خانواھڻ(عاجزامتياز نوح پوٽو) محبت ديرو ۽ خانواھڻ پوليس وڏن اٽالن سان ڳوٺ محمد حسن جلباڻي ۽ گاھي خان جلباڻي تي چڙهائي ڪري پورھيت محمد بخش جلباڻي، محمد شريف جلباڻي ۽ محمد حنيف جلباڻي جي گھرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن سان بدتميزي ڪري چوپايو مال ٻڪريون، قرباني جا ڇيلا، مينھون، ڍڳيون، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان ڦري ٻن ڄڻن شريف جلباڻي ۽ فرحان جلباڻي کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن پاران خانواھڻ ديھات لنڪ روڊ تي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد بخش جلباڻي، گل بھار، شاھنواز، ڪمال خان، مولابخش جمالي، ايوب جلباڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته پوليس دھشتگردي ڪري رات جي پيٽ ۾ گھرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري چوپايو مال ۽ قيمتي سامان ڦري ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ته توهان چور ۽ ڦورو آھيو. هنن چيو ته اسان جي پوري يوسي ضلعي ته ڇا پر پوري سنڌ مان شناخت ڪرائي وڃي ته ڇا اسان واقعي ڏوھاري قسم جا ماڻهو آهيون ووٽ نه ڏيڻ جي ڪري اسان کان پلاند ورتو پيو وڃي پوليس ڏينهن رات ڳوٺن تي چڙھائي ڪري رھي آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻا گھرن تائين محدود آهن ۽ اسڪولي ٻار پڻ خوف وچان اسڪول نٿا وڃي سگھن. اسان چيف جسٽس پاڪستان، وزيراعظم، وزير اعليٰ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪري ڦرٿيل سامان واپس ڪرائي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي.
سرگوڌا توهين مذهب ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جاقلم شامل، 500 ڄڻا نامزد
مفرور جوابدارن جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي ۾ اڄ پارو 38 ۽ شدت 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان
جيڪب آباد ۾ جيل جا 2 قيدي روشن دان ٽوڙي فرار
سعودي ولي عهد ايران جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي
اداڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو،وزيراعظم ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار
فخر ۽ مان ڪجهه وڌيڪ اوور کيڏيون ها ته نتيجو مختلف هجي ها: بابر
ڇا سائنس مذھب جي مخالف آھي؟
سنڌيار ڪراچي 26 مئي 2024
سنڌيار سکر 26 مئي 2024
’ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين، تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪيو آهي‘
دنيا ۾ 3 ڪروڙ ٻار تماڪو استعمال ڪن ٿا، ڊبليو ايڇ او
ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن
هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ
ورلڊڪپ ۾ پهريون ڀيرو 3 پاڪستاني امپائرنگ ڪندا
گرمي جي لهر جاري، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ پد 50 ڊگري
گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ
پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو
گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت
سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪو، 8 ڄڻا سڙي زخمي