نت نئين حڪمت عملي ، سياستدان ۽ سهولتڪار پريشان

سيد زوار حسين شاه
اچو ته پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجهون ، سياستدانن جا چهرا اڳيان رکون ، ڪنهن ڇا ڇا ڪيو ، ڪير عوام دوست ۽ عوام دشمن رهيو ، مان سڀ کان پهريان قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي تي نظر وجهندس جنهن دسوتو پاڪستان ڏنو ، ايٽم بم ڏنو ۽ نڊر بهادر اڳواڻ ثابت ٿيو جنهن تي لکين عام ماڻهون جان ڏيڻ لاء تيار هيا ۽ جانيون ڏنيون ، جڏهن ته سنڌ جي شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه جنهن تي به ناز ڪيون ٿا پر پوء به ڪرپشن جي الزام هيٺ حڪومت جون وانگون کسيون ويون پر محترمه هڪ تاريخ آهي عوام سان بي پناهه محبت ڪندڙ شخصيت جي مالڪه هئي ، جڏهن ته ميان محمد نواز شريف جنهن مٿان به اربين روپين جي مني لاڻڊرنگ وڌيڪ اثاٿا ڄاهڻ جا الزام هيا ۽ سزايافته شخصيت آهي جنهن به سدائين پاڪ فووج سان منهن اٽڪايو جيڪو ملڪ جي بهتري ۾ نه هيو ، جڏهن ته سابق صدر پاڪستان آصف علکي زرداري جنهن مٿان به ڪيترائي الزام هيا عدالت سڳورين ڪيترا ئي مرتبه باعزت بري ڪيو سياست جو ان کي ابو سڏيو ويندو آهي پر هن وقت مان سمجهان ٿو ته شايد اها حيثيت نه هجي جيڪا هئڻ گهرجي ها ، پر جيڪڏهن مان ڪپتان عمران خان جي مسلسل 26 سلا جدوجهد تي نظر وجهندس ته بيباڪ بهادر ، عوام دسوٽ شخصيت سان گڏ هڪ ڪامياب ڪپتان نظر پيو اچي ، پاڪستان جي تاريز ۾ سڀ کان گهڻي م گهنا جلسه ڪري تاريخ رقم ڪئي ، پاڪستان ۾ ايم اين اي جي سيٽن تي سڀ کان ڌيڪ پاڻ بيهي ڪاميابي ماڻي جيڪو هاڻ ورلڊ رڪارڊ به ٿابت ٿي چڪو آهي ڪامياب ڪپتان ، ڪامياب سياستدان دنيا جو مڃيل ڪپتان سياستدان جنهن هن وقت به لانگ مارچ ڪري چورن لٽيرن کي نروار ڪيو پوري دنيا ۾ انهن جي چهرن تان نقاب لاٿو ، تاريخ لانگ مارچ جيڪو هن وقت به لبرٽي چوڪ لاهور کان روانو ٿيو جيڪو اڃان به لاهور کان چند ڪلو ميٽرن تي مشتمل آهي ، جڏهن ته حقيقي لانگ مارڇ دوران پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي دعويٰ ڪئي آهي ته لانگ مارچ دوران بيڪ ڊور ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته عمران خان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي، لانگ مارچ لاءِ هر ضلعي ۾ نئين ٽيم ايندي آهي ۽ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ گجرات ۾ به ترسندا. هن چيو ته جڏهن به لانگ مارچ ٿيا آهن ڳالهيون ته بيڪ ڊور تي ٿينديون اهن ۽ بيڪ ڊور تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۾ انسانن جو نه پر جانورن جو نظام آهي، شهباز شريف اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي، راڻا ثناءُ الله 18 قتل ڪيا. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اهي ڳالهيون لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن سان سادهوڪي ۾ خطاب ڪندي ڪيون. ان موقعي تي اسد عمر، فيصل جاويد ۽ فواد چوڌري سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. عمران خان چيو ته انسان ۽ جانورن جي معاشري ۾ هڪ فرق هوندو آهي. جانورن جي معاشري ۾ انصاف ناهي ٿيندو. جڏهن ته انسانن جي معاشري ۾ انصاف هوندو آهي. جيڪڏهن انسانن جي معاشري ۾ انصاف نه هجي ته اهو جانورن جو معاشرو بڻجي ويندو آهي. عمران خان چيو ته اوهان جي سامهون پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي. هتي چورن ۽ ڦورن کي اسان مٿان مڙهيو ويو آهي. هنن مهانگائي سان عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. اربين روپيه ڏئي ماڻهن جا ضمير خريد ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته پاڪستان جي شهرين تي اهڙي طرح تشدد ڪيو ويو جيئن هو ڪي دهشتگرد آهن. اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو ان تي کيس شرم اچڻ گهرجي. اعظم سواتي مٿان پوٽي ۽ پوٽين سامهون تشدد ڪيو ويو. لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته راڻا ثناءُالله 10 قتل ڪيا، شهباز شريف اربين روپيه ڦر ڪيا. آصف زرداري هن ملڪ جي سڀني کان وڏي بيماري آهي ۽ هو ملڪ جو وڏو ڏوهاري آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وزيراعظم شهباز شريف طرفان گذريل ڏينهن آرمي چيف جي مقرري بابت ڏنل بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته ٻڌي ڇڏيو مان بوٽ پالش ڪندڙن سان ناهيان ڳالهائيندو. لانگ مارچ جي ٽئين ڏينهن خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شهباز شريف! توهان هڪ بيان ڏنو ته مان توهان کي پيغام موڪليو، ٻڌي ڇڏيو، بوٽ پالش ڪندڙن سان ناهيان ڳالهائيندو، مان انهن سان ڳالهه ڪئي، جن سان ملڻ لاءِ شهباز شريف گاڏي جي ڊگي ۾ ويندو هو، شهباز شريف کي ڇو پيغام موڪليندس؟ اهو ڇا ڪندو؟ هن چيو ته مان ڪنهن ملٽري ڊڪٽيٽر جي نرسري ۾ ناهيان پليو، آزاد ماڻهو آهيان، مري سگهان ٿو پر غلامي نٿو ڪري سگهان، قوم هن حڪومت کي نٿي مڃي، اڄ ڏسو قوم ڪٿي بيٺي آهي، مان اسٽيبلشمينٽ سبب نه پر عوام جي طاقت سان آيو هيس. سندس چوڻ هو ته فوج به منهنجي آهي ۽ ملڪ به منهنجو آهي، فوج تي تعميري تنقيد ڪندو آهيان، اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺا آهيون، ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، مان رڳو قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو، عوام جي حقن جي حفاظت چاهيان ٿو. بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته ملڪي سياست وڏي اهم موڙ تي اچي چڪي آهي، نومبر جو مهينو تمام اهم ثابت ٿيندو. گذريل ڏينهن مارچ جي ڪنٽينر کي چيو ويو ته حڪومت سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر مان واضح ڪندو هلان ته پي ٽي آءِ سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن ۽ نه ئي اهڙين ڳالهين ۾ ڪا صداقت آهي. عمران خان اقتدار جي حوس ۾ اتي پهچي چڪو آهي، جتي وطن جي محبت ڪا به حيثيت نه ٿي رکي، ان لاءِ اول ۽ آخر صرف پنهنجي ذات آهي. اقتدار جي محرومي عمران خان کي وطن دشمني تي وٺي آئي آهي. عمران خان جي زبان پاڪستان دشمني جي زبان آهي. ان جي ڪارڪنن جي تربيت جي بنياد نفرت ۽ ڏڦيڙ تي آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سيالڪوٽ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ آءِ ايس آءِ خلاف عمران خان جيڪا فرمائشي زبان استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا ان کي فل ڪوريج ڏئي رهي آهي، عمران خان کي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي سپورٽ ڪري رهي آهي. عمران خان پاڪستان جو ازلي دشمن ڀارت جو ترجمان بڻجي ويو آهي. عمران خان جي پاڪ آرمي مخالف نعرن کي ڀارتي نيوز چينلن تي جهمريون هنيون پيون وڃن. پر عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي اها ڳالهه پڻ چڱي ريت سمجهڻ گهرجي ته اسان جي فوج ۽ اسان جون ايجنسين جو شمار دنيا جي بهترين فوج ۽ ايجنسين ۾ ٿئي ٿو، جيڪي هر وقت پنهنجي ملڪ ۽ قوم خاطر قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل ٻن مهينن دوران اسان جي هٿياربند فوج جا 77 بهادر جوان ملڪ ۽ قوم جي دفاع خاطر پنهجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي، پر عمران خان ۽ ان جا هواري کين شهيد جوانن خلاف پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، ڇا اها آهي انهن جي حب الوطني؟ بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ ايجنسين تي مسلسل تنقيد ڪرڻ تي عمران خان ڀارتي ميڊيا جي اک جو تارو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان جو اصل چهرو عوام آڏو اچي چڪو آهي ۽ ماڻهو ان کان پوئتي هٽي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن جي جمعي کان شروع ڪيل لانگ مارچ جنهن ۾ لاهور اندر 10 کان 12 هزار ماڻهو موجود هئا، پر مريدڪي تائين پهچندي اهو انگ گهٽجي 3 کان ساڍا 3 هزار ماڻهن تائين رهجي ويو آهي ، برحال منهنجي نظر ۾ ڀکلي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري حقيقت اها آهي ته ڪپتان جهڙو بهادر بيباڪ غيرت مند عوام دوپست اڳواڻ مان ناهي ڏٺو ، جنهن طرح سان هن پاڪستان ۾ انهن سياستدانن جن مٿان به ڪرپشن جا الزام آهن يا جن مٿان ڪيس ثابت ٿيا انهن خلاف جهاد في سبيل الله ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي ، مان سلام پيش ڪيان ٿو ، حڪومت وقت جي وزيراعظم جناب شهباز شريف سميت بين وزيرن ترجمانن جو شايد ذهن ڪم نه ڪندو هجي ، جهڙي ريت نئين حڪمت عملي جوڙي لکين ماڻهون پيدل ساڻ ڪري اسلام آباد وڌي رهيو آهي اهو به هڪ رڪارڊ آهي ، برحالم ڪپتان نت نيون حڪمت عمليون جوڙي نه صرف چورن لٽيرن جون ننڊون حرام ڪيون آهن پر کل نائيڪ سنجي دت جيان وزيرداخله ، سهولتڪارن کي به پيغام ڏنو آهي ته عوام جي طاقت ئي سڀ ڪجهه آهي ، اليڪشن کان سواء مون وٽ ڪوئي ٻيو آپشن ناهي ، جيڪو به هاڻ صدر پاڪستان کي اخيار ڏنو آهي ته بس هو ئي ڳالهيون ڪندو ، جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم موجب پر امن آهيان پر امن سفر ڪنداسين ، عوام پڙهيل لکيل آهي ، هو سمجهي سگهي ٿو ته اسان کي اسلام آباد ڏانهن سفر ڪرڻو آهي ، برحلا ڪپتان جي نت نيئن حڪومت عملي بعد سياستدان ، حڪومت وقت ، سهولتڪار به پريشان آهن ته هن مسئلي جو حل ڪيئن ڪڍجي ، جڏهن ته سڀنن کي ملڪ جي مفاد ۽ عوام جي راء جو احترام ڪرڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو