ڀارت اڳرائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، وزيراعظم

اسلام آباد (اياز مهر) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت م هلندڙ تحريڪ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪو جعلي آپريشن ڪيو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن عالمي برادري کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته هو ڀارتي ڌمڪين ۽ ڪنٽرول لائن تي ٿيندڙ سرگرمين تي نظر رکن. اهڙو اظهار هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.

عمران خان گذريل ڪجهه ڏينهن کان خاموش هو ۽ خصوصي عدالت پاران پرويز مشرف کي ڏنل موت جي سزا بابت به هن ڪو تبصرو نه ڪيو هو. عمران خان جو هي بيان ڀارتي آرمي چيف جي بيان بعد سامهون آيو آهي جنهن چيو هو ته ڪنٽرول لائن تي حالتون ڪنهن وقت به بگڙِي سگهجن ٿيون. اهي خبرون به سامهون آيون هيون ته ڀارت مختلف جاين تان ڪنٽرول لائن تي لڳل ڪنڊيدار تار ڪٽي ڇڏي آهي ۽ ٽينڪ شڪن ميزائل نصب ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مودي جو هندو بالادستي واري نظريي خلاف هندوستان ۾ وڏي تحريڪ جنم ورتو آهي ۽ ان تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هو پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿو يا جعلي آپريشن جو ڊرامو ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم اهو بيان آرمي چيف سان ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات بعد جاري ڪيو. جسٽس گلزار جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي صدر، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ چيف جسٽس ۾ غير رسمي ملاقات به ٿي. عمران خان چيو ته ڀارت ڪو به فالس فليگ آپريشن بابت ڀارتي آرمي چيف جي بيان سان اسان جي خدشن جي تصديق ٿئي ٿي پر ڀارت کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان کين ڀرپور جواب ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو