پاڪستان ۾ بيمار قيدي جي علاج جي اجازت ڪيئن ملندي آهي؟

پاڪستاني جيلن ۾ قيد مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي طرفان هر ايندڙ  ڏينهن حڪومت تي جيل ۾ مناسب طبي سهولتون فراهم نه ڪرڻ ۽ قيد اڳواڻن کي علاج معالجي جي غرض سان جيل کان ٻاهر مناسب اسپتالن ۾ منتقل نه ڪرڻ جي شڪايت سامهون ايندي رهندي آهي. بي بي سي هن رپورٽ ۾ هي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته  ملڪ ۾ لاڳو قانونن هيٺ جيڪڏهن ڪير قيدي بيمار ٿي وڃي ٿو ته  ان حوالي سان جيل جا ضابطا ڇا آهن ۽ ڪنهن قيدي کي جيل کان ٻاهر اسپتال ۾ منتقل ڪرڻ جي لاءِ جيل اختيارين کي صوبائي حڪومت کان ڪنهن نوعيت جو اجازت نامو  گهربل هوندو آهي ۽ اهو اجازت نامو ڪهڙن بنيادن تي جاري ڪيو ويندو آهي؟

بيمار قيدي جي شڪايت ۽ اختيارين جي ذميواري

پنجاب صوبي جي هڪ جيل سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو ته پاڪستان پريزنز رولز 1978  (پاڪستاني جي جيل جا قائدا) ان حوالي سان تمام واضع آهن. هن ٻڌايو ته رول 78 جي تحت جڏهن به ڪوئي قيدي ڪنهن بيماري يا طبيعت خراب ٿيڻ جي شڪايت ڪندو آهي ته جيل ۾ موجود  ميڊيڪل آفيسر يا جونيئر ميڊيڪل  آفيسر جي اها ذميواري آهي ته هن جو معائنو ڪن ۽ ضرورت محسوس ٿيڻ تي کيس جيل ۾ موجود اسپتال ۾ وڌيڪ علاج جي لاءِ داخل ڪن. ان جي لاءِ ڪنهن اجازت جي ضرورت ناهي هوندي جڏهن ته هن حوالي سان جيل سپرنٽنڊنٽ کي آگاهه ڪرڻ ۽ قيدين جي رجسٽر ۾ داخلا ڪرائڻ ميڊيڪل آفيسر جي ذميواري هوندي آهي. جيل سپرنٽنڊنٽ جا محدود صوابديدي اختيار آهن. جيئن ته اگر ڪنهن قيدي کي جيل کان ٻاهر ڪنهن اسپتال ۾ کڻي وڃڻ جي ضرورت هجي ته ان جا قائدا بلڪل مختلف آهن ۽ ان جي لاءِ حڪومت جي اجازت نامي جي ضرورت پوندي آهي. جيڪو صوبائي گهرو سيڪريٽري جي صحيح سان جاري ٿيندو آهي. هن ٻڌايو ته رول 197 جي مطابق ڪنهن شديد بيمار قيدي کي ايمرجنسي بنيادن تي جيل کان ٻاهر ڪنهن اسپتال ۾ وٺي وڃڻ ۽ چڪاس يا ضروري ٽيسٽن يا علاج کانپوءِ ان ئي ڏينهن واپس جيل وٺي اچڻ جي حوالي سان جيل سپرنٽنڊنٽ وٽ صوابديدي اختيار هوندا آهن. جڏهن ته بيمار قيدي کي ان ضلعي جي حدن جي اندر (جتي جيل آهي) اتي واقع ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال تائين ايمرجنسي بنيادن تي وٺي وڃي سگهجي ٿو ۽ ساڳئي ڏينهن واپس جيل وٺي وڃڻ ضروري هوندو آهي ۽ ان جي انٽري باقائده داخلا جيل رجسٽر ۾ هجڻ ضروري آهي.

ان باري ۾ صوبائي گهرو سيڪريٽري جا اختيار وڌيڪ آهن. جيل سپرنٽنڊنٽ جي مطابق جيڪڏهن ڪنهن بيمار قيدي کي آئوٽ اسٽيشن وٺي وڃڻو آهي ۽ اسپتال داخل ڪرائڻ گهربل آهي ته ان جي لاءِ صوبائي گهرو سيڪريٽري جو پيشگي اجازت نامو گهربل هوندو آهي. جيل سپرنٽنڊنٽ جيل جي ميڊيڪل آفيسر ۽ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي سفارش تي خط ڊپٽي انسپيڪٽر جيل کي موڪليندا آهن جيڪو ضروري ڪاروائي کان پوءِ ان کي آءِ جي جيل کي موڪلي ڇڏيندا آهن ۽ ان کانپوءِ هي صوبائي گھرو سيڪريٽري تائين پهچندو آهي. گهرو سيڪريٽري کان لکت وارو اجازت نامو منظور ٿيڻ کان پوءِ قيدي کي جيل کان ٻاهر اسپتال داخل ڪرايو ويندو آهي ۽ جيل جي قائدن تحت پوليس جي وردي پهريل اهلڪار اهڙي قيدي جي حفاظت جي لاءِ اسپتال جي وارڊ يا ڪمري جي ٻاهران مقرر ڪيا ويندا آهن.

گهرو سيڪريٽري ڪهڙِ بنياد تي اجازت نامون ڏيندو آهي؟پاڪستان جي جيلن ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر موجود ناهن هوندا پر هڪ جنرل فزيشن مقرر ٿيل هوندو آهي. جيل سپرنٽنڊنٽ جي مطابق ڪنهن به جيل جو سپرنٽنڊنٽ ڪنهن قيدي کي جيل کان ٻاهر اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي تجويز تي ڪندو آهي. جڏهن درخواست گهرو سيڪريٽري تائين پهچندي آهي ته هو فيصلي کان پهريون هڪ ميڊيڪل بورڊ تشڪيل ڏيندو آهي جنهن ۾ قيدي جي بيماري کي مد نظر رکندي ان بورڊ ۾ ٽي يا چار ڊاڪٽر هوندا آهن. ان بورڊ ۾ قيدي کي لڳل بيماري جو اسپيشلسٽ به هوندو آهي. جيڪڏهن بورڊ فيصلو ڪري ته قيدي کي جيل کان ٻاهر ڪنهن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت آهي ته گهرو سيڪريٽري اجازت نامون جاري ڪري ڇڏيندو آهي.

سياسي قيدي

جيل سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو ته عام ڪري جڏهن ڳالهه سياست سان وابسطه قيدين جي ايندي آهي ته سپرنٽنڊنٽ پنهنجا محدود صوابديدي اختيار به استعمال ڪرڻ کان گهٻرائيندو آهي ۽ صوبائي حڪومت جي حڪمن جو انتظار ڪندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته ”سياسي قيدين جا معاملا عام ڪري سياسي حڪومتون ڏسي رهيون هونديون آهن ۽ سياسي قيدي کي ڏنل رعايت به ڪافي وقتن تي اختيارين جي ناراضگي جو سبب بڻجي ويندو آهي. جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته  جيل جا قانون سڀني قيدين جي لاءِ هڪ جهڙا آهن ۽ ان ۾ سياسي يا عام قيدي جو ڪو به فرق نه آهي.

ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت

جيل سپرنٽنڊنٽ جي مطابق علاج جي لاءِ ڪنهن قيدي کي ٻاهرين ملڪ وٺي وڃڻ جي ڪائي ڳالهه جيل مينوئل ۾ ناهي. مون کي مختلف جيلن ۾ ڊيوٽي ڪندي 16 سال گذري چڪا آهن پر آءُ اڄ تائين صوبائي گهرو کاتي کان ڪو ئي اهڙو اجازت نامو ايندي ناهي ڏٺو جنهن ۾ قيدي کي ٻاهرين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هجي. هن جو چوڻ هو ته صرف هڪ ئي طرح ممڪن آهي ته وفاقي حڪومت ڪو به خاص اجازت نامو جاري ڪري يا عدالت بيمار قيدي جي ضمانت منظور ڪري ۽ پنهنجي حڪم ۾ لکي ته فلاڻي فلاڻي شخص کي ضمانت جي عرصي ۾ علاج جي لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت آهي. جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته ان جي علم ۾ ڪو به اهڙو ڪورٽ جو آرڊر به نه آهي.(بشڪريه بي بي سي، سنڌيڪار سليم ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو