فريال ٽالپر جي نيب ۾ پيشي، ٻن هفتن ۾ جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي فريال ٽالپر نيب آڏو جوائنٽ وينچر ڪيس ۾ پنهنجو ابتدائي بيان رڪارڊ ڪرائي ورتو آهي ۽ رشوت وٺڻ وارن الزامن کي غلط قرار ڏنو آهي. جوائنٽ وينچر ڪيس ۾ هن ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي هئي ۽ عدالت کيس ڏهه لکن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ تي 29 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي. پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس بعد اربع تي نيب اسلام آباد آڏو پيش ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته کائنس جوائنٽ وينچرڪيس ۾ هڪ ڪلاڪ تائين سوال جواب ڪيا ويا. وري بعد جواب ڏيندي. جنهن دوران ڪيترن سوالن جا جواب هن اهو چئي نه ڏنا ته هوءَ رڪارڊ ڏسي وڪيلن سان مشوري بعد جواب ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب طرفان هڪ سوالنامو فريال ٽالپر حوالي ڪيو ويو آهي ۽ کيس ٻن هفتن ۾ تفصيلي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته زرداري گروپ جي ڪمپنين ۽ بحريا ٽائون ۾ طئي ڪيل معاملن ۾ مٿس وڏي رشوت وٺڻ جو الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو