ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل، جوابدار گرفتار

خيرپورناٿن شاھ(ن سنڌيار)ڳوٺ رضا محمد ڏيرو ۾ جوابدار مشتاق ولد ڌڻي بخش ڏيرو ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي شادي شده ڀيڻ 25 ورهين جي فوزيه زال خالد حسين ڏيرو کي گهر اندر گهڙي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اهڙو اطلاع ملڻ تي ڪي اين شاھ پوليس جاءِ واردات تي پهچي جوابدار مشتاق ڏيرو کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته پوليس پاران فوتي ناري جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارث ناري جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار مشتاق ڏيرو نصيرآباد ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ رهندو آهي سندس ڀيڻ جي شادي ڳوٺ رضا محمد ڏيرو ۾ ٿيل آھي ۽ هو پنهنجي مڙس سان رهندي هئي جڏهن ته اڄ مشتاق ڏيرو ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي تي آيل هو ته هن پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ڀيڻ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آھي۔

پهنجو تبصرو موڪليو