ڪراچي (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ پاران نيا فيچر متعارف ڪراڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي فيس بوڪ جي زير ملڪيت ايپليڪيشن ۾ ايندڙ چند ھفتن اندر صارفين کي دستياب ٿي ويندا. انهن مان زياده تر فيچرز جي باري ۾ پھريان کان معلوم ٿي چڪو ھو ڇو جو اھي بيٽا ورشن ۾ اچي ويا هئا. مگر ھاڻي ڪمپني جي اعلان کان پوءِ اسان ڄاڻي چڪا آهيون ته اھي سڀ عام صارفين جي استعمال ۾ جلد اچي ويندا. انھن مان ھڪ فيچر نئين ڪانٽيڪٽس کي آساني سان ايڊ ڪرڻ جي حوالي سان آهي ۽ ان مقصد لاءِ واٽس ايپ پاران نيو ڪيو آر ڪوڊ متعارف ڪرايو ويو آهي. ان فيچر سبب صارف ڪنهن ٻئي صارف جي ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪري ڪانٽيڪٽس ۾ شامل ڪري سگهندا، يعني فون نمبر کي ٽائپ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. ھي فيچر ڪيترائي مھينا پھريان بيٽا ورشن ۾ آيو هو ۽ ھاڻي تمام صارفين لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان طرح سان ھڪ فيچر وڊيو ڪالنگ جي حوالي سان آهي جنهن کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي. وڊيو ڪالز ۾ پهريون ئي 8 ماڻهن تائين سپورٽ فراهم ڪئي وئي هئي، ھاڻي نئين فيچر ۾ صارف ڪال ۾ شريڪ ڪنهن به فرد جي آئيڪون کي ڪجھه دير تائين دٻائڻ سان فل اسڪرين ۾ ڏسي سگھندا. انھي طرح سان گروپ چيٽس اندر ھڪ وڊيو آئيڪون به ڏنو پيو وڃي جنهن جي ذريعي سنگل ڪلڪ سان گروپ وڊيو ڪال شروع ٿي ويندي، مگر ھي صرف انھن گروپن ۾ نظر ايندو جنهن ۾ ماڻهن جو تعداد 8 يا انهن کان گهٽ ھوندو. ھڪ ٻيو فيچر اينيميٽڊ اسٽيڪر پيڪس جو آهي جنهن جي آزمائش ڪجھه عرصي کان بيٽا ورشن ۾ به ٿي رھي آھي. بظاھر اھي اينيميٽڊ اسٽيڪرز واٽس ايپ ۾ موجود اسٽيڪرز جھڙا آھن بس انھن ۾ رڳو اينيميشن جو اضافو ڪيو ويو آهي. واٽس ايپ وشن ۽ ڊيسڪ ٽاپ سروس جي لاءِ ھڪ نئون ڊارڪ موڊ به پيش ڪيو ويو آهي جيڪو موبائيل ايپس اندر پھريان کان موجود ھو. آخري فيچر ڪائي آپريٽنگ سسٽم ڪم ڪرڻ وارن فيچرز فون اندر اسٽيٽس فيچر جو اضافو آهي. واٽس ايپ جو چوڻ آهي ته ويب ورشن لاءِ ڊارڪ موڊ ۽ ڪائي او ايس جو اسٽيٽس فيچر ھاڻي لائيو آھي جڏھن ته ٻيا فيچرز ايندڙ ھفتن ۾ صارفين لاءِ دستياب ڪيا ويندا.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ