ڊاڪٽر ڪريم مهر جي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري

سوسائٽي(غلام رسول مھر) اڳوڻي نگران صوبائي وزير(ايڪسائيز) ڪنگري ھائوس جي پريس ترجمان مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم مھر جي لاڏاڻي کان پوءِ مرحوم جي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. پيپلزپارٽي جو صوبائي صلاحڪار سردار بنگل خان مهر، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو ڳوٺ قاضي بادل مهر پهچي مرحوم جي پٽن بابر ڪريم ۽ فضل ڪريم مهر سان سندس والد جي وفات تي دعا گهري. واضح رهي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم مهر سنگاپور ۾ وفات ڪري ويو هو جنهن جو مڙهه ڪراچي ايئرپورٽ اچڻ بعد ايئر ايمبولينس ذريعي سکر آندو ويو جتان کيس ايمبولينس ذريعي ڳوٺ آندو ويو هو جتي مرحوم کي ڪالهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو