مسرور شاهه جي قتل خلاف احتجاج، ڪيس داخل ڪريو

سڪرنڊ(فقير راج ڪماراوڏ) جسقم سڪرنڊ پاران جي ايم سيد چوڪ کان صحافي چوڪ تائين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مبينه تشدد سبب فوت ٿيل قومي ڪارڪن مسرور شاهه جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي جسقم جو اڳوڻو مرڪزي صدر سرفراز ميمڻ، ڊويزنل آرگنائيزر هاشم لغاري ، ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي ۽ تعلقه صدر مسعود شاهه ڪري رهيا هئا. ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي صحافي چوڪ تي پهتي ۽ هڪ وڏي مظاهري جي شڪل اختيار ڪري ورتي . مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هفتو اڳ رينجرز ۽ پوليس رات جي انڌيري ۾ بنا جواز قومي ڪارڪنن جي گهرن ۾ گهڙي مردن،عورتن ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ آئين ۽ قانون کان مٿانهان قدم کڻندي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو . هنن چيو ته هفتو اڳ ان ساڳي رات قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جسقم تعلقي صدر مسعود شاهه جي گهر ۾ گهڙي ان جي ڀائرن ، پٽن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ۽ ان تشدد سبب مسعود شاهه جو ڀاء مسرور شاهه جنهن جي ٻه هفتا اڳ شادي ٿي هئي ، سو تشدد جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو . هنن مطالبو ڪندي چيو ته مسرور شاهه جي ناحق خون جي ايف آء آر درج ڪري واقعي جي جاچ ڪري، سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ٻين سنڌ جي جائز حقن لاء جاکوڙيندڙ پرامن ڪارڪنن کي بلاجواز تنگ ڪرڻ بند  ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان پرامن احتجاجن جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائي سگهون ٿا . مظاهري ۾ جساف اڳواڻ گل ڏاهري ، ايس يو پي جي شهمير جمالي . بادل بروهي ،ناصر شاھ ، راڻو جلباڻي ، منير ابڙو ۽ ٻين سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو