نشي ۾ ڌت پوليس اهلڪارن جي گهرن کي باهه

پڊعيدن(مجاهدشر)ليز تي ڏنل ريلوي ڪواٽرن  تي مبينا طور نشي ۾ ڌُت ريلوي پوليس اهلڪارن پاڻ ۾ وڙھڻ بعد 4گھرن کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن ۾ 3 ٻڪريون 5 هنڌ 2 کٽون مال جو بُهه  اٽو ۽ ٻيو سامان سڙي ويو . اهڙي اطلاع ملڻ کان پوء پوليس واقعي واري جاء تي پھچي پوليس اهلڪار جاويد لاشاري  ۽ عبدارحمان عرف ننهو کي گرفتار ڪري ورتو ان موقعي تي باھ لڳڻ ڪري متاثر ٿيل رهواسين عرس سولنگي سهيل احمد جٽ  عبدالغني لاشاري امداد سولنگي مختيار لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته ريلوي پوليس اهڪار رات دير تائين ڪواٽر ۾ شراب واپرائيندا آھن ۽ پاڙي جي رهواسين کي پڻ تنگ ڪندا آھن هنن ٻڌايو ته رات شراب جو نشو ڪرڻ کان پوء اهلڪار پاڻ ۾ وڙھي پيا جنهن کان پوء هنن نشي جي حالت ۾ گھرن کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ چار گھرن کي باھ لڳي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو