آمريڪا نظر انداز ڪيو ته ٻيا آپشن موجود آهن، معيد يوسف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي قومي سلامتي جي مشير معيد يوسف چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا نظر انداز ڪيو ته ٻيا آپشن موجود آهن. اهڙو اظهار هن فنانشل ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته آمريڪي صدر پاڪستاني قيادت سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، فون ڪال نه ڪرڻ لاءِ بهانا ڪيا ٿا وڃن، ڇا فون تي ڳالهائڻ ۽ سيڪورٽي تعاون ڪا وڏي فيور آهي؟ آمريڪا پاڻ چوندو رهيو آهي ته پاڪستان اهم ملڪ آهي ۽ ڪجه معاملن ۾ بشمول افغانستان ۾ ڪم ٺاهي به سگهي ٿو ۽ بگاڙي به سگهي ٿو. اسانکي سدائين اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته جلد فون ڪال ايندي پر هر ڀيري فني سبب ڄاڻايو ٿو وڃي. اخبار لکيو آهي ته معيد يوسف پنهنجي آپشنز بابت وضاحت نه ڪئي پر ظاهر آهي ته چين ئي ٿي سگهي ٿو. اخبار موجب وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو آهي ته دنيا جا ڪيترائي ليڊر آهن جن سان جو بائيڊن نه ڳالهائي سگهيو آهي ۽ درست وقت تي هو عمران خان سان ضرور ڳالهائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو