ڊيم فنڊ جي رقم حڪومت سيڙپڪاري ۾ لڳائي آهي، مونس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڻي جي وسيلن بابت وفاقي وزير مونس الاهي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ڊئم فنڊز ۾ گڏ ٿيل رقم ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊئم بدران سيڙپڪاري تي خرچ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي ساهي دوران هن ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊئمن جي اڏاوت لاءِ 10 جولاءِ 2018ع تي ڊئم فنڊ قائم ڪيو هو، سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل ڄاڻ موجب فنڊز ۾ ڪُل 12 ارب، 93 ڪروڙ، 40 لک رُپين کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي، واپڊا کي ڊئم فنڊ مان هيل تائين ڪابه رقم ناهي ملي، فنڊز جي رقم سان آگسٽ 2020ع تائين 6 ڀيرا ٽريزري بلز تي سيڙپڪاري ڪئي وئي، ھن وقت ديامير ڀاشا مھمند ڊيم جي فنڊ اڪائونٽ ۾ ڪل 7 لک 99 ھزار 3 سئو 58 رپين جي رقم موجود آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو