سياست ۾ چاپلوسي ڪلچر وڌي ويو،مير ذوالفقار چانڊيو

اڄ ڪلهه اسان جي معاشري مان نظرياتي ۽ سچن کرن ماڻهن جي گھٽتائي ٿي رهي آهي ائين کڻي چيجي ته معاشري مان سچي ۽ کري ڪردار جا ماڻهو گھٽ ٿيندا پيا وڃن .يا انهن کي انهن جيتري عزت ۽ مرتبو نه ملڻ جي ڪري ھن معاشري مان مايوس ٿي ڪري پاڻ پو ئتي وڃڻ تي مجبور آهن. ھونءَ به اڄ ڪلهه سچي ۽ نظرياتي ماڻهو جي عزت گھٽ باقي ڪوڙي ٺڳ جي عزت وڌيڪ ٿيندي پئي وڃي پر منهنجي مضمون جو موضوع معاشري جي ڳالهه نه پر سياسي پارٽين ۾ رھندڙ نظرياتي ورڪرن  جي آهي ھتي ڪنهن ھڪ سياسي پارٽي جي نه پر سڀني ملڪي سطح تي مشهور سياسي پارٽين جي ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾ سياسي پارٽين اندر نظرياتي قرباني ڏيندڙ ماڻهو گھٽ مطلبي مفاد پرست موقعي جي تلاش ۾ رھندڙ  سيلفي ورڪرن جي عزت ڪجهه وڌيڪ آهي. ھلندڙ ھفتي لاهور مان ڪنهن دوست فون ڪري چيو ته يار ذوالفقار پ پ پ لاڙڪاڻي  ۾ نه پر لاهور ۾ جنم ورتو  ۽ اڄ 50 سال کان پوءِ لاهور وارا ايتريقدر خراب ٿي ويا آهن. آخر لاهور جي جيالن کي ڪير ياد ڪرڻ وارو ڇو نه آهي؟ اسان جي ليڊرشپ اسان کي ڇو وساري ڇڏيو آهي. مون کيس ڪجهه آٿت ڏيندي چيو ته يار خير ته آهي ڇا مسئلو آهي جو اڄ اھڙيون ڳالهيون پيا ڪيو . چيائين ته 19 نومبر تي پ پ پ جي نظرياتي جيالي پ پ پ جي سابق جنرل سيڪريٽري ۽ مختلف وزارتن تي رھندڙ لاهور جي رھواسي جھانگير بدر جي ٻئي ورسي ائين ئي خاموشي سان گذري وئي جنهن جي لاء پارٽي طرفان نه ڪا تقريب ٿي ۽ نه وري ليڊرشپ طرفان ڪو تعزيتي پيغام شايع ٿيو نه وري صوبائي سطح تي ڪا تعزيتي تقريب منعقد ڪئي وئي. سو ويٺي ويٺي دل ۾ خيال ڪيم ته ڪجهه نظرياتي ماڻهن کي به ياد ڪجي . سو منھنجا سائين اھو وقت ناهي رھيو اھا ليڊرشپ ناهي رھي جيڪا ھڪ دفعو ورڪرن سان ملندي ھئي ته ھميشا انهن غريب ڪارڪنن کي ياد رکندي ھئي پر افسوس ته اڄ جي ليڊرشپ ته ماڻهن سان ملڻ لاء تيار ئي ناهي ته انهن کي ياد ڪٿان ڪندي؟. مسلم ليگ نواز ۾ به اھڙي طرح نظرياتي ماڻهن جي ڪا عزت ناهي رھي جنهن جو مثال ته سنڌ مان سابق وزيراعليٰ غوث علي شاھ جو آهي جنهن جون ڪافي قربانيون ڏنل آهن پر افسوس نواز ليگ جي پوئين حڪومت ۾ غوث علي شاھ کي تمام گهڻو نظرانداز ڪيو ويو ۽ ھن وقت ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي ته ان پارٽي ۾ به نظرياتي ورڪرن کي گهڻو نظرانداز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لاهور مان چوڌري اعجاز ۽ جسٽس وجيهه الدين سميت پارٽي جي بنيادي ماڻهن کي حڪومت ته ڇا پر پنهنجي ٺاھيل پارٽي کان پري ڪيو ويو آهي ته آخر ايئن ڇو ڀلا ٿي ويو  آهي جيڪو پارٽي ۾ پراڻو سچو ۽ نظرياتي ورڪر آهي اھو اوترو ئي پارٽي کان پاسيرو  آهي پارٽي جا نام نھاد اڳواڻ اھڙن ماڻهن کي اڳتي اچڻ جي رستا روڪ ڪرڻ ۾ پورا  آهن . سنڌ ۾ ته ھر پارٽي اندر اھڙا ته نوان چھرا اچي ويا آهن جنهن جو ماضي ته داغدار رھيو آهي پر ھاڻي  اقتدار ۾ اچي ڪري اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن ۽ جيڪي ورڪر جيالن جيل جو صعوبتون سٺيون ڪوڙا کاڌا ضياء جي مارشلا جون تڪليفون  ڏٺيون اھي سڀ پوئتي ھليا ويا بس چاپلوس ۽ سيلفي ورڪر  اڳتي اچي ويا. شايد ليڊرن کي به چاپلوسي وڻي ٿي هنن کي ايماندار ۽ سچي ورڪر جي ضرورت ناهي. اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل مطلبي سياستدانن کي ڪير ڪجهه چوڻ وارو ناهي ھڪ اھڙو به وقت ھو جو ھر پارٽي اندر سياسي ٻولي ۾ طاقت جو سرچشمو عوام جو لقب ھو ۽ ھاڻي وري ساڳين پارٽين اندر طاقت جو سرچشمو عوام کي نه پر پيسي کي سمجھيو پيو وڃي. اڄ ڪلهه طاقت جو سرچشمو عوام  نه پر آمريڪا برطانيا کي سمجھيو پيو وڃي پر ڳالهه ايتريقدر وڃي پھتي آهي جو سياسي پارٽين اندر پيسي واري ڪارڪن جي عزت تمام گهڻي آهي. عھدا ۽ مرتبا به انهن کي ئي ملندا آهن . تاريخ ياد ٿي رکي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا نه ڪيا پر 2008 کان 2013 تائين پ پ پ صدر آصف زرداري حڪومت جا پنج سال پورا ڪيا جنهن جي ٻئي وجهه ڀلي ھجي  پر ھڪڙي وجهه اھا ضرور آهي ته 2008 کان وٺي پ پ پ اندر نظرياتي ورڪرن جي اھا عزت ناهي رهي. پ پ پ جا نظرياتي  ماڻهو ڪي پارٽي ڇڏي ويا ڪي وري پارٽي کان پاسيرا ٿي ويا بس جنهن جي خاص وجهه نظرياتي ماڻهن مٿان مفاد پرست ورڪرن کي گهڻي اھميت ڏني وئي. جڏهن ذوالفقار  ڀٽو کي ڦاسي ڏئي شھيد ڪيو ويو ته ان جي ڏک ۾ يا رد عمل ۾ ملڪ جي ڪافي جيالن ورڪرن  خودڪشي ڪئي پاڻ کي زنده باھ ڏئي ساڙي رھيا ھئا ۽ ھڪ اھو وقت آيو جو محترمه بينظير  ڀٽو ايم آر ڊي تحريڪ جو اعلان  ڪيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ھزارين جيالن پنهنجي محبوب ليڊر جي حڪم تي لبيڪ چئي ان تحريڪ جو حصو رھيا ۽ ھزارين ورڪرن جانين جا نذرانا ڏنا. ھزارين ماڻهو جيلن ۾ ويا ان جو ھڪ سبب اھو  آهي ته ان دور جي ليڊرشپ  ۽ ڪارڪنن ۾ محبت ۽ عزت جو رشتو ھو . انهن جي طاقت جو سرچشمو عوام هو ۽ ھاڻي اھو دور اچي ويو  آهي جو پارٽي جي ليڊرشپ گرفتار پئي ٿئي ته ڪي ڪارڪن سياسي گرفتاريون ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر جلوس ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. ڇو ته اڄ جي سياستدانن جي طاقت جو سرچشمو عوام نه پر پيسو آهي ۽ سايد تڏهن ڪرائي وارا ڪارڪن آندا وڃن ٿا. سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي سوچڻ گھرجي ته نظرياتي ماڻهن کي اڳتي اچڻ ڏيو ڇو ته نظرياتي ورڪر مرڻ گهڻي تائين پارٽي سان ساٿ نڀائين ٿا جڏهن ته مفاد پرست ۽ سيلفي ورڪر صرف پنهنجي مقصد مطلب تائين پارٽي سان رھن ٿا جنهن کي پارٽي سان محبت نه پر پنهنجي لالچ ھوندي  آهي. خدارا پنهنجي پارٽين کي طاقت جو سرچشمو عوام  جي منشور تي ھلايو ڪجهه سچن نظرياتي ورڪرن  جيالن جي قدر ڪيو نه ته اھو ڏينهن پري ناهي جيڪي ورڪر توهان جي احتجاج ۽ مظاھري ۾ شريڪ نه ٿا ٿي سگهن سڀاڻي اھي ساڳيا ورڪر توهان کي ووٽ جي طاقت ڏيڻ لاء تيار نه ھوندا.


پهنجو تبصرو موڪليو