سنڌو درياهه ۾ ٻڏي ويل 4 نوجوان جا لاش وارثن حوالي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد جي رهائشي 4 نوجوانن جا لاش سنڌو درياهه مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ويا. گذريل ڏينهن شام جو 4 دوست وهنجڻ لاءِ سنڌو درياهه تي آياق ۽ وهنجدي ٻڏي ويا. وارثن ڳولا بعد پاڻ ئي تلاش شروع ڪئي ۽ خميس ڏينهن صبح جو سندن لاش هٿ ڪيا ويا. فوتين ۾ 2 سڳا ڀائر شامل آهن. ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته ٻڏي فوت ٿيلن ۾ 19 سالن جو نوجوان متين، 17 سالن جو اويس، 15 سالن جو حمزا ۽ 13 سالن جو عمير شامل آهن، ايئرپورٽ پوليس موجب رات دير سان ٿاڻي تي وارثن اطلاع ڏنو هو ته سندن چار نينگر گم ٿي ويا آهن،

پهنجو تبصرو موڪليو