وفاق پاران بچت مهم،گاڏين جي خريداري ۽ ملازمتن تي بندش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال ۾ بچت مهم هيٺ سڀني وزارتن، ڊويزنن ۽ سرڪاري ادارن ۾ نيون گاڏيون،فرنيچر وِغيره جي خريداري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. سڀني سرڪاري ادارن کي جاري ڪيل ياداشت نامي م هدايت ڪئي وئي آهي نيون پوسٽن پيدا ڪرڻ تي به بندش هوندي، مجاز افيسرن صرف هڪ اخبار ۽ ميگزين ملندو، بجلي، گيس، فون ۽ پاڻي جي بلن ۾ گهٽتائي لاءِ به سرڪاري آفيسرن کي چيو ويو آهي. اها به کين هدايت ڪئي وئي آهي ته سرڪاري لکپڙهه لاءِ ڪاغذ جي بنهي پاسن تي لکيو وڃي. وفاقي حڪومت ناڻي کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ بچٽ ڪاميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا انتهائي ضروري شين جي خريداري جي صورت ۾ فيصلو ڪندي. موٽر سائيڪل جي خريداري تي بندش نه هوندي. موٽر وي پوليس ۽ اسلام آباد پوليس لاءِ گاڏين جي خريداري بابت فيصلو بچت ڪاميٽي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو