طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر جي مهورتي تقريب منعقد

ملير (شهزادو مستوئي) اسٽيل ٽائون ۾ ليکڪ ۽ نقاد ڊاڪٽر فيض جوڻيجو جي لکيل ڪتاب “طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر” جي مهورتي تقريب  ٿي گذري جنهن ۾نامياري عالمي دانشور ۽ تاريخدان  ڊاڪٽر مبارڪ علي سميت سنڌ جي اديبن، دانشورن ،ليکڪن سياسي سماجي ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مبارڪ علي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته ڪتاب انساني تهذيب جي مطالعي تي ٻڌل هوندا آهن انهن ڪتابن ۽ لکڻين جي اهميت ان وقت وڌي ويندي آهي جڏهن اهي عوامي ٻولي ۾ لکيا ويا هجن ان لاءِ ضوروي آهي ته  ليکڪ ماڻهن تائين مادري ٻولي ۾ ڪتاب لکي پهچائين ته عام ماڻهو  دنيا جو علم،سائنس ۽ جدوجهد جي حڪمت عملي جي فن کان ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته هتي ته ماڻهو مادري ٻولي ۾ ڳالهائيندي به شرم محسوس ڪن ٿا جن مان ملڪ، قوم، تاريخ، ڌرتي ۽ ثقافت کي ڪهڙي ترقي ملندي فيض جوڻيجو پنهنجو ڪتاب سنڌي ۾ لکي سنڌي ادب ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ جي بهتر سائنسي بنيادن تي اپٽار ڪئي آهي جنهن جا سنڌي عوام تي گهرا اثر پوندا هن. دنيا ۾ انقلابي سياسي تحريڪن تي ڳالهائيندي هن چيو ته طبقاتي تضاد سبب هڪڙا سياستدان، ليکڪ، دانشور ، اديب ۽ شاعر عوام کي مايوسي، سهپ، ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ فرمانبرداري سيکاري غلامي ۽ پٺتي ڌڪڻ جو سبب بڻجندا رهيا آهن ته ٻئي طرف ان جي ابتڙ سياستدان، اديب دانشور اهڙا به آهن جيڪي پورهيت عوام کي ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ، حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ،انصاف، امن ۽ خوشحال جو سماج جوڙڻ لاءِ همٿائين ٿا اهڙن با همٿ ليکڪن جي لکڻين جو ئي نتيجو آهي جو دنيا ۾ ڪمزورن ڏاڍن خلاف بغاوتون ڪيون ۽ انقلاب آيا هن.

چيو ته پاڪستان ۾ ايوبي آمريت کان مشرف تائين ملڪ جي اديبن،ليکڪن،شارعرن ۽ دانشورن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن سبب اڻ ڳڻيا تخليقڪار سٽ نه سهي وڪجي ويا جيڪو سلسلو اڃان تائين رياست جي آڇيل مراعتن، تمغن، ايوارڊن جي وصولي جي شڪل ۾ جاري آهي هن چيو ته هن وقت اهڙن اديبن ليکڪن دانشورن جي ضرورت آهي جيڪي رياست جو آڇيل سموريون رعايتون ٿڏي پنهنجي علم،عمل ۽ تخليق جي حرمت عظمت بچائين دنيا شاهد آهي ته جيڪي  تخليقڪار نه وڪيا تن کي دنيا اڄ به انهن کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن فيض جوڻيجو جي ڪتاب تي ڳالهائيندي چيو ته فيض پنهنجي ڪتاب ۾ ليکڪن رسول بخش پليجو، شيخ اياز،ابراهيم جويو ۽ ٻين تي لکيو آهي پر ون يونٽ ۽ ايم آرڊي تحريڪ جي دورن ۾ مزاحمتي شاعرن جو ذڪر نه هجڻ برابر ڪيو آهي هن ان ڳالھ تي زور ڀريو ته موجوده وقت جي سائنسي گهرجن کي سمجهي سياسي پارٽيون عوامي ٿين پورهيتن جي ڳالھ ڪن سياسي اڳواڻ عالمي علمن جا ڀڙ ٿين ته ظلمت جو ماريل  عوام ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر فيض جوڻيجو چيو ته روسي انقلاب جي ناڪامي کان پوءِ انقلاب جي عشق ۾ مبتلا گهڙن سوشلسٽن جي پت وائکي ٿي پئي مايوسي سبب ماڻهو انقلابي سياسيت تان ئي هٿ کڻي ويا هن وقت ۾ ملڪ ۾ ليفٽ رائيٽ جي نالي ۾ 19 کان وڌيڪ گروپ موجود آهن جن جي سرگرمين جو  محور انا پرستي کان سوا ڪجھ به نه آهي هن چيو ته رڪاوٽون منزل ڏانهن وڌڻ کان روڪين ٿيون پر موقعا به ملن ٿا ماڻهو اڳتي وڌڻ سکي ٿو. هن چيو ته سنڌي ادب اڻ ڌريو نه رهيو آهي هن وقت جا اديب عريانيت جو ڪينسر ٿي مبتلا ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان جن کي تاريخ طور پنهنجو هيرو سمجهون ٿا اهي تاريخ جا بدترين سفاڪ رهيا آهن اسان کي  آزادي ۽ ڇوٽڪاري ۾ فرق ڪرڻو پوندو. تقريب کي اديب منظور ڪوهيار، منظور شيخ، امين مگسي ۽ ٻين خطا ب ڪيو. ان کان اڳ ڊاڪٽر مبارڪ ڪتاب جي مهورت ڪئي جڏهن ته مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن اديبن نصير گوپانگ، شوڪت پليجوسميت ڪيترن ئي  ڊاڪٽر مبارڪ  ۽ داڪٽر فيض جوڻيجو کي اجرڪن ۽ گلن  جا تحفا پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو