ڪورونا جي اصليت ڄاڻڻ لاءِ 26 سائنسدانن تي مشتمل جاچ ٽيم قائم

نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي تنظيم’ڊبليو ايڇ او‘ ڪورونا وائرس جي اصليت ڄاڻڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي 26 سائنسدانن تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي آهي. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته هي آخري موقعو آهي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته ڪورونا وائرس ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿيو هن ٽيم ۾ 6 اهي ماهر به شامل آهن جيڪي فيبروري ۾ جاچ ٽيم جو حصو هئا. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ايندڙ ممڪنه وائرس بابت به جاچ ڪئي ويندي. چين چيو آهي ته جاچ ڀلي ڪريو پر ان تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. اڳ ۾ چيو ويو هو ته چمڙي مان اها وائرس پکڙي آهي پر ان جا ٺوس ثبوت نه مليا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو