اسرائيل ۽ فلسطين جي تاريخ ۽ فائر پاور جو جائزو

ليکڪ اعجاز مهر

فلسطين ۽ اسرائيل جي جهيڙي بابت ۽ ٻنهي جي سياسي، معاشي ۽ دفاعي طاقت جو جائزو وٺڻ کان پهرين ٿورو ذڪر فلسطين جي تاريخ جو ته هي خطو 1517 کان وٺي 1917 تائين اوٽامن ايمپائر (ترڪ خلافت)شام جو حصو هو. پهرين عالمي جنگ جي خاتمي بعد برطانوي فوج فلسطين تي قبضو ڪيو ۽ ليگ آف نيشنز 1922 ۾ برطانوي ڪالوني طور ان کي تسليم ڪيو. بيلفور ڊڪليئريشن جيڪو 1917 ۾ ٿيو ان مطابق يهودين جي قومي رياست فلسطين جي ڌرتي تي قائم ڪرڻ جو برطانيا فيصلو ڪيو.

A map of Palestine before establishment of Israel courtesy Wikipedia.

اوٽامن ايمپائر جي خاتمي بعد ڪيترائي ملڪ برطانيا جي ڪالوني بڻيا ۽ ٻئي عالمي جنگ بعد ڪيترا ملڪ آزاد ٿي ويا سواءِ فلسطين جي. گڏيل قومن فلسطين جي ڌرتي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ ورهائڻ جو  ٺهراءُ پاس ڪيو، فلسطيني قيادت ورهاڱو تسليم نه ڪيو ۽ اسرائيل اهو قبول ڪيو. هاڻي سڄي مسلم دنيا چوي ٿي ته گڏيل قومن موجب فلسطيني رياست قائم ڪريو. گڏيل قومن جي ورهاست جو نقشو ڏسوِ ڪلڪ ڪريو.

اسرائيل هڪ منظم رياست طور قائم ٿي ۽ آهستي آهستي فلسطين تي قبضو ڪندي رهي آهي. ڪجهه زمي اسرائيلين فلسطينين کان خريد به ڪندر رهي. اسرائيل هڪ منظم رياست ۽ فلسطيني ويڙهاڪ ان جي ڀيٽ ۾ ڇڙ وڇڙ گروپ آهن جن جي فائر پاور جي ڀيٽ عجيب لڳندي پر فلسطيني ويڙهاڪن جو جذبو ان کي ٿورو منفرد بڻائي ٿو.26 مئي 1948 تي وجود ۾ ايندڙ اسرائيلي رياست جي هن وقت ڪل آبادي تقريبن 88 لک آهي، پوڻا 2 لک ريگولر ۽ ساڍا چوڏنهن لک ريزرو آرمي آهي. 400 ارب ڊالر جي، جي ڊي پي واري اسرائيلي معيشت جي سالياني دفاعي بجيٽ ساڍا ويهه ارب ڊالر آهي جيڪا پاڪستان جي دفاعي بجٽ کان ٻيڻ تي آهي. اسرائيل جي ريگولر آرمي ۾ زميني فوج سان گڏ ايئرفورس ۽ نيوي به شامل آهي، جن وٽ دنيا جا جديد هٿيار آهن.

Present day Israel map as of 2020, courtesy Nations online project.

ٻئي پاسي 48 لک آبادي واري فلسطين جي ڪل جي ڊي پي سوا سورنهن ارب آهي. ايتري ئي تعداد ۾ فلسطيني دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پناهگيرن واري زندگي گهارين پيا جن مان اڪثريت پاڙيسري ملڪن، اردن، شام، لبنان ۽ ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا. فلسطيني آبادي ۾ 10 سيڪڙو ڪرسچن عرب به شامل آهن. پنهنجي ڪامريڊن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جهاز اغوا ڪري شهرت ماڻيندڙ ليليٰ خالد به ڪرسچن عرب فلسطيني هئي. ليليٰ خالد ياسر عرفات جي پي ايل او سان سلهاڙيل رهي، ساڻس منهنجي ملاقات اسلام آباد ۾ 1995 ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن هوءَ ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو پاران سڏايل عورتن جي عالمي ڪانفرنس ۾ بطور فلسطين جي وومن منسٽري جي وزير طور شرڪت لاءِ آيل هئي. ان وقت ڊان جي ناصر ملڪ ۽ بزنس رڪارڊر جي چوڌري سڪندر صاحب ۽ مون ليليٰ خالد سان گروپ فوٽو به ڪڍايو هو.

In 1995 Leila Khalid women affair minister of Palestine in Islamabad, Ch Sikandar with glasses, Nasir Malick with moustaches and Aijaz Mahar (Photo by Tanwir)

خير ڳالهه پئي ڪئي فلسطيني ويڙهاڪن جي فائر پاور جي ته هن وقت غزا جي پٽي جنهن جي ڪل آبادي 18 کان 19 لک آهي، فلسطيني ويڙهاڪن جي تنظيم حماس مزاحمت ڪري رهي آهي. فلسطيني ويڙهاڪن جا ڪافي گروپ آهن جن جي پاڻ ۾ به ٻڌي ناهي ۽ اڪثر طور پاڻ ۾ به وڙهندا رهن ٿا. فلسطينين جي وڏي آبادي اولهندي ڪناري يعني ويسٽ بئنڪ ۾ رهي ٿي جيڪا 27 کان 28 لک تائين آهي. حماس وٽ اينٽي ٽئنڪ ۽ مختلف رينجز وارا زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائيل موجود آهن، اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائيل نه آهن.

Photo courtesy Getty Images through BBC

بي بي سي جي جوناٿن مارڪس جي هڪ رپورٽ موجب حماس هڪ ڪمزور ڌر آهي جن جو تعداد ٻن ٽن هزارن ۾ ٿي سگهي ٿو. عام تاثر آهي ته هنن کي ميزائيل ايران، شام ۽ مصر مان ملن ٿا پر هٿيار ڏيندڙ ملڪ پنهنجي مفادن لاءِ به کين استعمال ڪن ٿا. اسرائيلي انٽيليجنس موجب غزه ۾ حماس هڪ ديسي ميزائل ٺاهڻ جي فيڪٽري به ايران جي مدد سان لڳائي آهي پر ان ۾ ننڍي رينج وارا ناقص ميزائيل ٺهن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته اسرائيلي انتيليجنس موجب ٽن ڏينهن ۾ حماس پاران غزه مان فائر ڪيل 1000 ميزائلن مان 200 ميزائيل غزه ۾ ئي ڪري پيا هئا.

Photo courtesy BBC

حماس وٽ ڪيترا ۽ ڪهڙا هٿيار آهن ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر ماضي جي ڀيٽ ۾ راڪيٽ ۽ انهن تي نصب بارودي مواد جي وزن ۾ واڌ ضرور ٿي آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب حماس وٽ 10 کان 200 ڪلوميٽرن تائين مار ڪرڻ وارا ميزائيل موجود آهن. جن جو تفصيل هن چارٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

اسرائيل پاران 2011 ۾ تيار ڪيل آئرن ڊوم سسٽم حماس پاران فائر ڪيل 90 سيڪڙو ميزائيل فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا هئا. اسرائيل جي دعويٰ آهي ته سندن آئرن ڊوم ميزائيل شڪن نظام 90 سيڪڙو ڪاميابي ماڻي ٿو پر دشمن جي فائر ڪيل ميزائيل کي فضا ۾ تباهه ڪرڻ واري هڪ ميزائيل شڪن تي ڏيڍ لک ڊالر لاڳت اچي ٿي. هي سسٽم اسرائيل ڏانهن ايندڙ ميزائيل کي ريڊار ذريعي فضا ۾ تلاش ڪري ختم ڪري ٿو.

Photo courtesy BBC

ماضي ۾ جڏهن به ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيندو آهي ته وڏو جاني ۽ مالي نقصان فلسطين کي ئي ٿيندو آهي. هر ڀيري تباهي ۽ بربادي سان گڏ انساني الميي جا نوان داستان لکبا آهن.

Israel bombing Gazza, Photo courtesy BBC

عالمي قوتن جي مداخلت بعد ٿيندڙ ٺاپر عارضي ئي هوندي آهي. گڏيل قومن جو ادارو هجي يا آمريڪا سميت عالمي قوتون پنهنجو وزن اسرائيل جي پلڙي ۾ ئي وجهنديون آهن. هاڻوڪي صورتحال مختلف آهي، جڏهن کان گڏيل عرب امارات ۽ بحرين سميت مختلف عرب ملڪن اسرائيل کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان سان فلسطيني ڪاز کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي. فلسطين جي پاڙيسري ملڪن مصر، اردن، لبنان شام آهن. جيئن اوهان هيٺ ڏنل نقشي ۾ ڏسي سگهو ٿا. (هن مضمون لکڻ لاءِ بي بي سي، الجزيره ۽ وڪي پيڊيا تان معلومات حاصل ڪئي وئي ۽ سندن ٿورو مڃون ٿا).

پهنجو تبصرو موڪليو