پنجاب پوليس پاران سنڌ واسي 2 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو (غلام علي رند)سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي پنجاب پوليس ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجڻ ۽ 3 زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻنهي صوبن جي ڪچي واري ان علائقي ۾ بد امني چوٽ چڙهيل هئي.مارجي ويل نوجوانن جي سڃاڻپ نورو شر ۽ لطيف شر نالي سان ٿي آھي جڏھن ته ٽي ڄڻا عارب ۽ نبو شر زخمين ۾ شامل آھن مارجي ويلن جي وارثن ٻڌايو ته سندن بگٽي قبيلي سان زمين تي جھيڙو ھلندڙ ھو پنجاب پوليس ونگارو بڻجي نوجوانن کي ماريو آھي. هوڏانهن ماڇڪو ٿاڻي جي ايس ايڇ او نويد واهله جو چوڻ هو ته 17 هٿياربندن سندن ڪچي واري چوڪي تي حملو ڪيو ۽ مقابلو ۾ بدنام ڏوهاري مارجي ويا آهن. هن چيو ته عارب شر ۽ نبو شر سميت ٽي ڄڻا  زخمي ٿيا آهن، مقابلي ۾ قتل ٿي ويل ڌاڙيلن تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن. پنجاب پوليس لاش پنهجي تحويل ۾ وٺي ڪري پوسٽ مارٽم لاء صادق آباد منتقل ڪري ڇڏيا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو