سکر-ملتان موٽروي: چيني افتتاح خاطر ”ننڍڙي“ پروگرام تي راضي ناهن

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) چين جي اختيارين سکر کان ملتان تائين جُڙي راس ٿيل 03 سو 92 ڪلوميٽر ڊگھي موٽروي جي افتتاح ڌام ڌوم سان ڪرڻ جو شرط رکيو آهي. ان سلسلي ۾ رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزارت جي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته موٽر وي جي افتتاح لاءِ ٻه ڀيرا تقريب رکڻ جو تياريون ڪيون ويون ۽ وفاقي حڪومت چاهيو ٿي ته موجوده حڪومت جو سرگرم وزير مراد سعيد موٽر وي جو افتتاح ڪري پر چيني عملدارن انهيءَ ”ننڍڙي“ پروگرام راضي ٿيڻ جو اشارو نه ڏنو جنهن ڪري افتتاح هن وقت تائين ملتوي رهندو آيو آهي. جڏهن ته ان معاملي تي انگريزي اخبار ”ڊان“ هڪ خبر ڏيندي رٿابندي ۽ ترقيءَ جي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سي پيڪ تحت هلندڙ منصوبن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ رڪجي ويل معاملن کي اڳتي وڌائڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وئي. انهيءَ اجلاس دوران به سکر ملتان موٽر وي جي افتتاح لاءِ ”ننڍڙو“ پروگرام رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پر پاڪستان ۾ موجود چيني عملدارن افتتاح بابت ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ زور ڀريو ته سکر ملتان موٽروي 02 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جي لاڳت سان جُڙي راس ٿيل پهريون وڏو منصوبو آهي ان ڪري ان جو افتتاح به وڏي سطح تي ”ڌام ڌوم“ سان ٿيڻ گهرجي ۽ افتتاح جي هڪ وڏي تقريب رکي وڃي.  

پهنجو تبصرو موڪليو