ڀتو نه ڏيڻ تان ٻن واپارين کي قتل ڪندڙ 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گوليمار جي علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڀتو نه ڏيڻ تي واپاري ۽ سندس ڀائٽيي کي قتل ڪندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن گذرل مهيني پنج پنج لک روُپيا ڀتو نه ڏيڻ تي واپاري شبير الرحمان ۽ سندس ڀائٽيي کي قتل ڪيو هو. ترجمان موجب جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀُنگ لاءِ اغوا، ڀتي خوري ۽ ٻين وارداتن ۾ به ملوث آهن ۽ مختلف ٿاڻن تي سندن ڪرمنل رڪارڊ به موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو