پسند جو پرڻو، ناري کنڀڻ جي ڪوشش ناڪام، احتجاج

مورو(ن س) ملڪ ڪالوني ۾ بااثرن پاران گھر تي فائرنگ چڙھائي ۽ نوجوان ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش واري عمل خلاف لطف علي کوسو, اظهار علي کوسو, باغ ڀٽي, مختيار کوسو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا عزيز اسان جا دشمن بڻجي ويا آھن اڳ به اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو ۽ گذريل رات شفيع محمد , ممتاز کوسو ۽ ٻين گهر تي فائرنگ ڪري ناري فوزيا زال شاهد کوسو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته ناري جي رڙين ۽ بااثرن جي فائرنگ سبب پاڙيوارا سجاڳ ٿي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ جوابدار فرار ٿي ويا اسان اهڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي آھي پر پوليس ڪو ايڪشن ناهي کنيو. اغوا کان بچي ويل ناري ٻڌايو ته مان پنهنجي ۽ پنهنجي مائٽن جي راز خوشي سان نڪاح ڪيو آھي جنهن کان پوء منهنجا مائٽ منهنجي ۽ منهنجي مڙس ۽ سندس گهر وارن جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن مان پنهنجي مڙس وٽ خوش زندگي گذاري رهي آھيان اعلي عملدارن کي اپيل ٿي ڪريان ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي قانوني گرفت ۾ آندو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو