سابق جج پاران ججن جي ڀرتي ۾ جنرلز جي مداخلت جو اقرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سابق جج جسٽس (ر) اعجاز احمد چوھدري چيو آهي ته پاناما پيپر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فيصلي کي 1970 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف فيصلي جيان تڪراري سمجهندي ياد رکيو ويندو. 2015 ۾ رٽائرڊ ٿيل جسٽس اعجاز احمد وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ جسٽس قاضي فائز عيسي خلاف ريفرنس تي ڳالهائيندي چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن ايجنسيون ججز جي تعيناتي ۾ مداخلت ڪنديون آهن. سندس چوڻ هو ته 2014 ۾ اسلام آباد جي ڌرڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي اڳوڻي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي پاران دعوا ڪئي هئي ته سپريم ڪورٽ ذريعي نواز شريف کي اقتدار کان ٻاهر ڪيو ويندو. اھو ٻڌي سپريم ڪورٽ جا ججز حيران رھجي ويا ڇو جو ان وقت جسٽس ناصر الملڪ چيف جسٽس پاڪستان ھو ۽ ھو صحيح ماڻهو ھو جيتوڻيڪ بعد ۾ اھا سپريم ڪورٽ ئي ھئي جنھن بالآخر نواز شريف کي 2018 ۾ پاناما پيپر ڪيس ۾ برطرف ڪري ڇڏيو. ڇا پاناما پيپر ڪيس جو فيصلو صحيح ھو جي جواب ۾ اڳوڻي جج چيو ته سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي اھڙا فيصلا آهن جنهن کي عوام قبول نٿو ڪري ۽ چوندو آهي ته اھي فيصلا درست ناهن مثال طور ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس، پاناما به انھي طرح جو ڪيس آهي. جسٽس قاضي فائز عيسي خلاف ريفرنس جي باري ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پاران ريفرنس ته ختم ڪيو ويو آهي ليڪن پنهنجي طرفان ھن پنھنجي گھر واري کي فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ پيش ٿيڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي ۽ ان فيصلي جي روشني ۾ سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن ۽ چيف جسٽس ان معاملي کي ڏسندا. ججز جي تعيناتي ۾ مداخلت بابت سوال تي هن هڪ واقعو ٻڌايو ته جڏهن هو جج مقرر ڪري رهيو هو ته هن کي آءِ ايس آءِ جي جنرل جو فون آيو جنهن چيو ته فلاڻي کي جج مقرر ڪريو. مون کيس چيو ته اوهان ليفٽيننٽ جنرل مقرر ڪندا آهيو ته هن چيو ته ها، مون چيو مانس اسانجو ماڻهو به مقرر ڪريو ته هن چيو ته اهو ممڪن ناهي، مون چيو ته پوءِ هي به ممڪن ناهي ته توهانجو ماڻهو جج ڀرتي ڪريون.، هن فون بند ڪري ڇڏي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) جي سينئر اڳواڻ ۽ وڪيل لطيف کوسا پاران جسٽس اعجاز احمد جي انٽرويو تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته عدليه کي ڪيترائي ڀيرا سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. ججز جي تعيناتي ۾ خفيه ادارن جي ڪردار جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته 18 ترميم کان پھريان خفيه ادارا ججز جي تعيناتي ۾ سازباز ڪري سگهندا هئا ڇو جو حڪومت جج مقرر ڪرڻ وقت انهن جي رپورٽ تي انحصار ڪندي ھئي. ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) حڪومت ۾ مشير قانون رھڻ واري بيريسٽر ظفر الله خان جو چوڻ هو ته پاناما پيپر ڪيس جو فيصلو انصاف جي قدرتي اصولن جي خلاف آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ھي پنهنجي نوعيت جو پھريون فيصلو آهي جنهن جو ڪو مثال نه ملندو جنهن ۾ حڪومت جي سربراهه کي اھڙي انداز ۾ نااهل قرار ڏنو ويو ھجي. بيريسٽر ظفر الله خان  جو چوڻ آهي ته عدالت عظمي پاران نواز شريف کي اقامي تي برطرف ڪيو مگر ٻين کي انھي ڪيس ۾ ڇڏي ڏنو ويو. ھڪ وفاقي وزير جو ڪيس ڪيترن ئي مھينن کان ھاءِ ڪورٽ ۾ زير التوا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو