سنڌي سمنڊ تي والار جا نوان عالمي منصوبا

ليکڪ جڳديش آھوجا

 “سي پيڪ گوادر کان ڪراچي منتقل” هي عنوان آهي ٽوڪيو، جپان مان شايع ٿيندڙ اخبار “نڪي ايشيا” جو. جيڪا دنيا جي وڏي مالياتي اخبار آهي، جنهن جون روزانو 30 لک ڪاپيون وڪرو ٿين ٿيون. اخبار موجب چين ۽ پاڪستان ‘ڪراچي ڪوسٽل ڪمپريهينسو ڊيولپمينٽ زون’ منصوبي جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن کي وزيراعظم عمران خان “گيم چينجر” قرار ڏنو آهي. هن منصوبي تحت چين ساڍا ٽي ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ سان ڪراچي پورٽ جي ترقي ۽ توسيع لاءِ ڪم ڪندو. هن منصوبي تحت ڪراچي بندر تي نوان برٿ، نئون ماهيگيري بندر ۽ اولهندي بيڪ واٽر جي 640 هيڪٽرن تي واپاري زون تيار ڪيو ويندو. ان کان علاوه ڪراچي بندر کي منوڙي سان ملائڻ لاءِ پل جي تعمير جو منصوبو زير غور آهي.

سي پيڪ يعني چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو مرڪز گوادر کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جو سبب بلوچ مزاحمت ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن سبب اتي چيني سرمائيڪاري محفوظ نٿي سمجھي وڃي. هاڻي سي پيڪ ۾ گوادر فقط ٽرانزٽ پورٽ طور ڪم ڪندو، جڏهن ته ڪراچي پورٽ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو. ان سان گڏوگڏ اهي خبرون به اچي رهيون آهن ته سعودي عرب به 10 ارب ڊالر جي لاڳت سان گوادر ۾ آئل ريفائنري جو منصوبو ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سي پيڪ منصوبي جي اعلان وقت جيتوڻيڪ اهو اعلان ڪيو ويو هو ته ان جو مرڪز گوادر هوندو پر اها ڳالهه ان وقت به عالم آشڪار هئي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداريءَ جي شهه رڳ ڪراچي پورٽ هوندو، تڏهن ته سنڌ مان ڌاڙيل گردي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ کي وڏي حد تائين ٻنجو ڏنو ويو جو ترقيءَ جي لاءِ امن اولين شرط هوندو آهي.

ڪراچي بندر جي تاريخ تي نظر وجھو ته اوهان سمجھي ويندا ته ڪراچي پورٽ نه رڳو واپاري لحاظ کان پر جنگي لحاظ کان به وڏي اهميت رکي ٿو.

1852ع ۾ ڪراچيءَ هڪ شهر جي صورت ماڻي ورتي هئي، جنهن جي آبادي 14 هزار هئي. 1854ع ۾ ڪراچي بندر جديد پورٽ جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ڪراچي بندر عربي سمنڊ جي اترين ڪناري تي واقع آهي. ڪراچي جي قدرتي بندر جو ذڪر ‘ترڪ عثمانيه’ جي ڪئپٽن سيدي علي ريس 16 هين صديءَ جي ترڪ ڪتاب “ميرت المملڪ” ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ هو سامونڊين کي صلاح ڏئي ٿو ته، “ڪڏهن به ڪنهن ڀنور ۾ ڦاسو ته ڪراشي بندر (Kaurashi Harbour) تي پناهه وٺجو.” سي پيڪ جي ڀنور ۾ اهو ڪراشي بندر ئي چين لاءِ پناهه گاهه بڻجي رهيو آهي. 1728ع ۾ اهو بندر کراڪ وٽ هو جيڪو تيز برساتن سبب لٽجڻ لڳو، جنهن ڪري واپارين اتان لڏو کڻي وڃي موجوده جاءِ تي لڏو لاٿو ۽ اتي جديد بندر جوڙيو. جيڪو ان وقت ڪولاچي جو ڳوٺ، ڪلاچيءَ جو ڪُن، ڪولاچي وغيره نالن سان سڏبو هو. سيٺ نائونمل هوتچند چوي ٿو ته, ‘ڪولاچيءَ جي ڪُن وٽ هڪڙو ڳوٺ هو جيڪو 20 – 25 گھرن تي مشتمل هو. 1725ع ۾ قلات ۽ مڪران کان ڪيترا گھر خانہ جنگي ۽ ڏڪار سبب اتي اچي پناهه گزين ٿيا. 1725ع ۾ ديبڙو وٽ نئون ڳوٺ آباد ٿيو جيڪو ڪولاچيءَ جو ڳوٺ سڏجڻ لڳو. باربريڪان، ڪرا ڪولا ۽ مورنٽو بارا (عورتن جو بندر) طور به ان جو ذڪر اچي ٿو. عرب سامونڊي وڻجارو سليمان ال مهدي (Ad1511) پسني کان ڪراچي تائين ان کي راس ڪراشي (Ras Karashi) سڏي ٿو. 1729ع کان 1783ع تائين ڪراچي بندر جو ڪنٽرول ڪڏهن سنڌ جي حاڪمن وٽ هوندو هو ته ڪڏهن قلات جي خانن وٽ. 1783ع ۾ سنڌ جي مير حڪمرانن ڪراچي بندر جو ڪنٽرول سنڀالي اتي منوڙي جو قلعو تعمير ڪرائي  توپون نصب ڪيون ۽ ڪراچي بندر کي ٻاهرين حملي کان محفوظ ڪري ورتو پر اهو انگريزن جي توپن کان محفوظ نه رهي سگھيو. 1843ع ۾ چارلس نيپيئر جي سنڌ تي قبضي کان چار سال اڳ 3 فيبروري 1839ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايڇ ايم ايس ويلسلي (HMS Wellesly) منوڙي جي قلعي کي تباهه ڪري ڪراچي بندر تي قبضو ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ 1947ع تائين اهو رايل انڊين نيوي جي قبضي هيٺ رهيو جتان ان جو قبضو پاڪستان نيوي ڏانهن منتقل ٿيو.

1950ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن پاڪستان، آمريڪا سان سيٽو ۽ سينٽو جا فوجي معاهدا ڪيا ته آمريڪا پاڪ بحريه جي مدد لاءِ پهتو پر پوءِ به فوجي ڪمان ۾ 1971ع تائين پاڪ بحريه کي نظر انداز ڪرڻ جو رجحان قائم رهيو. 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ جڏهن انڊين نيوي سنڌي سمنڊ ۾ پاڪ بحريه تي حملا ڪري تقريبن اڌ نيوي ختم ڪري ڇڏي تڏهن وڃي فوجي قيادت جون اکيون کليون ۽ انهن پاڪ بحريه کي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي. ان وقت انڊيا جيئن ته ڪميونسٽ سوويت بلاڪ جو اتحادي هو ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس وغيره پاڪ نيوي کي ايتري ته ترقي ڏياري جو هندي سمنڊ ۾ هندستان جي هڪ هٽي ٽٽڻ لڳي. پاڪ آمريڪا ڳٺ جوڙ جو وري اهو نتيجو نڪتو جو سنڌ ۽ بلوچستان جو سمنڊ جھڙوڪر پنجاب ۽ وفاق جي مڪمل قبضي هيٺ اچي ويو جتي هنن توسيع پسندانه  قبضي جون ڪوششون شروع ڪري ورتيون.

1947ع کان 1973ع تائين پاڪ بحريه جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي هو جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي پهرين دور حڪومت ۾ يعني سنڌي بادشاهه ڀٽي جي راڄ ۾ اسلام آباد منتقل ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ ان ئي دور ۾ سنڌ جا ٻئي پورٽ، ڪراچي پورٽ ۽ بن قاسم پورٽ وفاق جي حوالي ٿي ويا. جيستائين اهي ٻئي بندر سنڌ کي واپس نه ٿا ملن تيستائين سنڌ تي سنڌ جي حق حاڪميت هڪ خواب ئي هوندي. ڀل ڪيڏيون به نام نهاد سنڌ حڪومتون جڙن، اهي رهنديون وفاق جي ماتحت.

سمنڊ ۽ سامونڊي بندر آهن سنڌ جا پر انهن کي سنڀالڻ وارن جو مرڪز آهي اسلام آباد ۾ ۽ نيول وار ڪاليج آهي لاهور ۾! ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم اڄ وفاقي حڪومت جي منسٽري آف پورٽس ۽ شپنگ سامونڊي بندرن ۽ جهازرانيءَ جي وزارت وٽ آهن جنهن ۾ سنڌ جو ڪو عمل دخل ڪونهي! انهن بندرن جي حفاظت جو ذمو آهي پاڪ بحريه ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي وٽ جن ڌرتيءَ ڌڻين کي ڏنگي ٻيٽ تي وڃڻ ئي نه ٿي ڏنو ۽ گن شپ بوٽس اچي گھيراءُ ڪيو. اهو آهي اختيار ڌرتيءَ ڌڻين جو پنهنجي سمنڊ تي، پنهنجي ٻيٽن تي، پنهنجي بندرن تي ۽ پوءِ به اسان چئون ٿا ته سنڌ تي سنڌين جو راڄ آهي. نظر جو دوکو ۽ ذهني غلامي  ٻي ڪهڙي هوندي!

هيءَ اها ئي بحريه آهي جنهن بحريا ٽائون جي  فلم اسان جي ڳچيءَ وڌي آهي.  پاڪ بحريه جو ادارو آهي بحريه فائونڊيشن، جنهن 1996ع ۾ ملڪ رياض جي ڪمپني حسين گلوبل  سان معاهدو ڪري ان کان 10 سيڪڙو نفعي جو حصو گهري ‘بحريه’ جو نالو کين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي بحريه جو مالڪ ملڪ رياض سيٺ آهي ڪهڙي مخلوق؟ هي ميٽرڪ پاس مسڪين سيالڪوٽي ملٽري انجنيئرنگ سروس ۾ هڪ ڪلارڪ  طور ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ هن اداري جي ڪرامتن سان پهرئين ڪنٽريڪٽر ۽ پوءِ بزنس ٽائيڪون ٿيو. اسانکي خبر آهي ته سندن نظر شفقت جنهن تي پوي ٿي ته ڪلارڪ مان صدر به ٿيو وڃي. هي ته ويچارو رڳو ٺيڪيدار آهي. هن ملڪ  جا وسيلا شروع کانوٺي  اهڙن ئي ٺيڪيدارن ۾ مال غنيمت طور ورهايا ويندا آهن ۽ ڌرتي ڌڻي ڌڪاريا ويندا آهن. ڪڏهن زمين تي والار ته ڪڏهن درياءُ جي پاڻي تي قبضو ته ڪڏهن ٻيٽن ۽ سمنڊن تي قبضو پر جتي ڪٿي چورن مٿان مور به هوندا آهن.

1947ع  ۾ جن کي سنڌ ۽ بلوچستان جا سمنڊ ۽ ٻيٽ مفت ۾  مليا  تن کي غلامي  جا ڳٽ به  مليا. پهرين برطانيا ۽ آمريڪا جي  حاڪميت ۽ هاڻي  چين ۽ هندستان جي حاڪميت  جو خوف.  تحقيق! مفت ۾ ڪجهه ناهي ملندو، هر شيءَ جي قيمت هوندي آهي. مفت جي مال تي جاوا  هنن جام ڪيا  آهن ۽ هاڻي سندن ڳچي جي ڳٽ کي  سوڙهو ڪيو پيو وڃي. کين ستر سالن کان ڊگهو رسو مليل هو جيڪو هاڻي ڇڪيو پيو وڃي .

هيڏانهن چين هوڏانهن آمريڪا، هيڏانهن هندستان هوڏانهن روس، هيڏانهن ايران هوڏانهن سعودي عرب ۽ هي آهن جيڪي وري سنڌين، بلوچن،

پختونن ۽ مظلوم عوام کي حق ڏيڻ ۽ پاڻ سان ملائڻ بدران  اڃان پيا انهن سان اُچائين ۽ پنهنجي شڪست ۽ اڻٽر زوال کي پيا دعوت ڏين. اسانکي ڪجهه ناهي ڪرڻو بس پنهنجي حقن جو شعور حاصل ڪري انهن جي حاصلات لاءِ  پاڻ پتوڙڻو آهي. ‘ناهي منزل ڏور او ساٿي، ناهي منزل ڏور!’

پهنجو تبصرو موڪليو