ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست، ڀارتي سليڪشن بورڊ برطرف

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ٽيم جي هر فارميٽ لاءِ الڳ ڪپتان مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.ڀارتي ميڊيا موجب بي سي سي آءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع لاءِ ڀارتي ٽيم جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب روهت شرما جي جاءِ تي ٽي 20 ٽيم جو نئون مستقل ڪپتان مقرر ڪيو ويندو.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته روهت شرما ايندڙ سال ورلڊ ڪپ تائين ون ڊي ٽيم جي قيادت ڪري سگهي ٿو.ميڊيا رپورٽن موجب نئين سليڪشن ڪميٽي ٽيسٽ ڪپتان جو فيصلو ڪندي.واضح رهي ته آسٽريليا ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ تازي شڪست کانپوءِ بي سي سي آءِ چيف سليڪٽر چيتن شرما سميت سموري سليڪشن ڪميٽي کي هٽائي ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو