي باهه ۾ نه وجهندس.

ابد کان ازل تائين اهو واضع آهي ته يارسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت ئي الله جي خوشنودي جو واحد ذريعو آهي.الله سائين جنهن تي راضي ٿئي ٿو ته ان کي پنهنجي محبوب سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم جي بي انتها محبت عشق عطا ڪري ٿو.اهو محبت عشق وارو جام جن جن ماڻهن کي نصيب ٿي وڃي ٿو اهي لازوال نعمتن جا حقدار بڻجي وڃن ٿا.الله جي رضا جا طالب ئي الله جي محبوب آقاءِ دو جهان رحمت عالميان حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم سان بي انتها محبت ڪندي  پنهنجي تن،من۽ ڌن قربان ڪري حقيقي زندگي جو لطف حاصل ڪن ٿا ۽ اهي خوش نصيب ماڻهو ئي ايمان جي ڪامل درجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.

ساري جڳ ۾ جانب لاءِ جنسار ٿي ويا،

محمد ﷺ اچي ويو ٻيڙا پار ٿي   ويا.

شاعرن جي سر تاج حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي پنهنجي شعر ۾ چيو آهي ته ،

طالب ڪثر سونهن اي روميءَ جي رهاڻ ،

پهريون  وڃائڻ  پاڻ  پسڻ پوءِ  پرين جو.

ام المو منين حضرت بيبي عائشه صديقه رضي الله عنها حضور صلي الله عليه وسلم کان ۽ حضور سائين جن وري جبريل عليه السلام کان روايت ڪئي آهي ته جبريل عليه السلام چيو ته ”آئون مشرق ۽مغرب ڦريو آهيان پر ڪو به شخص حضرت محمد مصطفيٰ کان وڌيڪ افضل ڪو نه ڏٺم. حضرت ابو هريره رضي الله عنه فرمائي ٿو ته مون حضور صلي الله عليه وسلم کان وڌيڪ ڪا به شيءِ حسين و جميل ڪا نه ڏٺي ڄڻ ته حضور پر نور صلي الله عليه وسلم جي نوراني منهن مبارڪ ۾ سج هلي رهيو آهي.۽ مون ڪو به شخص حضُور صلي الله عليه وسلم لاءِ زمين ويڙهجي رهي آهي .اسان پنهنجي جان کي هلڻ سان تڪليف ۾ وجهندا هئاسون ۽ حضور صلي الله عليه وسلم ڪا به پرواهه نه ڪندا هئا. هڪ حديث پاڪ ۾ حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه فرمائي ٿو ته ” مون حضور صلي الله عليه وسلم کي ارشاد فرمائيندي ٻڌو پاڻ فرمايائون ته توهان مان ڪو به شخص تيستائين ڪامل مومن ٿي نٿو سگهي جيستائين مون کي پنهنجي پيءُ اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ پيارو نه سمجهندو.“حضرت فضل بن عباس رضي الله عنه فر مائي ٿو ته جڏهن حضور پر نور حيات النبي صلي الله عليه وسلم کي قبر انور ۾ رکيو ويو ته مون آخري ديدار جي ارادي سا سندن نوراني منهن مبارڪ جي زيارت ڪئي .جڏهن مون ڏٺو ته سندن چپ مبارڪ چري رهيا هئا ! ته مون پنهنجي ڪنن کي ويجهو ڪري ٻڌم ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمائي رهيا هئا ” اللهم اغفر الامتي “ اي الله ! منهنجي امت کي بخش.“ مون هي ڳالهه سڀني حاضرين کي ٻڌائي ته ايتري قدر امت تي شفقت ڏسي سڀئي عجب ۾ پئجي ويا.“ محمد ڪي محبت دين حق ڪي شرط اول هي ، اسي مين هو اگر خامي تو سڀ ڪجهه نا مڪمل هي. هراهو شخص جنهن کي الله پاڪ ايما ۽ عقل فهم جي دولت سان نوازيو آهي اهو يقين سان ڄاڻي ٿو ته محبت يا رسول الله صلي الله عليه وسلم ايمان جو روح آهي.انهيءَ لاء قرآن پاڪ ۾ الله پاڪ فرمايو آهي ته ” قل ان ڪنتم تحبون الله يحببڪم الله “ ترجمومفهوم منهنجا حبيب توهان فرمايو ته اي انسانو، جيڪڏهن توهان الله پاڪ سان محبت رکو ٿا ته منهنجي اتباع ڪريو، پوءِ الله به توهان سا محبت ڪندو.“ترجمو مفهوم. اي نبي بيشڪ اسان توهان کي موڪليو شاهد و مبشرو نذير بڻائي.جيئن اي انسانو توهان الله ۽ انجي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم و توقير ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله جي پاڪي ڪيو.ِثابت ٿيو ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعظيم،توقير عين ايمان بلڪ روح ايمان آهي ۽ هن پر فتن دور ۾ جڏهن ماڻهن جي دلين مان حضور سيد عالم صلي الله عليه وسلم جي محبت ،عظمت نڪرندي پئي وڃي ته نهايت ضروري ۽ لازم آهي ته مسلمانن جي دلين قلوب ۾ سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي سچي عقيدت، محبت ۽ عزت و عظمت پيدا ڪئي وڃي.ترجمو.. ذڪر انبياءَ عبادت آهي ۽ ذڪر صالحين ڪفاره ڇوٽڪارو آهي.جڏهن انبياءَ ۽ اوليا ڪرام جو ذڪر عبادت ۽ گناهن کان ڇوٽڪارو آهي ته پوءِ حضور سيد الانبياءَ و المرسلين حبيب رب العالمين حضرت محمد مصطفي! صلي الله عليه وآله وسلم جو ذڪر ڪيڏي وڏي درجي جي عبادت ۽ باعث رحمت برڪت ۽ گناهن کان ڇو ٽڪاري جو سبب هوندو .آقا مدني لڄپال، مدني منٺار صلي الله عليه وسلم جو ذڪر مبارڪ سرمايه ايمان ۽ تسڪين دل و جان آهي.    

نثار   تيري   چهل   پهل   پر   هزار  عيدين      ربيع الاول،

سوائي ابليس ڪي جهان مين سڀهي تو خوشيان منارهي هين.

ٻارهين ربيع الاول مسلمانن لاءِ عيدين جي به عيد آهي يقينن حضور سيد عالم صلي الله عليه وسلم دنيا ۾ بحر ۽ بر جا بادشاهه بڻجي جلوه گر نه ٿيا هجن ها ته نه ڪا عيد عيد هجي ها نه ڪا رات شب برات بلڪ ڪائنات جي سڄي رونق ۽ شانان جان جهان ، رحمت عالميان ،محبوب رحمان صلي الله عليه وسلم جي قدمن جي مٽي جو صدقو آهي.جڏهن ابو لهب مري ويو ته ان جي ڪجهه گهر ڀاتين کيس خواب ۾ بري حال ۾ ڏٺو پڇا ڪئي ، ڇا مليو ؟ چيائين ، توهان کان جدا ٿي مون کي ڪو خير نصيب ناهي ٿيو پوءِ پنهنجي آڱوٺي جي هيٺان موجود سوراخ ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو ، سواءِ هن جي جو مون کي هن مان پاڻي پياريو ويندو آهي ڇو ته مون ثو يبه ٻانهيءَ کي آزاد ڪيو هو . هن روايت جي تحت سيدنا عبد الحق محدث دهلوي رحمت الله عليه فرمائن ٿا .هن واقعي ۾ميلاد شريف وارن لاءِ وڏو دليل آهي جيڪي تاجدار رسالت محبوب ڪبريا صلي الله عليه وسلم جي ولادت واري رات خوشيون ملهائيندا آهن ۽ مال خرچ ڪندا آهن يعني ابو لهب جيڪو ڪافر هو جڏهن اهو تاجدار نبوت صلي الله عليه وسلم جي ولادت جي خبر ٻڌي خوش ٿيڻ ۽ پنهنجي ٻانهي ( ثويبه) کي کير پيارڻ سبب آزاد ڪرڻ جو بدلو ڏنو ويو ته ان مسلمان جو ڇا حال هوندو جيڪو محبت ۽ خوشين سان ڀريل آهي ۽ مال خرچ ڪري رهيو آهي پر هي ضروري آهي ته ميلاد شريف جي محفل گانن باجن ۽ موسيقيءَ جي آوازن کان پاڪ هجي.هڪ عالم صاحب فرمائن ٿا ته الحمد لله مون کي خواب ۾ تاجدار رسالت شهنشاهه نبوت صلي الله عليه وسلم جي زيارت ٿي ته مون عرض ڪيو، يا رسول الله صلي الله عليه وسلم ڇا توهان کي مسلمانن جو هر سال توهان جي ولادت مبارڪ جون خوشيون ملهائڻ پسند آهي؟ ارشاد فرمايائون ،جيڪو اسان کان خوش ٿيندو آهي اسان به ان کان خوش ٿيندا آهيون.    

وه جو نه تهي تو ڪڇهه نه تها وه جو نه هون تو ڪڇهه نه هو،

جان  هين  وه  جهان    ڪي،     جان  هي  تو  جهان   هي.

پهنجو تبصرو موڪليو