ڪراچي (نمائندن وٽان) اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن رڻ باري ڏنو آهي ۽ درياءَ جي ڪچي واري علائقي جي ٻنهي پاسن اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن. هڪ پاسي پنو عاقل مان ٽريڪٽر ٽرالي سميت 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا ته بخشا پور مان مولوي کي اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب ڪچي واري علائقي کڏھري ٿاڻي جي حد مان ٽريڪٽر ٽرالي سميت ٽي ڄڻان اغوا، رھواسين جو مظاهرو. ڳوٺ سيد جي رهواسين امان ﷲ مهر، هاشم مهر، راهب مهر ۽ ممتاز مهر مظاهرو ڪندي چيو ته رات اسان جا ماڻهون منٺار مهر، مهراب مهر ۽ محمد علي مهر پنهنجون ذاتي ڪاٺين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪچي کان شهر طرف ڪاهي وڃي رهيا هئا ته کڏهري ٿاڻي جي حد رستي مان ٽلڻ گهياڻي جتوئي، اڪبر جتوئي، ڪرڙ جتوئي ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري ۽ ٽنهي ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن اسان کي جڏهن صبح جو اهڙي خبر پئي ته ٽريڪٽر ٽرالي جا پيرا کڻي ٽلڻ جتوئي جي اوطاق ويجھو وڌا سين ۽ پوليس کي اطلاع ڏنوسين پر هن مهل تائين ڪو به رزلٽ نه نڪتو آهي، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون کي گذارش ڪيون ٿا ته اسان جو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٽي ماڻهو اغوا ٿيل جلد واپس ڪرايا وڃن ڦر ۽ اغوا ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي. بخشاپور مان سھيل جان ڊومڪي موجب بخشاپور واسي مولوي ڪرم الدين چنا ۽ سندس سھرو ڪم سانگي ڪنڌڪوٽ لاء نڪتا ته واپس ڪونه موٽيا ۽ اغوا ٿي ويا مغوي مولوي ڪرم الدين چنا جي ڀاء سفرالدين چنا ٻڌايو ته گذريل ڏينهن منهنجو ڀاء پنهنجي سھري ڏھرڪي واسي علي حسن چنا سان گڏ ڪم سانگي ڪنڌڪوٽ لاء روانا ٿيا ته گھر واپس ڪونه پھتا. مغوي جي فون تان ڌاڙيلن ٻنهي جي اغوا جي تصديق ڪندي 20 لک رپيه ڀنگ طلب ڪيو آهي ۽ ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنھي ڄڻن کي ماري لاش اڇلائي ڇڏڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي. هن چيو اسين غريب آهيون رقم نٿا ڀري سگهون، علائقي جي با اثرن ۽ پوليس کي اپيل آهي ته کين بازياب ڪرايو وڃي.
ناڪاري پروپيگنڊا ترقي ۽ خوشحالي کي روڪي نه ٿي سگهي
ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي
گڏيل ڪوششن سان ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿي پئي
همايون ويجهو 3 ڄڻا قتل، منهنجو يا پٽ جو واقعي سان تعلق ناهي: امتياز
سون اگهه ۾ وري چاڙهه، سوين رپيا مهانگو ٿي ويو
اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن جاري، ن ليگ سرفهرست
پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ملي،ٻڌڻي ملتوي
ڪشمور ۾ ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، عورت فوت، 3 ڄڻا زخمي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي بعد ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان
فوجي ڪمانڊرجي شهيد ڪسٽم اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات
وردي پائڻ تي مريم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت رپورٽ طلب
مريم تي پوليس يونيفارم پائڻ تي ڪيس ٿيڻ گهرجي: سيف
نواز پاران پارٽي کي عوامي سطح تي فعال ڪرڻ جي هدايت
پاڪستان هڪ اهم ساٿي آهي، آمريڪا
اهم رانديگرن جي نه کيڏڻ سان فرق پوندو آهي، فخر زمان
جنسي زيادتي، فلم پروڊيوسر هاروي وائنسٽن جي سزا رد
واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت ختم
نوجوانو! سنڌ توهان جي منتظر آهي!!
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26