نوشھروفيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي)مورو بوائز ھاء اسڪول ۾ ھلندڙ احساس ڪفالت پروگرام جي ڪوريج لاء آيل صحافي انور علي سولنگي ۽ رضوان جماڻي تي احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽن سرفراز ڪورائي ۽ ٻين نامعلوم ماڻھن پاران حملو ڪيو ويو. متاثره صحافين عوامي پريس ڪلب نوشھرو فيروز پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان کي ڪجهه ماڻھن شڪايت ڪئي ته احساس ڪفالت سينٽر تي پئسن مان ڪٽوتي ٿي رھي آھي جنھن جي ڄاڻ وٺڻ ۽ ڪوريج لاء پھتا سين ته اتي موجود ايجنٽ سرفراز ڪورائي ۽ ان جي ڪارندن اسان مٿان حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا, اسان حملي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاء پي ايس مورو پھتا سين ته ايس ايڇ او قربان قمبراڻي رپورٽ لکڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ڊي سي نوشھرو فيروز سان وڃي ملو اسان نوشھرو فيروز پھچي ڊي سي صاحب سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻڌايو ويو ته ڊي سي صاحب آفيس ۾ ناھي ان کان پوء اي سي صاحب جي آفيس به چڪر لڳايو پر ھو به پنھنجي آفيس ۾ موجود نه ھئا, ان ڪري اسان مجبورن عوامي پريس ڪلب نوشھرو فيروز پھچي اسان سان ٿيل ناجائزين خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي , صحافين وڌيڪ چيو ته جتي قلم ڌڻي محفوظ نه ھجن ته اتي عام انسان سان ڇا حالت ھوندي؟ هنن جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته کين تحفظ ڏنو وڃي.
ناڪاري پروپيگنڊا ترقي ۽ خوشحالي کي روڪي نه ٿي سگهي
ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اڇا جهنڊا کڻي ريلي
گڏيل ڪوششن سان ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿي پئي
همايون ويجهو 3 ڄڻا قتل، منهنجو يا پٽ جو واقعي سان تعلق ناهي: امتياز
سون اگهه ۾ وري چاڙهه، سوين رپيا مهانگو ٿي ويو
اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن جاري، ن ليگ سرفهرست
پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ملي،ٻڌڻي ملتوي
ڪشمور ۾ ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، عورت فوت، 3 ڄڻا زخمي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي بعد ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان
فوجي ڪمانڊرجي شهيد ڪسٽم اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات
وردي پائڻ تي مريم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت رپورٽ طلب
مريم تي پوليس يونيفارم پائڻ تي ڪيس ٿيڻ گهرجي: سيف
نواز پاران پارٽي کي عوامي سطح تي فعال ڪرڻ جي هدايت
پاڪستان هڪ اهم ساٿي آهي، آمريڪا
اهم رانديگرن جي نه کيڏڻ سان فرق پوندو آهي، فخر زمان
جنسي زيادتي، فلم پروڊيوسر هاروي وائنسٽن جي سزا رد
واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت ختم
نوجوانو! سنڌ توهان جي منتظر آهي!!
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26