مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نصرت شهباز تي فرد جرم لاڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف جي گهرواري نصرت شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ، آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۽ رمضان شگر ملز ريفنرسز جي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ حمزه شهبا عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن سندس والد شهباز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن جو ڪارڻ سندس طبيعت خراب ٻڌائي وئي ۽ هن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست عدالت منظور ڪئي. احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ ليگي صدر شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪندي نيب جي شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو