بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)حڪومت سنڌ پاران جاري ڪيل ڪووڊ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان پاران ضلعي جي مختلف شھرن جو اچانڪ دورو ايس او پيز جي خلاف ورزي تي 7 هوٽلن سميت 32 دڪان سيل ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته 12 دڪانن تي ايس او پي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي 14 هزار روپيا جرمانو پڻ لڳايو ويو آهي. انھي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين شهرين ۾ ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائزر ورهايا هن شھرين کي چيو ته سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل هدايتن تي عوام کي هرحال ۾ عمل ڪرڻو پوندو ان ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي ان لاء عوام کي ڪرونا وبا جي احتياط ڪرڻ واري ڪوششن ۾ سرڪاري ادارن سان ساٿ ڏئي. ھن چيو ته شھري دڪاندار ۽ واپاري انتظاميه جو ساٿ ڏين ۽ ھجوم نه ڪن ايس او پيز تي عمل ڪن ھڪٻئي سان ھٿ نه ملائين ماسڪ جو استعمال ڪن ته جئين وڌندڙ ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏئي سگهجي ۽ عوام کي گهرجي ته هو بغيرضرورت جي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ته انشالله اسان سڀ گڏجي ڪرونا کي مات ڏئي سگھون ٿا ان لاء احتياط ڪرڻ سڀني جي لاء لازمي آهي ھن وڌيڪ چيو ته شھري جنن جي عمر 18 سالن کان مٿي آهي اھي ڪورونا کان بچاء لاء ويڪسين لڳرائن ان لاء سنڌ حڪومت پاران مفت ويڪسين لڳائي پئي وڃي ان لاء هر عورت ۽ مرد جن جي عمر 18 سال يا ان کان مٿي آهي اهي 1166 تي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين ۽ ڪنهن به ويڪسين سينٽر تي وڃي ويڪسين لڳرائين ته جيئن پاڻ کي ۽ پنهنجي پيارن کي هن وبا کان محفوظ رکن.
اسحاق ڊار نائب وزيراعظم مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
اسلامي بينڪ جي صدر سان ترقياتي منصوبن بابت وزيراعظم جي ملاقات
ماني ڳڀي لاءِ ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ نه ڏيندس: ڪامران ٽيسوري
پي ٽي آءِ جو عمران خان جي آزادي لاءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ
عراق ۾ هم جنس پرستي، جسم فروشي، جنس جي تبديلي سزا ڏوهه قرار
جسٽس بابر ستار وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي
سوشل ميڊيا بابت قانونسازي تي ڪم ڪريون پيا، تارڙ
ڪوئٽه ۾ تيز برساتن سبب تباهي، 21 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي
مردان جي شاپنگ مال ۾ جهيڙو، ريلوي پوليس جا 2 اهلڪار مارجي ويا
حڪومت جو کنڊ برآمد نه ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڊيل لاءِ چئي رهي آهي: شرجيل ميمڻ
مغوي سيشن جج بازياب نه ٿي سگهيو، ڳولا لاءِ ڪميٽي قائم
باجوڙ ۾ برسات، ڪمري جي ڇت ڪري پئي، 2 عورتون فوت
اڄ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ جو امڪان
ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ سڪيورٽي قتل
آمريڪي پرڏيهي وزير سڀاڻي سعودي عرب جو دورو ڪندو
پلان موجب بالنگ ۽ بيٽنگ ڪري راند کيڏي، بابراعظم
هالي ووڊ پروجيڪٽ کي خاص سبب قبول نه ڪيو
‘فل فراءِ’ ٿيل قانون ۽ انصاف جو سرشتو
اڄوڪي-اخبار-2024-04-28