بااثرن سيٺن پاران مبينا تشدد ڪرايل نوجوان وجي ڪمار عدالت ۾ پيش

خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر ۾ 14 ڏينهن اڳ بااثرن سيٺن پاران خانپورمهر پوليس ذريعي مبينا تشدد ڪرايل نوجوان وجي ڪمار.گهوٽڪي عدالت ۾ پيش. ايس ايڇ او ۽ڊي ايس پي عدالت ۾. عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي عدالت طلب ڪري ورتو. ٻڌايو ته هن وقت ايس ايڇ او ۽ٻين خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت. مان نئون آيو گهوٽڪي ۾مهلت ڏيو. ايس ايس پي گهوٽڪي. عدالت 5 ڏينهن اندر مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خانپور مهر ۾ 14 ڏينهن اڳ بااثرن سيٺن پاران خانپورمهر پوليس ذريعي مبينا تشدد ڪرايل نوجوان وجي ڪمار جي وارثن پاران گهوٽڪي جي عدالت پاران ۾ ايس ايڇ او خانپور مهر اربيلو سانگري ۽بااثرن سيٺن امبريش ڪمار. موتي ڪمار. بچارام. هريش ڪمار خلاف داخل درخواست تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي تي پوليس ۽بااثرن سيٺن جي تشدد جو شڪار نوجوان وجي ڪمار ڪراچي کان واپس اچي گهوٽڪي جي عدالت ۾ لاچار حالت ۾ سندس وارثن سهارو ڏئي کيس عدالت ۾پيش ڪيو. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ فريادي ڌر ۽جوابدار جا ماڻهو عدالت ۾ پيش ٿيا.جتي جڏهن ته ايس ايڇ او خانپور مهر اربيلو سانگري ۽ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو ۽ٻيا پوليس عملدارن پڻ عدالت ۾ پيش. عدالت ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کان پڇيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي کي نوٽس جاري ڪيو اهو پاڻ پيش نه ٿيو آهي. جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فوري طور تي ايس ايس پي گهوٽڪي عدالت ۾ 12 وڳي پاڻ پيش ٿئي ۽ٿوري دير لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي ڪجھ وقت بعد ٻيهر شروع ٿي ته ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي حد ايڏو وڏو ظلم ٿيو آهي توهان ايس ايڇ او ۽ٻين خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي عدالت کي ٻڌايو ته گهوٽڪي ۾ منهنجي نئين پوسٽ ٿي آهي جنهن ڪجھ ڏينھن ٿيا آهن مون کي معاملي بابت ايترو ڄاڻ ناهي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيو مان پاڻ سموري معاملي جي جاچ ڪري وجي ڪمار ۽سندس وارثن کان بيان وٺي قانون موجب ڪارروائي ڪري عدالت م رپورٽ پيش ڪندس جنهن تي عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي 5 ڏينهن مهلت ڏني. سموري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته بااثرن سيٺن پاران خانپورمهر پوليس هٿان بدترين تشدد جو شڪار ٿيل هندو ميگهواڙ نوجوان وجئي ڪمار کي ڪراچي کان گهوٽڪي جي عدالت آندو ويو آهي واضح رهي ته وجي ڪمار تي بااثرن سيٺن هريش. ڪمارڪانيه. امبريش. موتي رام. بچارام پوليس ٿاڻي تي ويهي تشدد ڪرايو هو. نوجوان وجي ڪمار تي الزام گرو نانڪ مندر ٻاهران مبينا ناري کي حراسان ڪرڻ جو الزام وجي ڪمار گرفتار ڪيو ويو ۽بعد ۽ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. کيس رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽حالت نازڪ هجن بعد ڪراچي جي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو