سنڌ جي ڌرتي تي سنڌ جي نياڻين ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادين جا واقعا روزانو اخبارن ۾ پڙهڻ لاء ملن ٿا پر9 جولاء جي واقعي ته لڱن مان سيسراٽيون ڪڍي ڇڏيون. حيدرآباد شهر جي او آر ڪالوني جي بابن شاھ پاڙي مان برف وٺڻ لاءِ ويل 12 سالن جي قادر بخش سيال ۽ سندس 8 سالن جي ڀيڻ رخسانه کنڀجي ويا. ٻارنهن سالن جي قادر بخش حيوان صفت دردندن سان مزاحمت ڪئي پر ظالمن کيس ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. جيڪو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت (شھيد) ٿي ويو. فوت ٿيڻ کان اڳ ۾ هن پوري واردات پوليس عملدارن ۽ گهر ڀاتين کي بيان ڪري ٻڌائي. سندس فوت ٿيڻ بعد پوليس ڪو به ايڪشن نه ورتو. بلڪه هميشه جيان تماشائي بڻيل رهي. ٻن SHO پاران حد نه هجڻ جو جواز ٻڌائي قادر جي قتل ۽ رخسانه جي بازيابي لاء ڪو به قدم نه کنيو. حيوان صفت انسانن پنهنجي جنسي بک مٽائڻ خاطر 2 معصومن گلن جهڙن ٻارڙن جي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ۽ ڏک جي ڳالھ اها آهي جو سنڌ صوبي جي وزيراعلي سيد مراد علي شاھ , پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سڀ سياسي جماعتون خاموش رهيون. ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. اهڙي صورتحال ڏسي جيءُ جهري پيو ۽ هڪدم ذهن ۾ اهو سوال اڀريو ته ڇا اسين مهذب قوم آهيون؟ ڇا اسين انسان سڏرائڻ جي لائق آهيون؟ ڇا سنڌ جي هاڻي سڃاڻپ جنسي درندن واري بچي آهي؟ بلاول ڀٽو کي سکر IBA ۾ افتتاح ڪرڻ لاء ٽائيم ۽ سڪيورٽي هئي پر معصوم قادر ۽ رخسانه جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ جو وقت نه هو. بلاول ڀٽو نوابشاھ ۾ بينظير ڀٽو جي سالگرھ واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته نيازي صاحب اسان توهان کان هر ڳالھ جو حساب وٺنداسين ايتري قدر جو آصف علي زرداري جي گرفتاري جي وقت آصفه ڀٽو جي اکين مان ڪريل هر هڪ ڳوڙهي جو حساب وٺنداسين. بلاول ڀٽو کي آصفه جا ڳوڙھا ته نظر آيا پر کيس ايوان تائين پهچائيندڙ قادر بخش ۽ رخسانه جون دانهون ۽ آهون ياد نه آيون؟ سندن وارث رت جا ڳوڙھا روئن ٿا اهي به کيس نظر نه آيا. پنجاپ صوبي جي شھر رحيم يار خان ۾ پيش آيل ٽرين واقعي تي بلاول ڀٽو جلدي مذمت ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کان استيفعيٰ جو مطالبو ڪيو. هن مذمت انڪري ڪئي جو اهو حادثو سنڌ صوبي جو نه پر پنجاب جو هو. ڇو ته انهي ۾ سندس سياسي فائدو پڻ ھيو پر معصوم قادر بخش ۽ رخسانه سان نا انصافي ڪندڙ سندس حڪومت جا هلڪار ياد نه آيا. بلاول ڀٽو صاحب پهريان انصاف ڪريو ۽ پوء انصاف جي اميد ڪريو. توهان آصفه جي ڳوڙھن جي حساب جي ڳالھ ٿا ڪريو پر مان توهان کان سنڌ صوبي اندر روزانو رت جا ڳوڙها ڳاڙيندڙ رخسانه سميت سوين نياڻين جي ڳوڙھن جو حساب ٿي گهران. منهنجي سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن ۽ سرڪاري عهدن ۽ اقتدار جي ڌڻين کي اپيل ٿي ڪريان ته هو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن سنڌ جي سڃاڻپ تي ٿيندڙ وار جو نوٽيس وٺن هي درندن نه پر امن پسندن جي ڌرتي آهي. ياد رکو اوهان جون پنهنجيون به نياڻيون هونديون اڄ ٻئي ڪنهن سان ظلم ٿيو آهي سڀاڻي اوهان جو واوروبه اچي سگهي ٿو. سنڌيو سجاڳ ٿيو سنڌ جي نياڻين جي ڍال بڻجو.( اقرا ڦلپوٽو پير جو ڳوٺ، خيرپور)
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ