گوگل پڪسل 4 اي جي پهرين جهلڪ سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوگل پڪسل سيريز جي نئين بجٽ فون جي پهرين تصوير ليڪ ٿي سامهون اچي وئي آهي. سمارٽ فون جون تصويرون ليڪ ڪرڻ جي حوالي سان مشهور آن ليڪس ۽ 91 موبائل پڪسل 4 اي جي رينڊرز پوسٽ ڪئي آهي. اهو گوگل جو پهريون فون هوندو جنهن ۾ 5 سيلفي ڪيمرا ڏنا ويندا ۽ بيزل نه هجڻ جي برابر هوندا. 5.7 يا 5.8 انچ ڊسپلي واري هن فون ۾ حيران ڪندڙ پڪسل 4 جي مقابلي ۾ بيزل گهٽ ڪيا پيا وڃن ۽ ان جي نتيجي ۾ ممڪن طور تي چهري سان فون کي لاڪ ڪرڻ جو آپشن ۽ هينڊ فري راڊار ختم ڪرڻ جو امڪان به آهي. ان نئين فون جي بيڪ تي به پڪسل 4 جهڙا چئوڪنڊا ڪيمرا سيٽ اپ نظر اچي رهيو آهي پر صرف هڪ ڪيمرا ڏنو ويندو جنهن ۾ ٽيلي فوٽو لينس نه هوندو. ان باري ۾ في الحال اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ان ۾ پراسيسر ڪهڙو هوندو، اسٽوريج ۽ ريم ڪيتري ڏني ويندي پر ممڪن آهي ته پڪسل 4 جي مقابلي ۾ اهو گهڻو طاقتور نه هوندو. اهو فون ايندڙ سال جي پهرين 6 ماهي دوران ڪنهن به وقت متعارف ڪرايو ويندو. ياد رهي ته گوگل پڪسل ٿري سيريز جا فون سستي ورزن پڪسل 3 اي ۽ پڪسل 3 اي ايڪس ايل کي مئي 2019 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن ۾ ڪيمرا سسٽم سميت فيچر پڪسل 3 جهڙو ئي هيو پر قيمت جي لحاظ کان اهي سستا هيا. پڪسل ٿري اي جي قيمت 399 ڊالر جڏهن ته پڪسل ٿري اي ايڪس ايل جي قيمت 479 ڊالر رکي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو