11 هزار سائنسدانن موسمياتي تبديلين کي ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي 153 ملڪن جي 11 هزار سائنسدانن موسمياتي تبديلين کي ايمرجنسي قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن طرز زندگي کي وڏي پئماني تي بدلايو نه ويو ته انسانن جو وڏين مشڪلاتن کان بچڻ ناممڪن بڻجي ويندو. سائنسدانن هڪ خط ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي جيڪا موسمياتي سائنس تي مبني هيو جنهن جي تشڪيل 1979 ۾ پهرين عالمي موسمياتي ڪانفرنس ۾ رکي وئي آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي ادارا ان ڳالهه تي زور ڏئي چڪا آهن ته گرين هائوس گيز جي خرچن جي شرح ۾ ڪهڙي طريقي سان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ان خط ۾ اوريگن اسٽيٽ يونيورسٽي جي پروفيسر وليم ريپل لکيو آهي ته 40 سالن کان عالمي سطح تي مذاڪرات باوجود حالتن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي ۽ اسان ان بحران تي قابو پائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهيون. بائيو سائنس ۾ شائع ٿيندڙ خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي رفتار گهڻن سائنسدانن جي خيالن کان وڌيڪ تيز آهي. سائنسدانن جو چوڻ هو ته انهن جو اخلاقي جواز آهي ته هو انسانيت کي هر طرح جي تباهه ڪندڙ خطرن کان آگاهه ڪن. خط ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه مثبت شيون به سامهون آيون آهن جنهن سان شرح پيدائش ۾ گهٽتائي ۽ متبادل توانائي جي استعمال ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو پر گهڻي قدر  مليل انگن اکرن موجب معلوم ٿئي ٿو ته انسان تمام گهڻي تيزي سان غلط رخ طرف وڌي رهيو آهي. هنن ٻڌايو ته گوشت جي استعمال ۾ اضافو، گهڻا هوائي سفر، ٻيلن جو تيزي سان ڪٽجڻ ۽ عالمي سطح تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي خارج ٿيڻ ۾ اضافو جهڙا قدم موسمياتي تبديلين جي رفتار ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. سائنسدانن جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي درجه حرارت وڌي رهيو آهي، سمنڊ گرم ٿي رهيا آهن، موسمياتي شدت وڌي وئي آهي، سمنڊي سطح بلند ٿي رهيو آهي، برف تيزي سان ڳري رهيو آهي انهن سڀ تبديلين تي فوري طور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو