ڪنڊيارو ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي ڳنڍڻ لاءِ پل جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪمال ديرو ۽ سيتا وچ ۾سنڌو درياهه تي 25 ڪلوميٽر پل ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي 34 هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ اها منظوري ڏيندي ورڪس ۽ سروسز دپارٽمينٽ کي چيو ويو ته هو فزيبلٽي تيار ڪن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن پل ٺهڻ سان ڪنڊيارو ۽ خيرپور ناٿن شاهه۾ 131 ڪلوميٽر فاصلو تمام گهٽ ٿي ويندو. ڪنڊيارو جا ماڻهو اڳ ۾ مورو کان خيرپور ناٿن شاه ويندا هئا ۽ 70 ڪلوميٽر کين اضافي فاصلو طئي ڪرڻو هوندو هو. جيڪڏهن گمبٽ کان وڃن ته 181 ڪلوميٽر فاصلو ٿئي ٿو. سنڌو درياهه تي 2 ڪلو ميٽر پل هوندي ۽ ٻنهي پاسن کان هر هڪ پاسو 11.5 ڪلوميٽر ايپروچ روڊ ٺهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو