پريمي جوڙي جو تحفظ جو مطالبو، زندگي گذارڻ ڏيو

ٺٽو (ڊ ر)ڳوٺ محمد عثمان جاکرو جو رھواسي پريمي جوڙو تحفظ لاء صحافين وٽ پھچي ويو، مرضي سان شادي ڪئي آھي، مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آھن. جيڪي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، نئين زندگي گذارڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي. پريمي جوڙو، ان سلسلي ۾ مڪلي لڳ ڳوٺ محمد عثمان جاکرو، حال رھندڙ عبدالله ڳوٺ، قاسم ٽائون، ضلعو ملير ڪراچي جي رھواسي زال مڙس روشن علي ولد ڌڻي بخش جاکرو پنھنجي زال مسمات تھمينه ڌيء عبدالواحد سان گڏ صحافين سان ڳالھائيندي تحفظ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو،  پنھنجي مرضي سان ھڪ ھفتو اڳ 24 سيپٽمبر 2020 تي روشن علي ولد ڌڻي بخش جاکرو سان شريعت محمدي موجب شادي ڪئي آھي، جنھن مان منھنجا مائٽ خوش ناھن، جيڪي اسانجي جان جا دشمن بڻجي اسانکي قتل ڪرائڻ چاھين ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو