الا گهاتو گهر نه آئيا                            امير بخش جت

الا گهاتو گهر نه آئيا امير بخش جت

جاتي تعلقي جي مالهيا واھ ڳوٺ جا رهواسي 05 آگسٽ واري ڏينهن پنهنجي ٻچن جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاء لانڇ وسيلي سمنڊ ۾ مڇي مارڻ ويا. ڪنهن اونهي ڪُن ۾ ڦاسڻ سبب 07 ملاح لاپتا ٿي ويا جن مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، باقي ملاحن جي خبر چار ئي ناهي پئي. سندن مائرن ڀينرن ونين جون سموريون آسون اڻپوريون رهجي ويون آهن. کين ڪوئي آٿت ڏيڻ وارو نه رهيو. ائين به ناهي ته ملاحن سان همدردي ڪندڙ ڪي تنظيمون يا فرد نه آهن اسان جي 40 لک ماهيگيرن جي چئمپين نمائنده تنظيم جنهن اربين کربين روپين جا پراجيڪٽ ماهيگيرن جي نالي تي حاصل ڪيا آھن ان ماهيگير جماعت جي هيڊ آفيس پڻ ڪراچي ۾ آھي پر افسوس جو ماهيگيرن جي نمائنده تنظيم به بيوس ماهيگيرن جي وارثن سميت ٻڏي ويل ماهيگرن جي لاشن جي ڳولا ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو جڏھن ته ماهيگيرن کان 100 روپيا آمدنيءَ تي 15 روپيه ڪميشن وٺڻ واري فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي به ڪراچي ۾ ئي آهي پر انهن اداري جو به ڪو چڱو مڙس لڙي ملاحن وٽ ناهي پڳو.

هن وقت تائين اسان ٺٽو سجاول ۽ بدين جا ماهيگير صرف پنهنجي پيارن جي لاشن جي ڳولها ۽ واپسي لاء واجهائي رهيا هئاسين ۽ اسان جي نمائندگي ڪندڙ سڀ سوسائيٽيون ۽ مها چئمپين ماهيگيرن جي نالي تي آيل پئسا هضم ڪرڻ واري فارمولي تي عمل پيرا هئا, جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ اسان جي چونڊيل نمائندن سميت ڪراچي جي ڪنهن ماهر به هن طرف لوڻو ئي نه هنيو ته ست انساني جانيون ضايع ٿيون آھن ست گهر اجڙي ويا آھن انهن جي پونئيرن جي ڏک ۾ شريڪ ٿي سندن لاشن جي ڳولا ۾ انهن جي ڪا مدد ڪجي پر شايد انهن کي اهو مناسب نه لڳو هو, جنهن جي ڪري انهن مالهيا واھ جي مالهين کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو آهي. آخر ۾ گذارش اها ڪرڻي آهي ته جن جا جوان پٽ سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي انهن جي مالي واهر ڪئي وڃي ۽ ڪوڙا دلاسا ڏئي سندن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ بند ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو