پوليس جي ظلم کان بچايو نه ته پاڻ ساڙينداسين، ڳوٺاڻا

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ڀرياروڊ جي  ڳوٺ سلطان مشوري جي رهواسي ڳوٺاڻن جو ڀرياروڊ پوليس ۽  نوشهروفيروز پوليس جي مبينا  زيادتين  ۽ چڙهائي ڪري گهر ڊاهڻ ۽ چوپائي مال جا 18 ڍور ڪاهي گم ڪرڻ   خلاف معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏ سخت احتجاجي مظاهرو  ڪيو. ڳوٺاڻن  گدا حسين خاصخيلي۔ ابراهيم خاصخيلي ۔ مسمات ميرزادي۔ مسمات مومل ۽ ٻين  سخت  احتجاجي  مظاهرو  ڪيو  ۽ نٽهڻ  اس ۾  ڌرڻو پڻ هنيو  ان موقعي  تي  متاثرن  ميڊيا کي ٻڌايو ته  اسان جي ڳوٺ تي ڀريا روڊ ٿاڻي  جي  ايس ايڇ او امتياز ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾  پوليس اٽالن چڙهائي ڪري پنج کان مٿي اسان جا گهر ڪرين سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ اسان هن وقت کليل آسمان هيٺ نٽهڻ اس ۾  ويٺل آهيون ۔ هنن چيو ته پوليس بنا جواز اسان جو لکين روپين جا جانور ڪاهي وئي۔ جنهن ۾  10 مينهون۔ ٻڪريون ۽ گابا پڻ آهن جنهن جي ماليت 10 لک کان مٿي آهي ۔ جيڪي ڏيڻ جي لاء تيار ناهن  نه ئي انهن  جانورن  کي  عدالت ۾  ڏيکاريو ويو آهي ،  اسان جو گذر سفر چوپائي  مال تي آهي ۔ هنن وڌيڪ چيو ته پوليس ظلم جي انتهائي ڪري ڇڏي آهي ۔ اسان جي بيگناهه عورتن ۽ مردن جي مٿان اغوا جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن۔ هنن چيو ته غلام مصطفي خاصخيلي جيڪو 3 ساله اڳ فوت ٿي ويو آهي پوليس  فوتي تي به ڪيس داخل ڪيو آهي ۔ جنهن جو فوتي سرٽيفڪيٽ پڻ موجود آهي ۔هنن چيو ته  اسان جي برادري جي ڏوهاري قسم جي ماڻهن مريد عرف مرو خاصخيلي وٽان اغوا ٿيل ٻه مغوي بازياب  ٿيا هئاپوليس اهو جواز ڄاڻائي اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪئي۔ هنن آءِ جي سنڌ سميت ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا پوليس جي ظلم کان بچائي انصاف ڪيو وڃي نه ته اسان غريب مسڪين پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت پاڻ ساڙينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو