سنڌ جي ايڪتا ۾ ميڊيا جو ڪردار، اياز خاصخيلي

اگر تاريخ جا صفحا ورائي ڏسجي ته سنڌ ڌرتي رڳو ھيئنر نه پر آزادي کان اڳ به ھميشه سياست جو محور رھي آھي انھي جي لاءِ سنڌ ڌرتي ھن خطي کي وڏا وڏا ليڊر ۽ ڏاھا ڏنا آھن ان جي باوجود به سنڌ ھميشه ڏاڍن جي عتاب ھيٺ رھي آھي  جنھن جا تازا مثال صوبي کي ٽوڙڻ ۽ وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ سميت سنڌ پوليس کي ھائيجيڪ ڪري زور جي بنياد تي پنھنجي ھٺ ڌرمي قائم ڪرڻ شامل آھي. انھي جي باوجود سنڌ جي مختلف پارٽين توڙي سول سوسائٽي ۽ سجاڳ ڌرين طرفان مڪمل ايڪتا جو مظاھرو ڪندي سنڌ جي حقن جي  آواز لاءِ ھڪ ٿي ڪري انھن خطرناڪ ارادن خلاف ھڪ مضبوط ٻنجو ڏيڻ ۾ ڪامياب ضرور ٿيا آھن  پر ان جي باوجود اڃا تائين سنڌ صوبي مٿان خطرن جا ڪڪر ٽريا ناھن. ايڪتا ڏينهن جي جيڪڏهن اصل ڪٿا ڏسجي ته سنڌي قوم تمام پراڻي تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿي. اگر موهن جي دڙي سان ئي انهي عمر ۽ ثقافت جي عمر جي ڪڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته  پنج هزار سالن کان به وڏي آهي. ظاهر آهي ايڏي پراڻي تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ قوم جي جيون ۾ ڪيترا ئي لاها چاڙها آيا هوندا پر انجي باوجود اگر اڄ به سنڌي قوم آهي، ٻولي آهي، ثقافت آهي ۽ پوري دنيا  جي گولي تي آهي ته انهي مان هن قوم  ۽ انجي تاريخ جي گهرائپ کي چڱي نموني سمجهي سگهجي ٿو. اڄ کان ٺيڪ يارنھن سال پهريان 2009 ۾ اردو ميڊيا جي  هڪ تعصب پرست اينڪر پرسن شاھد مسعود پنهنجي مختلف ٽي وي تجزين ۾ ان وقت جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ٻين الاقوامي دورن عام طور تي ۽ خاص طور تي انهي وقت  ويجهڙائي ۾ ڪيل ايران جي  دوري دوران سنڌي ويس سان پهريل سنڌي ٽوپي تي چٿر ڪئي هئي، شايد شاهد مسعود کي خبر ڪون هئي ته سندس ڪيل چٿر انهي قوم تي هئي جنهن جي شاندار ماضي ڪيترن ئي شاندار ڪارنامن سان ڀري پئي آهي ۽ هي اها قوم آهي جيڪا غيرتمند جوڌن ۽ جوانن جي هڪ نه کٽندڙ   لسٽ رکي ٿي جن پنهنجيون جوانيون ۽ زندگيون ارپي ڪري قوم کي جي ڌان ڏنو آهي. هن قوم کي تباھ ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي سازشون ڪرڻ جي باوجود اڄ به قائم ۽ دائم آهي. شاهد مسعود جي انهن ٽوپي مخالف تجزين ۽ تبصرن تي بحيثيت سنڌي جي سڄي دنيا جي رهندڙ سنڌين جو غم ۽ غصو هيو جنهن جي گڏيل نمائندگي انهي وقت جي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سربراه ۽ اڄ جي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز  گروپ جي روح روان علي قاضي ڪندي ڊسمبر ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جي اعلان سان ڪئي جيڪا بعد ۾ ٻين سنڌي چئينلن  سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي  ۽ بين  ميڊيا هائوسز به فالو ڪئي جنهن کي سنڌي عوام تمام گهڻي اڪير سان قبوليو. انهي شروع ڪيل ايڪتا ڏينهن جي باقاعده شروعات ته ٿي پر هر ميڊيا واري دوستن پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۽ سڏ جي حوالي سان ورهايل نموني ڪئي پر عوام گڏ رهي ۽ ڏڻ ملهائبو رهيو. ﷲ ڪري گذريل سال سنڌي ميڊيا هائوسز جا مالڪان گڏجي ويٺا ۽ سنڌي ايڪتا ڏينهن کي هڪ ڏينهن ۽ هڪ نعري “هڪ سنڌ هڪ ثقافت” تحت ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪو مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن گهڻو ساراهيو جنهن سبب گذريل  سال ملهايل ايڪتا ڏينهن ٻين سالن جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻي جوش جذبي ۽ ولولي سان ملهايو ويو جنهن کي ملڪي توڙي غير ملڪي ليول تي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. هن سال ملها گذريل سال ملھايل ايڪتا ڏينهن جي هڪ خوبصورتي اهيا به هئي ته جتي اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا پاڻ ملهايو اتي سنڌ اندر هلندڙ سوشل ميڊيا جو هڪ نئون ميڊيم ويب ٽي وي به ڪنهن کان پوئتي نه رھيو ۽ تقريبن هر سنڌ جي هر شهر مان هلندڙ ويب ٽي وي پنهنجي پنهنجي شهرن کي نمايان طور پيش ڪيو.  هاڻ ٿورو انهي ايڪتا ڏينهن جي يارنھن  سالن جي تاريخ کي ڏسون ته انهن يارنھن  سالن کان ملهائيندڙ ايڪتا ڏينهن سنڌي قوم کي ڇا ڏنو آهي؟. اگر باريڪ بيني سان ڏسجي ته ايڪتا ڏينهن هن قوم جي ساه کي ويساه  ڏنو آهي جنهن ۾.

1. سنڌي ماڻهن جي زوال پذير  هنرن اجرڪ، ٽوپي، لنگهي، ڪاشي، رلي ۽ گج وغيره کي تمام گھڻي پذيرائي ڏني جنهن سبب انهن هنرن جي واپار کي هٿي آئي ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي ليول تي انهن جي کپت ۾ هڪ بهترين سطح جو اضافو آيو ۽ ڪجهه واپاري اينالاسس مطابق انهن هنرن جي سيڙپ ۽ کپٽ ۾ ٽي کا چار سو فيصد اضافو ٿيو آهي. ڪافي بيروزگار نوجوان مرد توڙي عورتون روزگار سان لڳا آهن. 

2. پٽڪي اجرڪ ۽ ٽوپي کي پائڻ جي گهٽ ٿيندڙ ٽرينڊ ۾ وڏي پئماني تي بهتري آئي، ميڊيا  تي اچڻ سبب اڄ جو نوجوان پٽڪي ٻڌڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، اڄ جو نوجوان ٽوپي پائڻ پسند ڪري ٿو ۽ اڄ جو نوجوان اجرڪ پهرڻ پسند ڪري  ۽ انکي پنهنجي سڃاڻپ سمجهي ٿو جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.

3. ملڪي توڙي غير ملڪي ليول تي سنڌي بحيثيت قوم ۽  ثقافت جي هڪ عليحده سڃاڻپ ٿي آهي.

4. سنڌي جي سڃاڻپ ڪچهري، مچ ڪچهري ۽ اوطاقي ۽ ميزباني رسم و رواج جيڪا تقريبا ختم ٿيڻ تي هئي انکي وري نئين سري سان اجاگر ڪيو ويو. ڏور بيت، موسيقي ڳجهارتون وغيره وري هڪ دفعو اڀري سامهون آيون آهن.

5. سنڌي ثقافت واريون شيون سوکڙي پاکڙي ڏيڻ جو رواج وڌيو آهي.

6. پنهنجو پاڻ ۾ ويڇا وساري ملڻ جلڻ کي پڻ هٿي ملي آهي.

7. سنڌي فن موسيقي ۽ شاعري ۾ جدت آئي آهي. مختلف ڌنن ۽ شاعري سان گڏ يڪتارو چپڙي سان گڏ پاپ ميوزڪ ۽ سنڌي ڪلاسڪ ميوزڪ کي به تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. جنهن سبب فن ۽ فنڪار جو قدر ٿيڻ شروع ٿيو آهي.

8. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٺهيل هو جمالو، دنيا جو وڏي مان وڏو اجرڪ به هڪ مختلف سڃاڻپ طور پنهنجي مڃتا ماڻي چڪا آهن.

9. وڏن شھرن ۾ رھندڙ مٿين ڪلاس جي عورتن توڙي مردن اجرڪ کي ماڊرن ڊريس طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آھي ۽ وڏن وڏن ڪپڙي جي برانڊن اجرڪ  جي ڊزائين کي اھميت ڏيڻ شروع ڪئي آھي.

اهي ته اهي ڪم آهن جيڪي سٺا ٿيا آهن جن جي تعريف به ڪرڻ گهرجي ۽ همت افزائي به.

اهڙي طرح اسان سڀني کي هر سال اهو قومي ڏڻ گڏجي سڏجي ڪري قومي جوش جذبي سان ملهائڻ گهرجي پر ان ۾ هر سال ملهائيجندڙ ايڪتا ڏينهن ۾ ڪو نه ڪو هڪ مقصد هجڻ هئڻ گهرجي ۽ انهي مقصد جو تعين سنڌي قوم جا ساڃاه وند ماڻهو، ميڊيا، اديب، سول سوسائٽي گڏجي ڪري ۽ انهي مقصد ۽ نعري جو اعلان انهي سال جي ملهائيجندڙ ايڪتا ڏينهن تي ايندڙ سال جي لاءِ ڪيو وڃي جنهن کي سنڌ جي سڄي ميڊيا خصوصي طور جن وٽ بهترين ويوورشپ آهي جهڙوڪ ٽائيم نيوز ،ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي  وغيره ھڪ تسلسل سان سڄو سال نشر ڪري .  ايڪتا جي ڏهاڙي جي لاءِ جيڪي مقصد ٺاهيا وڃن انهن ۾ اسانجو مدي خارج رسمون جهڙوڪ ڪارو ڪاري، بدي جون شاديون ۽ قبيلائي جهيڙا وغيره، ان سان گڏ  سائنس، تعليم، اسڪلس، ڀائيچاري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي جهڙا موضوع شامل ڪيا وڃن ۽ پورو سال انهي چونڊيل مقصد کي فوڪس ڪري انکي بامقصد تسلسل سان ميدان عمل ۾ آندو وڃي. منهنجي ذاتي صلاح اها آهي ته ڪارو ڪاري جي رسم خلاف هڪ منظم تحريڪ هلائي ڪري انهي جو خاتمو ڪرائجي، پري نه پر رڳو گذريل ايڪتا ڏينھن کان ايندڙ ايڪتا ڏينھن هن سال جي ايڪتا تائين ڪيتريون ئي بيگناھ  نياڻيون ڪارو ڪاري جو شڪار ٿيون آهن گذريل سال دادو واهي پانڌي جي آس پاس هڪ نياڻي کي ڪاري ڪري سنگسار ڪيو ويو ۽ ھن سال ڄامشوري ضلعي جي تعلقي مانجھند ۾ به ساڳي قسم جي ھڪ واقعي کي ورجايو ويو. اهڙين واقعن سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي جنهن جو ازالو لازمي آهي.  اهڙي طرح اتر سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا سنڌي قوم کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن جنهن کي ختم ڪرڻ  جي لاءِ انهي ايڪتا ڏينهن جي مدد سان مهم جهوئي ڪرڻ گهرجي. پيري مريدي جي ڪري به سنڌ تي ڏمر موجود آهي جنهن جي لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ گهرجي. هميشه پر امن رهندڙ سنڌ جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته اها صوفين جي سرزمين آهي، پيار جي زمين آهي سا اڄڪلھ عجيب ڪشمڪش ۾ آهي ۽ مذهبي ڪثرپڻي جي ور چڙهيل آهي جنهن جو خاتمو لازمي آهي جئين اسين پنهنجي قومي تشخص کي برقرار رکندي پنهنجو  مستقبل سنواري سگهون. اسين تعليم، سائنس، اسڪلز جي حوالي سان هلندڙ دور کان ڪافي پٺتي آهيون جنهن جي لاءِ به هن ايڪتا ڏينهن کي هاڪاري استعمال ڪري سگهجي ٿي. انهي کانسواءِ پهرين ڊسمبر عالمي ايڊز جو ڏينهن به آهي ۽ ڪورونا وبا کان پوئي   ايڊز اڄڪلھ سنڌ ۾ تيزي سان ڦهلجي رهي آهي جنهن جي لاءِ به ايڪتا ڏينهن کي هاڪاري استعمال ڪري سگهجي ٿو. ايڪتا ڏينھن جي حوالي سان سنڌي ميڊيا جي ھڪ اداري جي طرفان  وقت جي حالتن ۽ انھن جي نزاڪت کي سمجھندي ھن سال جي ايڪتا ڏهاڙي کي “ڪراچي سنڌ آھي” جي سري ھيٺ ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي جنھن جو ھڪ خاص مقصد اھو به آھي ته صوبي ۾ مخصوص نموني سان حالتون تبديل ٿي رھيون آھن يا ڪيون پيون وڃن ، اھڙي صورتحال ۾ ڪراچي کي ايڪتا سرگرمين جو محور ڪيو وڃي جئين دنيا ڏانھن پوري سنڌ جي طرفان ھڪ پيغام وڃي ته اسين ھزارين سالا تاريخ جا محافظ ۽ امين آھيون ۽ اسان پنھنجي ثقافت، تھذيب ۽ تاريخ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ ڪنداسين. انھي جي لاءِ سنڌ جي سول سوسائٽي توڙي ساڃاهه وندن پنھنجو ڪردار ادا ڪندي “ڪراچي سنڌ آھي” جي نعري ھيٺ سنڌي ميڊيا کي گڏ ڪرڻ جي عملي حامي ڀرين ٻي صورت ۾ الڳ الڳ ديڳڙي چاڙهڻ سواءِ نچڻ ڪڏڻ جي اسانکي ڪو نتيجو نه ڏيئي سگھندي.

پهنجو تبصرو موڪليو