سکر(پ ر)انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران، سال 2020 ۾ ڇپيل ڪتابن تي چٽاڀيٽي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. جنرل سيڪريٽري داڪٽر خادم منگي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي، انگريزي، اردو، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي، براھوي، پشتو، ھندڪو، ڪشميري، شينا ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپيل ادبي ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا ويندا. ناول جي شعبي ۾ پھريون نمبر کڻندڙَ ڪتابَ جي ليکڪَ کي انالحق اڪيڊميءَ پاران ڏھ ھزارَ روپيا روڪ انعام طور پڻ ڏنا ويندا. شاعري، ڪھاڻيون. ناوليٽ. ناول، تنقيد، تحقيق، تاريخ، اينٿروپالاجي، مضمون، سماجي سائنس، ٻاراڻي ادبَ، سفرنامي، يادگيرين، ترجمي، لغت، ڊڪشنريءَ، لطيفيات، جيل ڊائريءَ، جلاوطنيءَ دوران لکيل ادب، سياسي ادب. سائنسي فڪشن، آپ بيتيءَ ۽ ادبي خطن جي شعبن ۾ به چٽاڀيٽي ڪرائي ويندي. سمورن ليکڪن کي گذارش آھي ته ھو پنھنجن ڪتابن جو پنج ڪاپيون 30 مئي 2021 تائين، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، گهر نمبر 619 ٻيلي کاتي جي آفيس سکر جي پويان، جي ائڊريس تي اماڻين. چٽاڀيٽيءَ ۾ صرف پھرئين ايڊيشن وارو ڪتابُ ئي شامل ٿي سگهندو.
سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن اجلاس طلب
زرداري نجي دوري تي دبئي روانو، گيلاني قائم مقام صدر
ايراني صدر،پرڏيھي وزير سميت ھيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت
ايراني قوم پرعزم آهي، ڏکيو وقت گذاري ويندي: مراد شاهه
گم ٿي ويل شاعر احمد فرهاد جي بازيابيءَ لاءِ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم
چيف جسٽس جو قيمتي تحفو توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم
ايراني صدر جي لاڏاڻي تي سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ هڪ منٽ جي خاموشي
آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فدان جي ملاقات
وطن جي حفاظت ڪندڙ سمجهدار آهن، ريمارڪس سان تڪليف ٿي،تارڙ
ڪارنهن الزام،جوابدار گهر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
مدئجي ڀرسان معصوم نينگر جو لاش مڇيءَ جي تلاءَ مان هٿ
شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ،ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ
ايراني صدر حادثو: صدر ۽ وزيراعظم طرفان ڏک جو اظهار
ناڻي واري وزارت پاران آءِ ايم ايف کي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو پيش
نيب وٽ ثبوت ناهن، هي ادارو ملڪ جي تباهي جو سبب بڻيو: عباسي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 30 پئسا ٿي ويو
نواز شريف 1985ع کان وٺي حڪومت تبديل ڪرڻ جي هر سازش ۾ ملوث رهيو
ن ليگ اڳواڻ رانا ارشد جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن رد
لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙڪيس: عمران خان،شيخ رشيد، فيصل جاويد بري
نوابشاهه ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا