عدالت پاران مير شڪيل جي رمانڊ م 22 ڏينهن جي واڌ

لاهور (ويب ديسڪ) جيو ۽ جنگ گروپ جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جي جسماني رمانڊ ۾ احتساب عدالت 22 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. ڊيوٽي جج جواد الحسن جي عدالت ۾ ڪورونا وائرس سبب مير شڪيل کي پيش نه ڪيو ويو. عدالت 21 جولاءِ تي کيس ٻيهر عدالت آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته قومي احتساب بيورو لاهور ۾ نواز شريف جي وڏ وزارت واري دور ۾ مبينه طور غير قانوني طور پلاٽ حاصل ڪيو هو. هن هڪ هڪ ڪنال جا 54 پلاٽ وٺي انهن جون ٻه گهٽيون به گهر ۾ شامل ڪري ڇڏيون هيون ۽ پوڻن ستن ايڪڙن ۾ گهر ٺهرايو هو. نيب غيرقانوني الاٽمينٽ سبب ان وقت جي وڏي وزير ميان نواز شريف ۽ لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي فيض رسول ۽بشير احمد خلاف گڏيل ريفرنس داخل ڪيو هو. نيب موجب مير شڪيل گرفتاري کان بچڻ لاءِ هن عورتن ۽ ننڍن ٻارن جي نالي پلاٽ ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته کيس 12 مارچ تي نيب کيس گرفتار ڪيو هو. جنگ گروپ وارن جو چون آهي ته ڪيس سياسي بنياد تي هيسائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو