پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاج، فصل سڪي ويا پاڻي ڏيو

گلاب لغاري (شاھنواز لغاري)گلاب لغاري جي ميرانکوري شاخ جي پوڇڙي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب آبادگارن ۽ ھارين جو شاخ جي 25 آرڊي تي پٺا اگھاڙا ڪري ڪوڏرون ڪلهن تي رکي سڪل ووئنڻن جا ٻوٽا کڻي احتجاج ڪيو ويو. آبادگارن مطالبن جي مڃتا وارا بينر ھٿن ۾ کڻي آبپاشي ايس ڊي او ۽ ٻي عملي خلاف سخت نعريبازي ڪندي پاڻي پهچائڻ جو مطالبو ڪيو. محبوب خان سريوال طيب درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پٺا اگھاڙا ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري اسان جا پوکيل زرعي فصل وونئڻ، مرچ، گوار ، جنتر ۽ بيا فصل سڪا پيا وڃن ۽ معاشي طور تي اسان کي ڪنگال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ھنن الزام هنيو ته ايس ڊي او آبپاشي اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري رھيو آهي پاڻي نه پھچڻ ڪري اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آهي ھنن چيف جسٽس  پاڪستان وزير اعليٰ سنڌ چيف سيڪريٽري سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته شاخ جي پوڇڙي ۾ پاڻي پھچائي پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو