آمريڪا ۽ طالبان امن معاهدو ۽ امن جو سوال، اسماعيل لانگاهه

طالبان ۽ آمريڪي حڪومت وچ ۾ ٿيل معاهدي کي جتي پوري دنيا امن جو تاريخي معاهدو قرار ڏئي رهي آهي ته اُتي پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي وزير اعظم طرفان هن معاهدي تي بيان جاري ڪندي معاهدو ڪندڙ ڌرين کي چيو ويوآهي ته سڀ ڌريون خيال رکن ڇو ته هن معاهدي کي نقصان رسائيندڙ عنصرن تي نظر رکڻ گهرجي. هڪ طرف پاڪستان انتظاميه معاهدي ٿيڻ تي انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو آھي ته ٻئي طرف کين خبردار به ڪيو آهي ڇوته سڀني ڌرين لاء بهتر اهو هوندو ته جيتري قدر معاهدي جي پاسداري ڪئي ويندي اهو افغان آمريڪا نه پر پوري خطي لاءِ لاڀائتو هوندو. ڇوته افغانستان  تي سوويت يونين کانپوء ۽ آمريڪي چڙهائي دوران ڪيترائي معاهدا ٿيندا رهيا پر ڌرين جو هڪ ٻئي ته پڪو اعتماد نه هئڻ سبب معاهدا ٽٽندا رهيا. هاڻي به معاهدي جي چوٿين ڏينهن تي طالبان افغان فورسز تي حملا ڪري 20 اهلڪار قتل ڪيا ته مٿان آمريڪي فورسز طالبان تي فضائي حملا شروع ڪيا. جنهن تازو ٿيل آمريڪا طالبان معاهدي تي ڪيترا سواليه نشان ڇڏيا آهن. افغانستان هڪ اهڙي سرزمين وارو ملڪ آهي جتي هميشه اسلامي نظام نافذ ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون، هڪ جمهوريت پسند ملڪ ۾ عوام کي زبردستي اسلامي نظام اپنائڻ جي صورت ۾ کين يرغمال بڻائڻ جي  ڪوششن جي بدولت هي ملڪ هميشه جنگين جي ور چڙھندو رهيو. جتي لکين انسانن کي پنهنجي ملڪ جي مذهبي تنظيمن توڙي غير ملڪي فوجي حملن ۾ ڪُٺو ويو آهي. ھاڻي ٻن ڏهاڪن تائين مڙهيل آمريڪي جنگ کان پوء نيٺ افغان سرزمين تان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ تاريخي ڪم ڪندي پنهنجي ملڪ توڙي افغانستان ۾ مقيم اتحادي فوجين کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو عمل هو نومبر ۾ رٿيل آمريڪي چونڊن ۾ ڪيش ڪرائيندو. افغانستان بابت طالبان سان ٿيل هن تاريخي معاهدي کي ڪيتري قدر امن خاطر جٽادار رهڻ ڏنو ويندو ان تي پهريون عمل آهي افغان اندر موجود افغان طالبان جهادي ڌڙا، جن جي ڪري ئي افغانستان ۾ هن مهل تائين پائدار امن قائم نٿي سگهيو آهي جنهن کي دهشگردن جي سرزمين جو داغ ڏئي سويت يونين ته ڪڏهن آمريڪا مڙهيندا رهيا. 9/11 واقعي کانپوء تڏهوڪي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ان پڪن ثبوتن آڌار چڙھائي ڪئي ته آمريڪي ٽريڊ ٽاور حملن ۾ ملوث جهادي تنظيم القائده جو ٺڪاڻو افغانستان آهي. جنهن جو نيٽ ورڪ افغانستان مان هينڊل ڪيوپيو پوء اهڙي طرح پاڪستان کي ان وقت جي آمر جنرل مشرف کي افغانستان تي چڙھائي لاء مدد طلب ڪئي وئي جنهن جو جواب ها يا نه ۾ ورتو ويو ۽ پاڪستان مجبورين سبب آمريڪي حڪمرانن  جي اهڙي حُڪم کي لبيڪ ڪيو ۽ هاڻي جڏهن قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ افغان طالبان ۽ افغاني حڪومت سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون آھن ان ٺاھ کي پوري دنيا آمريڪا توڙي دنيا جي لاء امن جو نئون نياپو قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف ان تي شڪ شبها به ڪيا پيا وڃن جنهن جو خود آمريڪا ۽ طالبان جهادي ڌڙن وٽان ٻُڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ۽ ان ٺاھ تحت آمريڪي ۽ اتحادي فوجون 14 مهينن اندر مختلف مرحلن ۾ واپس ٿينديون. افغانستان ۾ 19 سالن جي جنگ جي خاتمي بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون ڪيتري قدر ڪامياب وينديون ۽ پائيدار امن کي بحال رکيو ويندو, ان حوالي سان پاڪستان حڪومت پڻ خدشن جو اظهار ڪندي صدر اشرف غني کي چيو آهي ته هو آمريڪي عملدارن سان ٿيل معاهدي واري مسودي جون ڪاپيون وٺي, پاڪستان جنهن جو روسي چڙهائي کانپوء اڄ تائين پاڪ افغان آمريڪي تعلقاتن جي حوالي سان اهم ڪردار رهيو آهي جنهن جو دنيا جا ٻيا ملڪ به ڄاڻين ٿا. هن تاريخي قرار ڏنل امن معاهدي کان پوءِ افغانستان جي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جا فيصلا خود ڪرڻ لاء ڪيترو آزاد ڇڏيو ويندو اهو هڪ اهم سوال آهي. ٿيل معاهدي کانپوء غير ملڪي فوج وٽ قيد افغان جهادي اڳواڻن جي آزادي ئي اهم آهي هن امن معاهدي جو سڄو ڪريڊٽ طالبان اڳواڻن سميت طالبان اڳواڻن وٽ قيد اتحادي فوجين جي آهي هن مهل افغان حڪومت وٽ پنج هزار کان مٿي طالبان ڪارڪنن قيد آهن جنهن جي آزادي معاهدي جي اهم ڳالهه آھي جيڪڏهن ان تي ذري برابر به عمل نه ٿيو ته وري ساڳيون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. معاهدي کانپوء گذريل ڏينهن ڪنڙ صوبي تي اتحادي فوجين جي دهشتگرد ٺڪاڻن تي حملن ۾ اٺاويهه داعش جي دهشگردن جي مارجڻ کانپوء لڳي ٿو ته هي معاهدو به ناڪام ٿي رهيو آهي جيڪو وري وڏي فسادي جنگ جو باعث بڻجي سگهي ٿو. هن وقت افغان طالبان  جي ڪمانڊ ملا عبدالغني برادرز وٽ آهي جنهن کي صدر ٽرمپ پاران فون تي گفتگو دوران امن معاهدي تي ٿيل  ڳالهين بابت چيو ته افغان فورسز جي سيڪيورٽي لاء خطرو بڻجندڙ دهشگردن خلاف امن معاهدي دوران ڪاروائيون جاري رهنديون ۽ صدر اشرف غني طرفان به  ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته ان معاهدي ۾ طالبان مذهبي جهادين  جي آزادي واري ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي آهي. معاهدي کانپوء اتحادي فورسز جي تازي ڪاروائي سان طالبان اڳواڻن ۾ هڪ طرف ڪاوڙ ۽ غصي جي لهر ڦھلجي سگهي ٿي ته ٻئي طرف افغان حڪومت لاء به اهڙا حملا ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا پهرين ته معاهدو ئي اهڙي طرز تي ڪيو ويو آهي اڃا معاهدي کي سلجهايو به نه ويو آ ,ته وري الجهايو ويو آهي. افغانستان مان سويت يونين کانپوء آمريڪا ڪيتري قدر ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ٻن ڏهاڪن تائين هزارين فوجين کي مارائڻ ۽ پنهنجي خلاف دشمني وڌائڻ کانسواء ڪُجهه به حاصل نه ڪيو اٿس, مسئلو اهو آهي ته آمريڪي يا اتحادي فوجون افغانستان حڪومت جي حفاظت لاء رهن يا نه رهن پر جنگ جي ٻاريل باهه کي هاڻي وسايو وڃي ته بهتر ٿيندو باقي ٻين جي ڪُلهن مٿان بندوق رکي آمريڪي حڪومت جيڪو ڪم ڪري پئي ان مان ڪڏهن به فائدي جو فيصلو نه ڪري ۽ روس جي چڙهائي مان سبق سکي امن سان خطي جي ملڪن کي رهڻ ڏنو وڃي باقي افغانستان سان ويڙھ ۾ ڪاميابي آمريڪا کي ڪون ملي ۽ پنهنجي تاريخ جي ڊگهي لڙائي لڙڻ بعد دنيا جي سپر پاور کي آخر ڳالهين جو سهارو وٺڻو پيو. تاريخ اها ڳالهه ثابت ڪئي ته جنگ يا طاقت سان معاملا طئي ناهن ٿيندا امن هميشه ڳالهين سان قائم ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو