اميد ته بلاول نواز شريف جهڙو سلوڪ نه ڪندو، قادر/ زهري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) بلوچستان جا 2 اڳوڻا صوبائي صدر عبدالقادر بلوچ ۽ سردار ثناءُ الله زهري ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا. عبدالقادر بلوچ قوبي جو اڳوڻو گورنر ۽ ثناءُ الله زهري وڏو وزير رهي چڪا آهن. جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جيڪا ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي. عبدالقادر بلوچ چيو ته نواز ليگ بلوچستان ۾ هاڻي ڪابه سياسي شخصيت ناهي رهي، پ پ جو صوبي ۾ نظرياتي ووٽ موجود آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ بلوچستان ۾ اڪثريتي حڪومت ٺاهيندي، اڳوڻي وڏي وزير ثناءُ الله زهري پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته کين عزت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه گهرجي، پر نواز شريف کين بي عزت ڪيو، اسان اسحاق خان سان گڏجي سازش ذريعي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائي، نواز شريف جي حڪومت آئي ته سڀ کان پهرين اسحاق خان ئي نشانو بڻيو، نواز شريف جي رڳن ۾ وفا ئي نه آهي، بلاول ڀٽو شهيدن جو وارث آهي، مان به شهيدن جو وارث آهيان نواز شريف جيڪو ڪجهه ڪيو، اُميد ته بلاول ائين نه ڪندو

پهنجو تبصرو موڪليو