ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج جاري، گورنر هائوس آڏو ڌرڻو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي سڏ تي سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ تي وفاقي والار خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ملير کان وڏي تعداد ۾ نڪتل قافلن طرفان گورنر هائوس پهچڻ بعد مظاهرو ڪري وفاقي حڪومت خلاف سخت نعرا هنيا ويا. قومي گيتن جي گونج تي هزارين ڌرتي ڌڻي پنڌ هلندا رهيا.

Photo screen shot

ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي گورنر هائوس ۾ ياداشتنامو پيش ڪندي ٻيٽن تي شهر اڏڻ کي رد ڪندي چيو ته صدارتي آرڊيننس رد ڪيو وڃي. يادداشتنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي وفاقي قبضي لاءِ آرڊيننس جي صورت ۾ جاري ٿيل نادر شاهي حڪم آئين جي ڀڃڪڙي آهي، وفاقي سرڪار پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس واپس وٺي سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري، وفاق طرفان سنڌ جي ڪنهن به حصي تي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ کي صوبي جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۾ پيپلز پارٽي به ڀائيوار آهي، سنڌ جو عوام وسيلن تي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندو، ايس ٽي پي طرفان آرڊيننس رد ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ اعلان ڪيو. مقررن چيو ته ڏنگي ٻيٽ تي ڳجهه ڳوهه ۾ تعمير ڪيل عمارت ڊاهي وڄي. ريلي ۾ سنڌ جي مختلف قومپرست پارٽين جا ڪارڪن، اڳواڻ، شاعر، اديب، سماجي اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.جلوس ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شريڪ هو.

Photo Screen shot

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضن خلاف سنڌ جي مختلف قومپرست پارٽين جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. لاڙڪاڻو ۾ پي پي شهيد ڀٽو، سکر ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ سڪرنڊ ۾ ايس يو پي پاران جلوس ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. شهداد ڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران احتجاج ڪيو ويو. ڪوٽڙي ۾ آبدگارن پاران احتجاج ڪيو ويو. گمبٽ ۽ سيٺارجا ۾ به احتجاج ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو