سنڌ جو سوشلسٽ، صوفي شاھ عنايت شھيد(قسط 01)

تحريرالله بچايو رند

صوفي شاهه عنايت شهيد جا وڏا اصل ۾ اُچ شريف جي لانگاهه قبيلي جا بزرگ هئا. ‘ملتان لانگاهه دور ۾’ ڪتاب جي مصنف عمر ڪمال لکيو آهي ته لانگاه قبيلو، اصل ۾ بلوچستان جو رهاڪو هو، سندن سيوستان جي علائقي ۾ به سرداري ۽ حڪومت هئي. لانگاهه قبيلو تاريخي لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو. هن خاندان سبي ۽ ملتان تي ڪيترا سال حڪومت ڪئي قومي تحريڪ اڳواڻ ۽ ليکڪ صوفي حضور بخش پنهنجي ڪتاب ‘شاهه عنايت شهيد’ ۾ لکيو آهي ته لانگاهن ملتان جي آسپاس وارن علائقن ۾ پنهنجي عزت ۽ وقار کي بلند رکندي ڌارين ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان زبردست قومي جنگيون وڙهيون ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي سرهو ڪيو. لانگاهه خاندان مان ست بادشاه ملتان جا حاڪم ٿي رهيا آهن. (1) راءِ سهراءِ عرف قطب الدين لانگاهه (2) سلطان حسين لانگاه (اول) (3) سلطان فيروز لانگاه (4) سلطان حسين لانگاه اول [ٻيو ڀيرو] (5) سلطان محمود لانگاه (6) سلطان حسين لانگاه (ثاني)(7) بخشو خان لانگاه. هنن ستن ئي حاڪمن مان پهريان پنج حاڪم خودمختيار حاڪم رهيا. قطب الدين لانگاه سنڌ جي سبي واري علائقي جو حاڪم هو، جيڪو بعد ۾ شيخ محمد يوسف ملتاني کي قيد ڪري کيس دهلي موڪلي ملتان جو حاڪم ٿي ويٺو اهو پنهنجي بهادري انصاف پسندي ۽ صوفي منش هئڻ ڪري، ڏيهان ڏيھ مشهور هو. سنڌ جو نامور اديب ۽ تاريخدان مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ‘هسٽري آف سنڌ (History of Sindh) ۾ لکي ٿو ته، هن قوم [لانگاهن] گهڻو عرصو ملتان تي حڪومت ڪئي. نيٺ شاهه حسن ارغون 931هه/ 1524ع ۾ ملتان فتح ڪري، لانگاهه قوم (قبيلي) جي حاڪم سلطان حسين لانگاه ثاني کي شڪست ڏئي، لانگاهه قوم جي دور جو خاتمو آندو.” ڪتاب ‘انيس المساڪين’ ۾ قاضي غلام مهدي لکي ٿو ته شاه عنايت شهيد جي ڏاڏي مخدوم صدر الدين عرف صدو لانگاه، اُچ شريف کان لڏي پهرين ٺٺي پوء  900هه/ 1494ع ۾ سنڌ ۾ اچي نصريه ‘ميرانپور’  موجوده جهوڪ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.صوفي شاهه عنايت جا ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا ملتان جا هئا، سندس وڏا بعد ۾ ملتان ڇڏي اچي هتي رهيا.

Writer Allah Bachayo Rind

  صوفي شاه عنايت جي والد مخدوم فضل الله ملتان جي لانگاهن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا پهريون مخدوم نالي چڱو، ٻيو مخدوم شاهه عنايت الله [شهيد] ۽ ٽيون مخدوم رحمت الله. صوفي شاهه عنايت جي ولادت1066ھ1654ع ۾، ميرانپور ۾ ٿي، پر ڪن روايتن مطابق ته سندس ولادت ملتان ۾ ٿي. شاه شهيد جي ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت سندس والد وٽ ئي ٿي  وڌيڪ تعليم  لاءِ پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏجي ملتان ويو، جتي شاه شمس کان تعليم پرائڻ کانپوءِ هندستان روانو ٿيو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز تي مشتمل ڪتاب ‘صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ ڄاڻايو آهي ته “شاه عنايت، ملتان ۾ شاه شمس کان تعليم پرائڻ کانپوءِ پنهنجي ساٿين سان گڏ مختلف ملڪن جي سير ۽ سياحت لاءِ نڪتو. بلوچستان جي رستي هو ايران ۽ عراق ويو. انهن ملڪن جو چڱو اڀياس ڪري، افغانستان ويو ۽ سڄي ملڪ جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، قنڌار کان ٿيندو، خراسان جي رستي واپس ٿيو. سرحد موجوده خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جو سير ڪري واپس ملتان ۾ پنهنجي استاد شاه شمس وٽ پهتو، تنهن کانپوءِ شاه شمس جي ئي مشوري سان وڌيڪ مطالعي، مشاهدي ۽ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ، سيد عبدالملڪ ڏانهن بيجاپور (هندستان) روانو ٿيو. جتي هن سيد عبدالملڪ کان نه رڳو روحاني فيض حاصل ڪيو، پر ٻيو به گهڻو دنياوي علم پرايو. جيئن ته سيد عبدالملڪ وقت جي حاڪمن جي تمام گهڻو ويجهو هو، اُن ڪري شاه عنايت، هن کان ملڪي نظام، انتظامي معاملن ۽ ٻين معاشرتي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. سيد عبدالملڪ جڏهن محسوس ڪيو ته شاه عنايت علم ۽ فڪر جي مٿانهين درجي تي پهچي چڪو آهي، تڏهن کيس اڃا به وڌيڪ ۽ اعليٰ تعليم لاءِ وقت جي مشهور عالم شاه غلام محمد ڏانهن موڪليائين، جنهن وٽ شاه عنايت هڪ سال رهي، پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. شاه عنايت جي وسيع مطالعي، مشاهدي ۽ سندس نقطه نظر کي ڏسي ۽ ٻڌي، سندس استاد شاهه غلام محمد، مٿس ايترو ته موهت ٿيو، جو شاهه عنايت جي استاد م ڦري معتقد ٿي سندس سٿ ۾ شامل رهيو هڪ نجي ڪچھري ۾ علم ادب تاريخ جي ڄاڻو انسپيڪٽر صوفي سائين قربان علي ملاح کان اهو معلوم ٿيو ته صوفي جي قتل جي پهرين فتوا شڪارپور جي مفتي فقيرالله علوي افغاني جاري ڪئي هڪ سوال جي جواب ۾ سندس انتهائي وزنائتو موقف اهو به هو ته ان وقت جي جاگيردارن حڪمرانن ويڪائو غدار ملن درگاهن کي ذريعه معاش سمجهندڙ گادينشينن جي صوفي سان دشمني ته سمجھ ۾ اچي ٿي پر ان وقت جا ڪجھ علما ولي الله سڏجندڙ شاعر مشائخ سندس سر جا دشمن ڇو رهيا جنهن تي صوفي قربان علي صاحب ٿورن ۽  سهڻن لفظن ۾ چيو، صوفي جو وزن انهن کان مٿي هو مطلب ثابت ٿيو ته جڏهن ڪنهن سحر انگيز شخصيت جي سڀني پاسن جي سٺاين  کي تورڻ لاء ڪو ترازو ئي نه هجي ته پوء  تڏهن ئي ان خلاف هر غليظ سوچ جا محاذ کوليا وڃن ٿا. ڪنهن ڪتاب ۾  مون پڙھيو هو  معزرت سان هن وقت ان ڪتاب جو نالو مون کي ياد نه پيو اچي جيڪا فتوا صوفي لاء جاري ٿي ته ان ۾ اهم نڪتو اهو به هو ته صوفي جو استاد (شايد سندس ساٿي استاد غلام محمد) کيس سجدو ٿو ڪري جيڪو اڳتي هلي ڪوڙ ثابت ٿيو. هندستان ۾  رهڻ دوران شاه عنايت اتي جي ماڻھن سان  بهترين تعلقات قائم ڪيا کيس علم سان گڏ مختلف زبانن عربي فارسي هندي ۽ ٻين ٻولين تي به عبور حاصل هو. هندستان مان موڪلاڻي وقت صوفي جي مرشد ۽ استاد سيد عبدالملڪ هن جي اڳيان مصلو ڪونئرو تسبيح ۽ تلوار رکي کيس فرمايائين ته هنن مان ڪابه هڪ شي کڻ صوفي تلوار کنئي جنهن تي سندس مرشد کين چيو هن جي قيمت ڳري آھي موٽ ۾  شاه عنايت چيس سائين سر به حاضر آھي۔۔ ان بعد سندس مرشد ۽ استاد کيس صوفي جو لقب ڏئي موڪلايو۔صوفي شاه عنايت هندستان مان ٿيندو اچي پنهنجي ساٿين سان ميرانپور ۾ ويڙھو وسايو هو هڪ دائري ۾ بنا ڪنهن متڀيد جي هڪ ڪٽنب وانگر رهندا هئا هي مذھب ذات پات بغير انساني مساوات سان رهڻ لڳا  صوفي شاه عنايت وقت جي  انهن روايتي صوفين مان ڪونه هو جيڪي حالتن کي بدلائڻ بجاء ساڳئي حالتن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا هئا انهن جي برعڪس هن پهرين سوشلسٽ انقلابي اڳواڻ زمين جي پيداواري عمل مساوي شرڪت تي زور ڏنو هن جو پڪو عقيدو هوته مساوات محمدي جي بنيادي گهرج اها آھي ته کيتي باڙي اجتعمائي بنيادن تي ڪئي وڃي زرعي پيداوار ۾ سڀ برابر جا شريڪ هجن سندس نعرو ئي هي هو ته زمين الله جي آھي جو کيڙي سو کائي. صوفي شاه عنايت جي زرعي انقلابي ۽ روحاني تحريڪ جو منشور هن بنياد تي رکيل هو 1)وحدت الوجود 2)وحدت مذاهب  3)وحدت انساني  4)پاڻ سڃاڻڻ 5) دوئي دور ڪرڻ6) عشق کي رهبر راھ ڪرڻ 7) وطن دوستي ۽ قومي معاشي سڌارو 8)هارين جي صوفياڻي مساوات 9)ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرڻ ۽ انصاف مهيا ڪرڻ  10) کيتي ۽ ٻيا ڪم گڏيل ڪرڻ زندگي جون ضروري شيون ضرورتن جي بنياد تي ٻين کي به ڏيڻ جيئن ڪو لاچار بيوس ۽ بکيو نه رهي۔۔۔۔۔۔ ان کانپوء سندس گڏيل پوکي جو نظام بيحد ڪامياب ويو اهو ئي سبب هو جو هزارن جي تعداد ۾ ھتان جا ستايل مظلوم مسڪين ماڻھو اچي صوفي جي دائري ۽ پناه ۾ رهڻ لڳا اهو سڀ ڪجھ هتان جي زميندارن ويڪائو عالمن مشائخن نقلي صوفين ۽ حڪمرانن کي پاڻ لاء خطرو محسوس ٿيڻ لڳو جاگيرداري سسٽم کي ڊھندو ڏسي ان وقت جا جاگيردار گادينشين جن ۾ خاص طور عبدالواسع شاه درگاه شيخ ذڪريا بهاءالدين جو گادينشين شيخ سراج الدين ارباب نورمحمد پليجو حمل جت لاکاٽ جو زميندار گل آگرو ۽ ٻيا به جاگيردار ٺٺي جي نواب  مير لطف علي خان وٽ دانهن کڻي آيا ته صوفي کي روڪيو ٻي طرف ان وقت جي ملن عالمن به وسان ڪونه گهٽايو۔ پير حسام الدين راشدي پنهنجي هڪ مضمون ( شاه عنايت شھيد جي سوانح جا ماخذ) ۾ لکي ٿو ته جڏهن شاه عنايت شھيد ٿيو شاه فقيرالله ڏاڍو خوش ٿيو هو۔۔۔۔ ان کان سواء ان وقت جا مشھور شاعر  شاه عنايت رضوي۔عبدالحڪيم عطا ٺٺوي۔ محمد رضا شاه۔ سراج الدين به سندس سخت مخالفت ۾ رهيا عطا ٺٺوي صوفي جي شھادت تي مغل گورنر اعظم خان کي غازي جو لقب ڏيندي صوفي خلاف گندي زبان استمعال ڪندي هي شعر چيو

لشڪر نواب غازي جا بجا فيروز مند، مشعلداقبال او درملڪ سند افروخته

زان شھاب ديو ڪش شد رحم ديوان خبيث، عقلدابن تاريخ گفته جام بدبو سوخته۔۔

 مٿي ذڪر ڪيل ٻين شاعرن جي شاعري به آھي پر مضمون ڊگهو ٿيڻ ڪري وري ڪنهن ٻي دفعي. ذڪر هو صوفي جي مخالفن طرفان  ٺٺي ۾ مقرر نواب لطف علي خان وٽ شڪايت جو لطف علي خان به بنا ڪنهن جانچ جي کين اجازت ڏني ته اوهان کي جيئن وڻي تيئن ڀلي ڪريو اهڙو اجازت نامولکت ۾ ملندي ئي سيد عبدالواسع نورمحمد پليجي حمل جت صوفي جي آستاني تي هٿيارن سان ليس ٿي حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ ڪيترائي فقير مارجي ويا ان واقعي جو جڏهن مغل شھشاه وٽ فرياد پهتو ته ان حڪم جاري ڪيو ته انهن جون زمينون مقتولن جي وارثن کي ڏنيون وڃن ۽  نواب لطف علي خان کي برطرف ڪري نواب اعظم خان کي ٺٺي جو نئون نواب مقرر ڪيو ويو هو بعد ۾ نواب اعظم مٿي ذڪر ڪيل جاگيردارن ملن عالمن جي چوڻ ۾ اهو سمجهي اچي ويو ته صوفي ترت مون تي به حملو ڪرڻ وارو آھي ته پاڻ به صوفي جي دشمن جي پهرين صف ۾ شامل ٿيو. مير علي شير قانع  ڪتاب ( مقالات الشعراء ) ۾ لکيوآھي ته نواب اعظم خان  صوفي سان ملڻ لاء جڏهن ميرانپور آيو ته فقيرن کيس روڪي ڇڏيو ڪجھ انتظار ڪرائڻ بعد جڏهن کيس ملايو ويو ته اعظم خان چيو ، در درويش را دربان  نه شايد۔۔ترجمو درويش جي در تي دربان نه هئڻ گهرجي.تنهن تي صوفي چيو بشايد تا سگ دنيا نيا يد۔۔۔ترجمو هجڻ گهرجي ته جيئن دنياوي ڪتا اندر نه اچي سگهن )اهڙى جواب تي نواب ڪاوڙجي فقيرن جي زمينن جو معاف ڪيل ڍلون ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏيون پير حسام الدين راشدي لکيو آھي ته مغلن جو مقرر سنڌ جو حاڪم يار محمد ڪلهوڙو به صوفي صاحب جو سخت مخالف رهيو راشدي صاحب موجب صوفي جي شهادت جو واقعو سنڌ ۾ مغلن جي حاڪميت جي زوال وقت ٿيو جڏهن ته ڪلهوڙن جي صاحبي جي ابتدا ٿي چڪي هئي سيوھڻ تائين سندس قبضو ٿي چڪو هو ٺٺي پرڳڻي تي سندس اک هئي ويتر جڏهن صوفي جي گڏيل سماجي ۽ معاشي ۽ روحاني نظام جي خبر پئي ته کيس صوفي مان خطرو ٿيڻ لڳو ٻيو سبب به تاريخ جا ڄاڻو اهوٿا بيان ڪن ته خد يارمحمد ڪلهوڙي جا ستايل آزاريل ماڻھو به ڀڄي صوفي جي پناه ۾ اچي رهڻ لڳا هئا ان ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙو سرعام صوفي جو مخالف ٿي بيٺو  آخر صوفي خلاف سموريون سازشون ڪامياب ويون ۽ دهلي جي بادشاه فرخ سير جو  صوفي سان سرڪاري فوجون وٺي جنگ جو حڪم نامو نواب اعظم خان کي اچي مليو. مير شير قانع مقالات الشعراء ۾ لکي ٿو ته  ان سان گڏ يارمحمد ڪلهوڙي جي مدد لاء سنڌ جي جاگيردارن گادينشينن لاء به نواب اعظم خان حڪمناما جاري ڪيا صوفي خلاف سبي گنجابه چانڊڪا ڪوهستان ٺٺي سميت مختلف ماڳن کان هزارين مسلح جٿا 14 ذولقعد 1129 ھ بمطابق 9 آڪٽومبر 1717ع تي  اچي ميرانپور جو گهيراء ڪيو ٺيڪ ٽن ڏينهن بعد 11 آڪٽومبر تي هڪ لشڪر سان جهوڪ اچي پهتو ۽ ميرانپور جو سخت گهيرو ڪيو ويو آخر صوفي تنگ ٿي فقيرن کي 13 آڪٽومبر 1717ع ۾ دشمنن سان جنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي صوفي جي فقيرن خاموشي سان تلوارن سان رات جي اونداهي ۾ مسلح فوجين تي وار ڪيو ۽ سون جي تعداد سرڪاري فوجي مارجي ويا جيڪي بچيا اهي ڀڄڻ لڳا اهڙي طرح مسلح فوجين ۽ صوفي جي گوريلا فقيرن ۾ وقتن به وقت جهڙپون ٿينديون رهيون مسلسل چار مهينا فقير ۽ سرڪاري فوج هڪ ٻئي جي جنگي حالتن ۾ سامهون رهيا فقيرن خندقون کوٽي رات جي اونداهي ۾ دنيا جو پهريون  گوريلا وار۔۔۔ حملا ڪرڻ واري حڪمت عملي سرڪاري لشڪر جون متيون منجهائي ڇڏيون هيون. آخرڪار دوکي فريب ۽ دلالي جي سازش وارو فارمولو طئه ڪيو ويو ان لاء باقائده رٿا بندي ٿيڻ لڳي صوفي حضور بخش لکيو ته گورنر اعظم خان مير شھداد کي چيو ته سڀني جي راء آھي ته توهان ئي مغل سلطنت جي عزت بچائي سگهو ٿا ان کان پوء ڌرتي جي غدار مير شھداد هڪ منصوبو جوڙيو ۽ سڀني کي ٻڌايو. مير شھداد قران پاڪ ساڻ کڻي امن ۽ جنگ ختم ڪرڻ لاء صوفي وٽ پهتو ۽ سندن ساٿين کي صلاح ڏنائين ته جيئن ڪوٽ مان صوفي ٻاهر نڪري ان ئي وقت فقيرن تي حملو ڪري کين ختم ڪيو وڃي ۽ صوفي کي گرفتار. انيس المساڪين جي ليکڪ قاضي غلام مهدي ان منصوبي جو ذميوار يار محمد ڪلهوڙي کي ڏنو آخر ڪار صوفي کي قران پاڪ وچ ۾ ڏئي اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙي اڳيان پيش ڪيو ويو ٽي ڏينهن قيد ۾ رکڻ کان پوء 15 صفرالمظفر 1130 ھ بمطابق 7 جنوري 1718 ع تي نواب اعظم خان آڏو پيش ڪيو ويو صوفي سان گڏ سندس ننڍو ڀاء رحمت الله بائيٽيو محمد يوسف ۽ ٻارنهن خاص مريد به هئا صوفي کي پنهنجي تحريڪ ختم ڪرڻ لا چيو ويو پر هن چيو سر ڏيندس پر حق نه ڇڏيندس ان بعد سندس ڀاء ۽ ڀائيٽيي کي سندس سامهون شھيد ڪيو ويو پر هي ارڏو انسان پنهنجي قول تي قائم رهيو آخر ڪار کيس شھيد ڪيو ويو سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻ وقت سندس زبان تي هو۔۔سر درقدم يار فدا شد چه بجا شد، اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد۔) سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو سٺو ٿيو هي ڳرو بار هو ادا ٿيو سٺو ٿيو. صوفي شاھ عنايت جي شھادت تي سندس فقير سوڳ کي طاقت ۾ تبديل ڪري پنهنجي رهبر جي تحريڪ کي جاري رکيو اهو ڏسي نواب اعظم خان يار محمد ڪلهوڙي ۽ سندن جاگيردار ساٿين دلال ملن گادينشينن انهي سموري تحريڪ ۽ فقيرن کي ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو سرڪاري ۽ ديس جي دلالن جي فوج رات جي انڌيري ۾ چو طرف تيل هاري سڄي جهوڪ وستي کي باھ ڏئي خاص لنگھ جهلي بيھي رهيا جيڪو ان باھ مان بچي ٿي نڪتو ان کي تلوارن سان  ماريو ٿي ويو ان وحشياڻي وارتا مطعلق صوفي حضور بخش لکي ٿو ته هنن ظالمن جهوڪ کي هر طرف باھ ڏني ڏسندي ئي ڏسندي جهوڪ ٻرندڙ مچ ۾ تبديل ٿي ويو باھ جون ڄڀيون آسمان ساڻ ڳالهون ڪرڻ لڳيون ۽ زندگي سان ڀريل شھر چند ڪلاڪن ۾ خاڪ ٿي ويو هر طرف انساني ۽ جانورن جا سڙيل ڍانچا پکڙيا پيا هئا هڪ اندازي مطابق چئن مهينن تائين هلندڙ ھن جنگ ۾ ڇهن ستن هزارن صوفين پنهنجون جانيون قربان ڪيون۔۔تاريخ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي آھي قدرت الاهي آخرت جي اٽل فيصلن سان گڏ دنيا ۾ انصاف جي جهلڪ پسائي ٿي ڪلهوڙن حاڪميت جو خاتمو ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي بهترين دور کان بعد ڪيئن ٿيو ڪيئن ڪلهوڙا خاندان پنهنجن جي سرن جا لابارا ڪندا رهيا اهو سڀ پڙھي سگهجي ٿو مير علي شير قانع جنهن جو پهريون تخلص (مظھري) هو بعد ۾  پاڻ قانع سڏرايائين جي معتبر تاريخي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ جنهن جو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آھي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو. سموري تحريڪ تي نظر ڦيرڻ ۽ تحقيق کان پوء سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڄ صوفي شاھ عنايت جا اهي پوئلڳ ڪٿي بيٺا آھن ۽ کين جو کيڙي سو کائي وارو نظريو ڇو ياد ناهي ان تي عمل ته پري پر درس جا ٻه ٻول به زبانن مان ڪڏهن ناهن ٻڌا۔۔۔  ها اها ٻي ڳالھ آھي ته صوفي جي هن هيڏي وڏي ۽ سنڌ توڙي هند بلڪه دنيا ۾ پهرين منظم دفائي ويڙھ  کي ڪنهن ٻي اصلاح ۽ سببن ۾  لڪايو به وڃي يا لڪايو ويو ته تڏهن به سنڌ جو شعور ان کي تسليم نه ڪندو. انشاء الله ٻيهر شھيد صوفي جي روحاني پاسن تي پنهنجي محدود سوچ ھوندي ۽ سکڻ پڙھڻ لکڻ واري جذبي تحت وري لکبو. (نوٽ :روزاني سنڌيار اخبار ۾ سنڌ جون درگاهون جي عنوان سان قسط وار سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، الله بچايو رند جي لکيل هن سيريز جو مقصد سنڌ جي ماڻهن تائين معلومات پهچائڻ آهي…ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو