اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ٻيهر آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست واپس وٺڻ سبب نمٽائيندي نئين درخواست داخل ڪرڻ جو چيو آهي. جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس منيب اختر تي مشتمل بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته ايم ڪيو ايم جو وڪيل صلاح الدين پيش ٿيو ۽ فاروق ستار به موجود هو. اها درخواسر فاروق ستار داخل ڪئي هئي. جڏهن هن ڳالهائڻ جي اجازت گهري ته عدالت چيو ته اوهانجي وڪيل ڳالهايو آهي. وڪيل چيو ته هاڻي فاروق ستار جو ايم ڪيو ايم سان تعلق ناهي. جسٽس منيب اختر چيو ته هي ڪافي پراڻي درخواست آهي اوهان نئين درخواست داخل ڪيو. درخواست ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي جي آدمشماري ۾ ڌانڌلي ٿي آهي 13 بلاڪ اهڙا آهن جتي ووٽر وڌيڪ ۽ آبادي گهٽ آهي. ڄاڻي واڻي سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. جسٽس مشير عالم چيو ته جيڪو به هو آدمشماري ٿي وئي ۽ رڳو اوهان کي نه پر ٻين صوبن کي به اعتراض آهن، اوهان ئين دخواست ڏيو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته عدالتي فيصلي تي هن کي تحفظات آهن ۽ عدالت ٺيڪ نه ڪيو آهي.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ