آمريڪا ۽ چين ۾ سڪسٿ جنريشن جنگي جھازن جو مقابلو

عمر فاروق / دفاعي تجزيه ڪار

پنهنجي هوائي فوج جي لاءِ ڇهين نسل جو راڊار تي نظر نه ايندڙ ۽ ڳجهي ٽيڪنالوجي يعني ”اسٽليٿ“ جنگي جهاز جي تياري ڇا آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ جديد جنگي هٿيارن جي نئين ڊوڙ ۽ مقابلي جي شروعات آهي. صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي شروعات  ٿئي وئي آهي. جون 2021 ۾ آمريڪا جي هوائي فوج اهو مڃيو هو ته (ڇهين نسل) جي جنگي جهاز  ”نيڪسٽ جنريشن ايئر ڊوميننس“ (اين جي اي ڊي) شاهڪار نظام جو استعمال ايندڙ 10 سالن جي عرصي ۾ شروع ٿي ويندو. آمريڪا جي هوائي فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيو برائون جونيئر هائوس آرمڊ سروس ڪميٽي کي ٻڌايو ته هي نئو ن۽ جديد ترين جنگي جهاز ايف 22 ريپٽر جي متبادل طور استعمال ٿيندو ۽ هي ڪيترن ئي قسمن جا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو اهل آهي.مالي سال 2022 جي بجيٽ جي سلسلي ۾ هوائي فوج جي سربراھ ٻڌايو ته هن جنگي جهاز جو بنيادي مقصد آسمان ۾ آمريڪا جي برتري کي قائم رکڻ ۽ گڏوگڏ جنگي جهاز زمين تي به نشانو ڪرڻ جي صلاحيت کي برقرا رکڻ آهي.

Photo Courtesy BBC

برائون چيو ته اين جي اي ڊي ويڙهاڪ  جهاز22 جو دائرو وسيع ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ اڳ کان وڌيڪ هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت به موجود آهي جنهن سان ان جي انڊو پيسفڪ (هندي سمنڊ، ايشيا کان آسٽريليا ۽ مشرقي آمريڪا) جي حدن تائين وڏي مفاصلي تائين نشانو بنائڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن جهاز جي ڪم ڪرڻ جو نظام فيملي سسٽمز وانگر ٺاهيو ويو آهي جنهن کي بغير پائليٽ، جهازن جي ٽولي سان گڏ دشمن تي حملي ڪرڻ جي صلاحيت کي تباه ڪرڻ، اليڪٽرانڪ حملي جهڙا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ آهي ۽ وڌيڪ هٿيار هلائڻ جي مشين وانگر به استعمال ڪري سگھجي ٿو. پر آمريڪا جا اهلڪار چون ٿا ته هن جو بنيادي سرشتو هوائي جهاز وارو ئي آهي. انڊوپيسيفڪ علائقي ۾ چيني هوائي ۽ زمين کان زمين تي نشانو بڻائڻ وارن ميزائل طاقت جي وڌندڙ خطرن جي مقابلي لاءِ آمريڪا هٿيارن جي نظام جي منصوبه بنديءَ ۾ مصروف آهي. چيف آف اسٽاف براءِ اسٽراٽيجي، انٽيگريشن ۽ ريڪوائرمينٽس ليفٽيننٽ جنرل ايس ڪلنٽن هائي نوٽ مئي جي مهيني ۾ چيو هو ته جديد چيني جهازن ۽ وڏي مفاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن جي ”نيڪسٽ جينريشن چيلنج“ جي باري ۾ جيترواسان سوچو هو هي ان جي ويجھو آهي.هن جو چوڻ هو ته پري تائين مار ڪندڙ جنگي جهازن جي باري ۾ ٻڌائڻ ”ٽرانسپرنسي“ مهم جو حصو آهي جنهن جو مقصد ڪانگريس کي چين جي طرفان ممڪن خطرن جي باري ۾ ٻڌائڻ ۽ هڪ اهڙي طاقت جي طرف تيزيءَ سان وڌڻ جو احساس ڏيارڻ آهي جيڪو ان صورت حال کي منهن ڏئي سگھي. هاءِ نوٽ چيو ته ”يقينن اهڙو وقت ويجھو اچي رهيو آهي جتي جي 20 جھڙا جديد طرين ميزائل آمرڪا جي سبقط لاءِ خطرو ثابت ٿي سگھن ٿا. جي 20 چين جو پهريون اسٽيلٿ (ريڊار ۽ جديد آلات سان نه ڏسجي سگھڻ وارو) جنگي جهار آهي جيڪو هن وقت چين استعمال ڪري رهيو آهي. هاءِ نوٽ چيو ته هن چيني جهازجي مقابلي لاءِ اسان وٽ به هٿيارهجڻ گھرجي. چيني هوائي فوج جي سربراھ جي آمريڪي ھم منصب سان لفظي جنگ پهريان ئي شروع ٿئي وئي آهي. گذريل سال چين جي سڀ کان مشهور انگريزي اخبار گلوب ٽائمز شائع ڪيو ته چين سڪسٿ جنيريشن جنگي جهازن جي عالمي ڊوڙ ۾ پوئتي نه رهندو ۽ 2035 تائين پنهنجا نيڪسٽ جنريشن جنگي جهاز ٺاهڻ جي قابل ٿي ويندو.چيني جنگي جهاز جي هڪ ماهر وينگ هيفنگ جو چوڻ آهي”چين جو سڪسٿ جنريشن جنگي جهازَ 2035 تائين جنگ لاءِ ميدان ۾ لاٿا ويندا. وينگ هيفنگ چينگدو ائير ڪرافٽ ريسرچ ۽ ڊزائين انسٽيٽيوٽ ۾ چيف آرڪيٽيڪٽ آهي جنهن جي 20 ۽ جي 10 جي تياري ۾ به حصو ورتو هو. جوزيان سي نيشنل ڊيفنس انڊسٽريز تي شايع ٿيندڙ آرڊيننس انڊسٽري سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي هدايتون ڏيندي، مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيلي جينس)  ۽ ايروڊائينيمڪ ( هوا جي تيزي کي گھٽ ڪري تيز اُڏام جي صلاحيت واري) ڊيزائن جي ذريعي وڏي درجي جي اسٽيلٿ صلاحيت شامل آهي.وينگ ٻڌايو ته ليزر،ايڊاپٽيو(هڪ ئي وقت تيز ۽ سست رفتار سان جنگ وارو) انجنز، هائپير سانڪ اسلحو ( آواز کان چار يا پنج دفعا وڌيڪ رفتاري سان سفر ڪرڻ وارا هٿيار) ۽ سوارم وار فيئر(گڏيل حملي جي هڪ جنگي چال) جهڙيون نيو ٽيڪنالوجيز به هن نئي جهازجو حصو هونديون. چين انهن مان ڪجھ خاص فيچرز کي پسند ڪندو ۽ انهن کي چين جي ضرورت جي حساب سان شامل ڪندو.ٻنهي سپر پاور هوائي  فوج جي طرفان سڪسٿ جنريشن جنگي جهازن جي تياري جي باري ۾ پاڪستاني ماهرين ڇا ٿا چون؟

اسلام آباد ۾ رهندڙ دفاعي ماهر شاهد رضا بي بي سي سان ڳالائيندي ٻڌايو ته چين جي پنجين جنريشن جي 20 جهازن جي هاڻوڪي تياري کان آمريڪا هوائي فوج خاص مقصد تحت هي جهاز ٺاهي رهي آهي.هو چوي ٿو ته چين جهڙي روايتي حريف جي مقابلي ۾ سڪسٿ جنريشن ٽيڪنالوجي جو استعمال هوائي قبضو يا برتري حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. شاهد رضا ٻڌايو ته هي جهازَ اڪثر ڪري آمريڪا جي اندر ئي استعمال ۾ رهندا پر ڇڪتاڻ جي صورت ۾ سڪسٿ جنريشن جنگي جهاز انڊو پيسيفڪ علائقي ۾ استعمال ٿي سگھن ٿا جيئن چين سان طاقت جي برابري کي خراب ڪري سگھجي. پر ان جي نتيجي ۾ چين جي طرف کان سڪسٿ جنريشن پليٽ فارم(جهازن) جي تياري جي شروعات ٿي سگھي ٿي.هن جي راءِ جي مطابق هي نئين ٽيڪنالوجي ڏکڻ ايشيا جي علائقي يا پاڪستان کي نقصان نه رسائيندي. هن چيو ته ٽيڪنالوجي جي غير يقيني واري صورتحال جي ڪري آمريڪي حڪومت سڪسٿ جنريشن ٽيڪنالوجي ڀارت سميت پنهنجي اتحادين کي شايد  نه ڏي . جيئن آمريڪا پنهنجي ويجهي دوست ملڪن کي به ايف اي 22 ريپٽر جهاز جي وڪڻڻ تي پابندي هئنين هئي.

Photo courtesy BBC

هن چيو ته پاڪستان سان هن جهاز جو ڪو خاص تعلق ناهي سواءِ ان حقيقت جي ته مستقبل ۾ هي هوائي صلاحيت نئين اميد ٿيندي. هڪ ٻي پاڪستاني ۽ پاڪ هوائي فوج جي اڳوڻي هواباز قيصر طفيل بي بي سي کي ٻڌايو ته سڪسٿ جنريشن جهاز ايف 22 سان گڏ تيز يا سست رفتار جي فرق سان وڏو اهم ڪردار ادا ڪندو، جيئن ايف 15 اي ايف 16 سان گڏجي ادا ڪيو هو. هن جهاز تي خرچو تمام گھڻو آهي ،هڪ ته جهاز تي خرچي جي حوالي سان ۽ ٻيو وري ان جي مدت (زندگي) جي حوالي سان، ان ڪري پي اي ايف هن جهاز جي خريداري جو اميداوار ناهي، ايتري تائين جو ان ۾ سياسي حد تائين رنڊڪ نه هجي پوءِ به هي جهاز خريد نٿو ڪري سگھجي. آمريڪا جي هوائي فوج جو انتهائي جديد فرنٽ لائن جهاز جي حوالي سان ان کي نيٽو ملڪ ۽ نه وري بهارت کي وڪرو ڪرڻ جي ڪا اميد آهي، ان ڪري اهو به نطر ٿو اچي ته هي ڏکڻ ايشيا لاءِ نه آهي، جيسيتائين خطي ۾ ڪو وڏي جيو پوليٽيڪل بدلاءَ نه آچي.

آمريڪي فوجي ڪمانڊر سڪسٿ جنريشن جهاز جو ڪهڙو ڪردار ڏسن ٿا؟

مالي سال 2022 جي بجيٽ گزارشات جي سلسلي ۾ هوائي فوج جي سربراھ ٻڌايو ته هن جنگي جهاز جو بيادي مقصد آسمان ۾ آمريڪا جي برتري کي قائم رکڻ ۽ گڏوگڏ جنگي جهاز زمين تي نشانو ڪرڻ جي صلاحيت کي برقراررکڻ آهي.سڪسٿ جنريشن جهاز زمين تي به حدف کي نشانو ڪري سگھي ٿو. هي جهاز پنهنجي بقا کي يقيني برقرار رکي سگھي ٿو،هي هوائي فوج جي ڪمانڊر ۽ گڏيل فوج جي چونڊ ٿي سگھي ٿو. برائون چيو ته اين جي اي ڊي ويڙهاڪ جهاز سي 22 جو دائرو وسيع ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ اڳ کان وڌيڪ هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت به موجود آهي جنهن سان ان جي انڊو پيسفڪ (هندي سمنڊ، ايشيا کان آسٽريليا ۽ مشرقي آمريڪا) جي حدن تائين وڏي مفاصلي تائين نشانو ڪرڻ جي صلاحيت. برائون وڌيڪ چيو ته مئي ۾ آمريڪي هوائي فوج جو اهو منصوبو آهي ته هو پنهنجي جنگي جهازن جي ٻيڙي کي چئن قسن جي جهازن تائين محدود ڪري ڇڏيندو، جنهن ۾ ايف35، ايف 15 اِي ايڪس، ايف 16 ۽ اين جي اي ڊي شامل آهن. برائون چيو ته اين جي اي ڊي لڙاڪو ايف 35 سان گڏجي اُڏام ڪندو، شروع ۾ اسان بنيادي طور ايف 15 اي ايڪس جهاز ۽ ان کان پوءِ ايف 16 به ميدان اچي ويندا. آمريڪي دفاعي ڊيپارٽمينٽ بجٽ 2022 ۾ پنهنجا مطالباتي آمدني شايع ڪيا آهن جن ۾ اين جي اي ڊي جي لاءِ وسيلا گھريا آهن.آمرڪي هوائي فوج 1.5 ارب آمريڪي ڊالر گھري رهي آهي ته جيئن اين جي اي ڊي واري منصوبي کي اڳتي وڌائي سگھجي، ماضي جي مقابلي ۾ هي رقم تقرين 623 ملين ڊالر (62 ڪروڙ 30 لک) آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي. چيف آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيو برائون جونيئر هائوس آرمڊ سروس کي ٻڌايو ته اسان تبديل جي مرحلي م آهيو، ان جو چوڻ هو ته ايئر فورس ڪجھ هاڻي واري طاقت کي ختم ڪري بچت ڪري سگھي ٿي جنهن کي نون جهازن جي طياري لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.اهڙا جهاز جيڪي چين جهڙي وڏي طاقت کي شڪست ۽ خوفزده رکڻ جي صلاحيت رکڻ جي اهليت رکن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسان هي قدم اڄ کڻڻ ۾ ناڪام وياسين ته پوءِ اهو امڪان وڌي ويندو ته چين مستقبل ۾ آمريڪا کي هوائي حملي ۾ شڪست ڏئي ويندو.نيڪسٽ جنريشن ڊوميننس سسٽمز( جديد نسل جا جديد ترين جنگي جهاز) وائلڊ ڪارڊ (اچانڪ) هوائي فوج ۾ شامل ٿي سگھن ٿا. پوءِ به ڪجھ حقيقتون غائب ڪيو ويون آهن. سابق ايڪيوزيشن ايگزيٽو ول روپر گذريل ستمبر ۾ چيو ته 2020 ۾ پهريون ڀيرو هن جنگي جهازکي اڏايو ويو. هن جهاز تمام مٿي تائين اڏام ڪرڻ جو ريڪارڊ قائم ڪيو ۽ اڃا به وڌيڪ مٿاهين تائين اڏام جي اميد آهي. برائون هائوس آرمڊ سروس ڪميٽي کي جون ۾ ٻڌايو ته هن کي اميد آهي ته هي جهاز ملٽي رول( هڪ وقت تي ڪيئي ڪم ڪرڻ جي اهليت)وارو جهاز آهي جيڪو نه صرف زمين تي حملي ڪرڻ جي قابل هوندو پر هوا ۾ به نشانو رکڻ جي صلاحيت رکندو.

Photo Courtesy BBC

برائون اشارو ڏنو ته زمين تي حملي ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پوندي ته جئين هي جهاز پنهجو پاڻ کي بچائي سگھي.هن جنگي جهاز کي فل اسپيڪٽرم اسٽيلٿ هجڻ گھرجي( يعني جهاز ريڊار تي نظر نه اچڻ ۽ ان کي ڳولڻ پڻ مشڪل هجي). هي جهاز هميشه هڪ فيملي آف سسٽمز(جنگي جهازن جون سڀئي خوبيون هڪ جاءِ تي) جي حساب سان ٺاهيو پيو وڃي جيڪو بغير پائلٽ جي اڏامندڙ جهازن واري مقصد جو حصو آهي يعني دشمن جي فوجي حملي واري صلاحيت کي تباه ڪرڻ، اليڪٽرانڪ حملي ۽ هٿيارن جي وڌيڪ موجودگي کي يقيني ڪرڻ ِ. پر روپر جو چوڻ آهي ته هن جي بناوٽ هڪ جنگي جهاز وانگر ئي هوندي.روپر جو چوڻ آهي ته هن جهاز جو تصور هي آهي ته تيزي سان هڪ اهڙو ڊزائن تيار ڪجي ۽ ڊيجيٽل ٿريڊ (جديد رابطي) جي ذريعي ميدان ۾ موجود جهازن کي ڪم آڻجي، گھٽ تعداد ۾ شامل ڪجي شايد 50 کان 100 تائين. ٽيڪنالوجي کي جديد ۽ تازو رکڻ لاءِ نئين انداز جو جهاز پنجن کان 12 سالن جي اندر ميدان ۾ هوندو ۽ پراڻا جهاز ختم ڪيا ويندا.آمريڪي هوائي فوج جي اعلي عملدارن اهو به ٻڌايو آهي ته هن جهاز ۾ ٻه تبديليون يا ملٽي ايئر ڪرافٽ ڪنفيگريشن آهن. هڪ وڏي مفاصلي تي مار ڪرڻ ۽ ٻيو ننڍي مفاصلي تي به مار ڪرڻ جي صلاحيت هوندي. هائي نوٽ چيو ته ان کي شڪ آهي ته هن جهازکي ميدان ۾ اچڻ لاءِ ڏھ سال لڳندا اهو به تڏهن جڏهن هن جهاز تي وقت جي حساب سان ڪم هلندو رهي.(هي آرٽيڪل بي بي سي اردو تي شايع ٿيو ۽  سنڌيار لاءِ جاويد سولنگي ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو